مان سٺو ڪھاڻيڪار آھيان؟ مان اگھاڙو ڪھاڻيڪار آھيان؟ مان ڪھاڻيءَ ۾ عورت کي ذليل ڪندو آھيان؟ ڇا مون کان پاڻ مرادو ڪجھھ لازوال ڪھاڻيون لکجي ويون آھن؟ يا منھنجيون ڪھاڻيون پنھنجي وقت سان پنھنجي فنا کي پھچي وينديون، انھن ۾ ڪا دائميت ڪانھي؟ اھڙا ڪئين سوال منھنجي ذھن ۾ ترندا، ٻڏندا رھندا آھن. مون ڪڏھن بھ ھڪ ڪھاڻيڪار جيان سنجيدگيءَ سان انھن تي غور نھ ڪيو آھي. نھ ئي مان پنھنجي لاءِ مھا ڪھاڻيڪار جي چتي لڳائڻ يا ليبل چنبڙائڻ لاءِ تيار آھيان. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڪھاڻيءَ جي لڙاٽ ۾ فقط ايترو سو محسوس ڪندو آھيان تھ مان فطري ڪھاڻيڪار آھيان. مان ڪھاڻيءَ کي وڌ ۾ وڌ خوبصورت بنائڻ لاءِ تجربا ڪندو آھيان. ڪجھھ نواڻ لاءِ جاکوڙ اڌاري ورتل يا پاروٿي نھ ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪھاڻي لکجي ويندي آھي، ڪڏھن مڙئي لکجي ويندي آھي، ڪڏھن پنا ڦاڙي اڇلائي ڇڏيندو آھيان. ڪڏھن ڪڏھن محسوس ڪندو آھيان تھ مان ڪھاڻي لکڻ ئي نٿو چاھيان، پوءِ بھ لکي ويھندو آھيان. ھر واري ڪھاڻيءَ کان ڏنڀجڻ کان پوءِ مان ڪھاڻي سان کيڏندو آھيان يا ڪھاڻي مون سان کيڏندي آھي. اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪار قسم جي ڪابھ شيءِ حائل ڪانھي. منھنجو ۽ ڪھاڻيءَ جو رومانس پاڻ ۾ ڪنھن بھ ڪاروبار يا ونھنوار کان سواءِ ھلندو اچي. انتھائي بيزار ٿي پوڻ کان پوءِ مان ڪھاڻيءَ سان پيار ڪيو آھي. مان ان کي ڪنھن بھ قيمت تي نھ ڇڏي سگھيو آھيان ۽ نھ ڇڏي سگھندس. ادب ۾ لمبي ساھي تھ پٽي سگھجي ٿي، پر رزائن ڪري نٿي سگھجي. شعر، افسانو، ناٽڪ، ناول لکڻ اميراڻو ذوق آھي. ادب جي تاريخ تي نظر ڦھلائينداسين تھ مھا ڀارت جي سرجڻھار ويد وياس کان وٺي ھومر، ڪاليدار، شيڪسپيئر کان ويندي شاھ لطيف تائين، گوئٽي کان وٺي ليوٽالسٽائي ۽ ٽئگور، سڀ اميراڻا ٻار ھئا. غالب بھ ھڪ نواب جو ٻار ھو. پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾ ڪيئن ٽپي پيس!..... ھاڻ نڀائجي تھ نڀائجي ڪيئن؟ ھن پل صراط جھڙي ترار تان ھلندي، پاڻ ڪيئن سنڀالجي؟ مٿان باھ ۽ ھيٺان لاوي جو ساگر پيو ڇلي، موت کان سواءِ ڪٿي نھ ختم ٿيندڙ سفر. ايڏي عذاب ۾ مان لکان ڇو ٿو؟ ڇا ڪھاڻي سپنن جھڙي دنيا آھي، پراسرار ۽ وڻندڙ؟ شايد مان لاڳيتو ھڪ فئنٽاسيءَ جي دنيا ۾ رھندو اچان. سپنا ئي سپنا اڻندو ٿو رھان. اھڙا سپنا، جي رڳو جاڳ ۾ اڻبا آھن. مون ڪڏھن بھ ٻئي اديب سان پاڻ کي ڀيڻي نھ ڏٺو آھي، پوءِ بھ مان ھر وقت ڪامپيٽيشن ۾ ھوندو آھيان. منھنجو اھو مقابلو فقط پنھنجو پاڻ سان ھوندو آھي. شايد آئون ٻين کان مختلف ان ڪري آھيان جو مان ٻين کي ٻڌندو ئي نھ آھيان. ھر ليکڪ سٺو پاٺڪ بھ ھوندو آھي. مون کي شيام جئسنگھاڻي وڻندو آھي. لعل پشپ وڌيڪ وڻندو آھي. گنو سامتاڻي، ايشور چندر ۽ موھن ڪلپنا وڻندا آھن. ائين تھ وڻڻ جي ڪا انتھا ئي ڪانھي. ائين جيئن چيخوف، اوھينري. مارڪيز مون کي چيخوف جيترو نھ وڻندو آھي، نھ لعل پشپ جيترو. اٽليءَ جو سلوانو جو مون ھڪ ئي ناول پڙھيو آھي، ”فونتا مارا“، منھنجي پسند سؤ جي اندر آھي، انھن ۾ سلوانو جو نالو ھر وقت ياد