سنڌ فتح ڪرڻ جو فيصلو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ارباب مشتاق طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2014۔

  1. ارباب مشتاق

    ارباب مشتاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 نومبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    43
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ان وقت هندستان ۾ انگريزي اقتدار جو ذڪر ڪندي ڪارل مارڪس پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته:-
    ”انگريزن هندستان ۾ پنهنجي فتح ڪيل اراضين جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارين سرحدن جي سلامتيءَ جو پورو انتظام ڪري ورتو هو پر هندستان جي اولهه ۾ جيڪي قدرتي سرحدون هيون اهي اڃا انگريزن جي هٿن ۾ نه هيون انهيءَ ڪري هنن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مضبوط نموني پنهنجي پيرن کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو جو هندستان کي وچ ايشيا مان ٿيندڙ ڪاهن کان بچائڻ ۽ ايران ۾ روسين جي واڌاري کي روڪڻ لاءِ انهن علاقن تي قبضو ڪرڻ انگريزن لاءِ ضروري هو.“

    ان طرح سنڌ انهيءَ ڪري غلاميءَ جي شڪنجي ۾ آئي جو هڪ طرف اها باقي غلام ٿيل هندستان جي اراضين جي اولهه وارين سرحدن جي سلامتيءَ جي خيال کان انگريزن جي قبضي ۾ آڻڻ ضروري هئي ته ٻئي طرف بدقسمتي سان اهو هڪ ”زرخيز“ علاقو هو جنهنڪري به انگريزن کي ان ۾ پنهنجي اثر وڌائڻ جي ضرورت پيدا ٿي.

    سر جيمس آئوٽرام جو پاڻ سنڌ جي غلاميءَ لاءِ ٿيل ڪاروائين ۾ سرگرم حصه وٺندڙن مان هڪ هو، تنهن سر وليم نيپئَر جي ڪتاب .فتح سنڌ“ تي تبصره ڪندي پنهنجي تصنيف ۾ لکيو آهي ته انهي ڪتاب جي مصنف

    ”انگريزن اڳيان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ کي، جنگ ڪري برطانوي سلطنت ۾ انهي ڪري لاچار شامل ڪرڻو پيو جو ميرن اسان جي ڪن جائز مطالبن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. پر حقيقت هيءَ آهي ته 1832 کان ئي انگريزن سنڌ ۾ پنهنجي پيرن کوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو“

    13 مارچ 1839 تي وائسراءِ لارڊ آڪلئنڊ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مخفي ڪاميٽي کي لکيو ته:-

    ”سنڌو نديءَ رستي فوجون افغانستان ڏانهن موڪلي سگهبيون جنهن لاءِ بکر وٽ پل ٺاهڻ جي اجازت حاصل ڪئي وئي آهي ۽ مون هدايتون جاري ڪيون آهن ته خيرپوري ميرن سان ٺاه ڪري کين اسانجي اجهي هيٺ آڻڻ ۽ کانئن بکر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ڇو جو بکر اسانجي لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيندو.“

    جنوري 1839 ۾ جڏهن بمبئي واري فوج افغانستان تي ڪاهڻ لاءِ سنڌ ۾ لٿي تڏهن ڪئپٽن ايسٽ وڪ ۽ آئوٽرام تي مشتمل هڪ وفد حيدرآباد موڪليو ويو ته ميرن سان وڃي نئين معاهدي لاءِ ڳالهيون هلائي ميجر آئوٽرام ان وقت جي پنهنجي ڊائري ۾ لکيو آهي ته:-

    ”مون حيدرآباد، انجي پسگردائي ۽ قلع جو فوجي نقطه نگاه کان چڱيءَ طرح مطالع ڪيو ۽ قلع تي حمله ڪرڻ جي ضرورت پوڻ تي حملي جو خاڪو تيار ڪيو.“

    3 فيبروري 1839ع تي جڏهن سرجان ڪين جي اڳواڻيءَ هيٺ بمبئي واري فوج ڪوٽڙيءَ وٽ اچي منزل ڪئي تڏهن توبخاني جي برگيڊ ميجر جي اڳواڻيءَ هيٺ فوجي ماهرن جي هڪ سفارت کي قلع ۽ انجي پسگردائي جي چڪاس ۽ پڙتال لاءِ موڪليو ويو (جيتوڻيڪ ميرن سان، انگريز پنهنجي خواهش مطابق نئون معاهدو ڪري چڪا هئا) انهي سفارت پڻ ميجر آئوٽرام جي اڳ ڪيل پڙتال جي تصديق ڪئي ۽ حمله لاءِ آئوٽرام جي تيار ڪيل خاڪه کي به پسند ڪيو.

    آئوٽرام جي سوانح جو مصنف، ميجر جنرل گولڊ سمڊ پنهنجي تصنيف ۾ لکي ٿو ته: - آئوٽرام مئي 1839ع تي قنڌار مان بنگالي فوج جي ڪمانڊر ولوباءِ کي هڪ خط لکندي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو هو ته سنڌ کي فتح ڪري انگريزي قبضه هيٺ آيل علاقه ۾ ملائي ڇڏڻ افغانستان خواه اولهه وارين سرحدن جي سلامتيءَ جي خيال کان نهايت ضروري آهي.

