1. مون ڀڳڙاتڏهن ٿي کاڌا جڏهن ملان هليو ٿي ويو. هڪڙي ڏينهن مسجد جي امام وتايي کي چيو ته نماز جي مهل آهي . جمعي جو ڏينهن سڳورو آهي، هلي نماز پڙهه. وتايي فقير کي ڪنهن کائڻ واسطي ڀڳڙا ڏنا هئا، جن جا ڦڪ ڀريندو پئي ويو . امام جي چوڻ تي سڌومسيت ۾ هليو آيو صفون ٻڌيون ته هي به هڪ صف ۾، جهولي ڀڳڙن سوڌي جهلي، نماز پڙهڻ بيٺو . هر هر هيڏانهن هوڏانهن ڏسيو، ڀڳڙن جي لپ وات ۾ هنيو، وري ماٺ ڪريو نماز پ ئي پڙهيائين . جڏهن نماز پڙهي فارغ ٿيا ته ماڻهن چيس فقير، تنهنجي نماز ڪانه ٿي ! تو نماز ۾ ڀڳڙا پئي کاڌا . وتايي چين ته مون ان وقت ڀڳڙا ٿي کاڌا، جيڏي مهل امام هليو ٿي ويو . هنن پڇيو ته امام ڪيڏانهن ٿي ويو؟ هُو ته نماز پڙهائي رهيو هو . وتايي چيو ته پڇي ڏسوس ته پهر ين ڍڳي ڳولڻ جي ويچار هيٺ هو ۽ پو گاهه هٿ ڪرڻ لا پئي ڊوڙيو .جڏهن اُتان خيالن موٽ ٿي کاڌس ته نماز ٿي پڙهيائين . ماڻهن مُلي کان پڇيو، جنهن چيو ته برابر مون کي نماز ۾ ٻه ڀيرا اهڙا خيال آيا هئا.