رھڻ جوڳو آھي. نسيم احمد کرل تمام وڏو ڪھاڻيڪار ھو. جيئري عالماڻيءَ جو بھ ڪو مٽ ڪين ھو. اڃان ھن ڪھاڻيون لکڻ شروع ئي مس ڪيون ھيون تھ پاڻ ڪينسر ھاڻي ٿي ويو. ساڳيءَ ريت ماڻڪ کي بھ موت جي پيئڻ بلا وقت کان اڳي پي وئي. پر ڪنھن جي مرڻ سان ڪھاڻي ٿوروئي مري ويندي آھي. ماڻڪ ويو تھ طارق عالم اچي لکي پيو. عالماڻيءَ لکيو ۽ ھاڻ اختر رند لکي پيو. مان موڊي آھيان. ھر ليکڪ کي موڊي ھئڻ گھرجي (ھوندو آھي). مون کي ادب جي ديويءَ آڏو گل چاڙھڻا ھوندا آھن. تازا، نوان، باغي ۽ جھنگلي، ٿورائي سھي پر مون کي پاڻ کي وڻڻ گھرجن. منھنجي خوبصورتي اھا آھي تھ مان فقط پنھنجي لاءِ لکندو آھيان. نقاد ويچارا تھ ڇا، منھنجي اڳيان پڙھندڙ بھ نھ ھوندا آھن. اھا فئنٽاسي منھنجي پنھنجي اندر جي شيءِ آھي، بلڪل شاھ جيان: ميي سي ئي ماڻيا، جتي نھ ڀريا ڀونر، ڪنواريون ۽ ڪؤنر، ھلو تھ پسون ڪاڪ جا. مون ڪھاڻين ۾ عورت کي نيچ ڪيو آھي؟ منھنجي تھ خيال ۾، منھنجي ڪھاڻين جو مرڪز ئي عورت آھي. ڪڏھن ڪڏھن ان سان ڏاڍي اڍنگي ۽ اڻوڻندڙ نموني پيش ايندو آھيان. ان کي مان پنھنجي ڪھاڻين جي خوبصورتي ٿو چوان، جنھن کي شايد فقط آئون پاڻ ئي محسوس ڪندو ھجان. عورت تھ منھنجي ڪھاڻين جو مرڪز ھوندي آھي. بلڪھ منھنجي ڪھاڻين جي ڪل ڪائنات جو مرڪز عورت، ڪيڏي اونچي، ڪيڏي مضبوط، ڪيڏي نازڪ ۽ ڪيڏي خوبصورت ھوندي آھي. مان ان کي جيئن جو تيئن پنھنجي ڪھاڻيءَ جي ڪينواس ۾ اتارڻ چاھيندو آھيان. مان وري ڪالرج جو سھارو ٿو وٺان: (The Woman is ray of God) ۽ شاھ ٿو چوي: کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪيون. تھ پوءِ ڀلا مان عورت سان اھڙو ڪھڙو ناحق ڪندس؟ مان عورت جي خلاف نھ، پر عورت جي نيلام خلاف لکندو آھيان. عورت ويچاري تھ خوار خراب مھاجر ۽ بھاري ڪيمپن ۾ ٿيندي آھي، جتي وڏين وڏين ڏاڙھين وارا مذھبي ۽ سماجي ٺيڪيدار پنھنجو سياسي ۽ مالي ڪارخانو ھلائڻ لاءِ وڏن نعرن سان بھاري ۽ بنگالي عورتون، اسلام جي نالي ۾ گھرائي، واپار ڪندا آھن. اھڙن موقعن تي اڪثر مون کي نارائڻ شيام جي سٽ ياد اچي ويندي آھي. منھنجي آبزرويشن تي فٽ ٿي ايندي آھي: سردار ڪري واپار، سھڻي ٿانءَ ٺڪر جا وڪڻي. آئون خدا کان ڊڄي ڳالھھ ٿو ڪريان: ھر سال، ڏھھ ڏھھ، ويھھ ويھھ ھزار عورتون بنگال، ھندستان ۽ ٻين ملڪن مان گھرائي، انھن جي آبادڪاريءَ جي بھاني سان سندن وڪرو ڪيو ويندو آھي. ھا تھ ڳالھھ ھلي پئي ڪھاڻيءَ جي: ڪھاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحاڻي، نقطي، اصلاح عامھ يا پروپيگنڊا وغيرھ جھڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿاھين شيءِ آھي. ڪھاڻي فقط ڪھاڻي آھي
رڳو مذهبي ٺيڪيدار ئي عورتن کي ذليل و خوار ڪندا آهن ؟؟ باقي ڪامريڊ لڏو ته عورت کي جيڪا عزت ڏئي ٿو اها سڀني کي خبر آهي. ادا حقيقت پسند ٿيو انتها پسند نه. پنهنجي ڀيڻ کي ڪاري ڪري ماري ٿو ۽ چوي ٿو مان سنڌي آهيان ۽ غيرت ڪيم وري ساڳيو ئي ماڻهو رات جي ڪاري چادر ۾ پنهنجي محبوبه کي چوي ٿو ته تون کير جهڙي اڇي آهين. اتي عورتن کي ڪاري ڪري مارڻ وارا مذهبي ٺيڪيدار آهن ؟؟ باقي لکڻ جو انداز سٺو آهي.