تاريخ نويسي ۽ وقايع نگاري مسلمانن جو ڏاج آهي. جيڪڏهن اسلامي اتهاس تي نظر ڪبي، ۽ ٻين قومن سان ان جو مقابلو ڪبو، ته واضح ٿيندو ته ڪنهن به مذهب يا ملت ايترا تاريخ نويس پيدا نه ڪيا آهن، جيترا مسلم قوم. ليڪن سنڌ جي حالت ۾ قصو برعڪس آهي. يا ته اسان جي سلف صالح اسان لاءِ ڪو تاريخي ذخيرو نه ڇڏيو، يا جيڪڏهن ڇڏيو ته اهو اسان جي بي اعتنائيءَ ۽ غفلت وچان ناس ٿي ويو. بهرحال انهيءَ حقيقت تي جيترو ارمان ڪجي اوترو ٿورو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جي نوجوانن ۾ پنهنجي گذشته تاريخ کي زنده ڪرڻ ۽ ان کي تحقيق ۽ تدقيق سان لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي. مسٽر قادر بخش نظاماڻي جنهن نموني ۽ نوع ۽ طرز عبارت ۾ هي ڪتابڙو لکيو آهي سو تحسين جي لائق آهي. ميرن صاحبن جي حڪومت جي زواليت جا ڪارڻ ۽ خصيمن جون نيرنگيون چڱيءَ طرح نروار ڪيون ويون آهن. اصلي ماخذن جو ڳوڙهو اڀياس ڪري تاريخي حقائق کي مختصر پر مايه دار لفظن ۾ ادا ڪيو ويو آهي. گاهگاهي پروف جون غلطيون سو رهجي ويون آهن، ۽ پڻ تاريخي حوالن جا صفحا نه ڏنا ويا آهن. اميد ٿي ڪجي ته ڪتاب جي ٻيءَ طباعت ۾ اهي خاميون دور ڪيون وينديون، ۽ پڻ عجلت کي ڇڏي دٻي جي لڙائي جي ايندڙ انجام ڪيل ڪتاب ۾ انهن ڳالهين تي پورو توجهه ڏنو ويندو. هي ڪتابڙو مسٽر قادر بخش نظاماڻيءَ جي تاريخي ذوق ۽ علمي حميت جو پيش خيمو آهي. اڃا ته هي صبح جا آثار آهن، جڏهن سندس تصنيفي تحمس جوآفتاب جلوه گر ٿيندو، تڏهن قوم سندس بي لوث ڪوششن ۽ دماغي ڪاوشن جو بيحد قدر ڪندي..