ڀٽن جي واري تمام سنھڙي ۽ صاف آھي. منجھس ڪجھھ واريءَ جا ڀرڻا ڳوڙھا بھ ھوندا آھن. ان ايراضيءَ جي مٿاڇري جي صورت حال اھڙي آھي، جو ائين لڳندو تھ ڄڻ ڌرتي ڌڏڻ يا زمين جي اندروني آندولن ڪري ڀٽون مٿي اڀري آيون آھن. ٿر ۾ گھاڙ بھ ڏاڍي گھلندي آھي. واءُ ۾ واري بھ ھيڏي ھوڏي پئي وڙڪندي وتندي، ۽ ڀٽن کي نيون شڪليون ۽ صورتون پئي ڏيندي، پر ان ھوندي بھ ٿر جي ڀٽن جي ترتيب واسطي واءُ ايتري قدر ذميوار نھ آھي. پارڪر جو علائقو ٿر کان ڏکڻ – اوڀر واري ڏس تي آھي. اتر کان ڏکڻ سندس منڍو ٦٠ ميل ۽ اولھھ کان اوڀر ڊيگھھ ٣٠ ميل آھي. ھر ڳالھھ ۽ ڳڻ ۾ ٿر کان وکرو ۽ نرالو آھي. پارڪر ۾ سخت پاھڻ وارين ٽڪرين جو سلسلو موجود آھي. ٿر ۾ پٽ جھڙي ڪئنري واريءَ جون نرم ڀٽون آھن. پارڪر ۾، ويھن ميلن جي گھيري اندر ڪاٿي ننڍڙيون تھ ڪاٿي ڪجھھ اتاھيون ٽڪريون موجود آھن. زمين جي مٿاڇري کان سندن اچائي وڌ ۾ وڌ ٣٥٠ فوٽ کن ٿيندي. ھنن ٽڪرين جي وچ تي موجود ميداني علائقو، ڪڇ جي اوڀارئين حصي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو، جيڪو وچ تي رڻ ڪري ڪڇ کان الڳ ٿي ويو آھي. ٿر يا پارڪر ۾ ڪوبھ درياه يا ھميشه وھندڙ نئن وغيرھ ڪانھ آھي. پارڪر جي سامھون، رڻ جي حدن اندر ويرا واھھ ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ وڏي مشھور شھر جا کنڊر موجود آھن، جنھن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو. جين ڌرم سان واسطو رکندڙ ڪن مندرن جون جايون بھ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پارڪر جي موجوده شھر ڀوڏيسر جي ڀرسان ھڪ ڦٽي جا اھڃاڻ آھن. پارڪر ۾ ڪيترن ئي پڪن تلائن جي اڏاوتن جي موجودگي اسان کي اھو ڏيکاري ٿي، تھ پارڪر موجوده ٻن ٽن صدين کان اڳ گھڻو ترقي يافتھ ۽ وڌيڪ مھذب ھو.