    مارچ 1840ع ۾ بمبئيءَ واري انگريزي فوج جو ڪپتان جان جيڪب جڏهن حيدرآباد پهتو تڏهن پوليٽيڪل ايجنٽ جي طرفان کيس حيدرآباد کان ٿر رستي بمبئي وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿر کي سروي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون جو ڪم جان جيڪب ان وقت پورو ڪيو.

    17 آڪٽوبر 1842ع تي جنرل چارلس نيپئر وائسراءِ کي لکيو ته – ڪيترن ئي ميرن معاهدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ”مان هميشهه انهي خيال جو پئي رهيو آهيان ته اسانکي فقط ڪو بهانو هٿ ڪري ميرن کي دٻائي پنهنجي وڌيڪ ضابطي هيٺ آڻڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته اسان هنن جي خلاف جيڪي مختلف شڪايتون گڏ ڪيون آهن سي (وڌيڪ مطالبن پيش ڪرڻ لاءِ) بلڪل ڪافي سبب آهن.“

    سر جيمس آئوٽرام سر وليم نيپئر جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ تي ڪيل تبصري ۾ انهن الزامن بابت لکيو آهي ته:-

    ”ميرن ۾ عام نااتفاقي هئي ان ڪري هو اسان لاءِ ڪنهن به طرح خطري جو باعث نه هئا. هنن جي خلاف لڳايل سازشن جا الزام بي معنيٰ آهن. جي هو چاهين ها ته افغانستان ۾ اسانجي شڪست کانپوءِ اسان سان وڙهڻ ته ٺهيو پر اسان کي اجهو يا رسد ڏيڻ کان انڪار ڪن ها ته به اسين وڏي مصيبت ۾ پئجي وڃون ها. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪي معمولي ڳالهيون ٿيون آهن تنهن ڪري اسان آينده واسطي بهتر انتظام ۽ وڌيڪ خاطرين جو مطالبو ڪيو آهي.“

    اڳتي هڪ هنڌ لکي ٿو:- ”بعد ۾ ثابت ٿيو ته ڪي هٿ آيل لکپڙهون صفا غلط نه ته به ڪي قدر جڙتو ضرور هيون.“

    سنڌ کي فتح ڪرڻ جي اڳواٽ ڪيل فيصلي مطابق ئي سنڌوندي ۽ ٿر کي سروي ڪيو ويو. جيڪي به انگريزي وفد ۽ سفارتون سنڌ ۾ آيون تن سڀني قلع، حيدرآباد شهر ۽ انجي پسگردائيءَ جون پڙتالون پئي ڪيون. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي جاسوسي جو ڄار وڇايو ويو ۽ ميرن جي خاص ماڻهن کي مخفي تنخواهون ۽ پينشنون مقرر ڪري ڏنيون ويون.

    انگريزن کان انهن پينشنن حاصل ڪندڙن ۾ ميرن جو مکيه وزير ۽ صلاحڪار سيد اسماعيل شاه ۽ سندس ٽي پٽ به هئا. جن جي لاءِ سفارش ڪندي 16 فبيوري 1839 تي انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر لکيو هو ته:-

    ”ڏسجي ٿو ته ميرن کي فقط سيد اسماعيل شاه ۽ سندس خاندان ۾ ئي گهڻي ۾ گهڻو اعتماد آهي. اسماعيل شاه کي اسانجي طاقت ۽ اثر جو احساس آهي تنهن ڪري هو پاڻ ۽ سندس خاندان انهيءَ مطلب لاءِ گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪندا رهيا آهن جيئن مير اسان سان ٺاهه ۾ رهن. انهيءَ خاندان جو ميرن وٽ ئي رهندو اچڻ اسان لاءِ مفيد آهي. بهتر آهي ته سيد سماعيل شاهه ۽ سندس پٽن کي پينشنون ڏنيون وڃن.“

    سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ انگريزن جي اڳواٽ رٿيل اڳواڻي اهڙي ته کليل حقيقت هئي جو ان ڳالهه تي خود انگلنڊ ۾ به سرچارلس نيپئر تي گهڻي ۾ گهڻي نڪته چيني ٿي. مٿس ”بهانو ڳولي، سنڌ فتح ڪري، سستي شهرت حاصل ڪرڻ جا الزام هنيا ويا.“ جنهنڪري سرچارلس نيپئر مير صوبدار جي خاص ماڻهو ۽ مختار ڪل پير بدرالدين شاهه کان پنهنجي بچاءَ ۾ ڊگهي شهادت حاصل ڪئي. (ياد رهي ته مير صوبدار پاڻ به انگريزن سان ساز باز ۾ هو). پير بدرالدين جي بيان ۾ کانئس چوارايو ويو هو ته ميرن برابر جنگ لاءِ تياري ڪئي هئي ۽ سڀ مير (صوبدار خان کان سواءِ) ان ۾ شامل هئا. اڳواٽ تيار ڪيل رٿا موجب ئي بلوچن ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو هو.

    هن قسم جون ڪيتريون ٻيون به شاهديون سنڌ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ غلامن ۽ محڪومن کان حاصل ڪري برطانوي پارليامينٽ ۽ انگلنڊ جي باشندن اڳيان پيش ڪيون ويون. ڪن ميرن ۽ سندن واسطيدار ماڻهن جا خط به ”پيدا“ ڪيا ويا. جن کي انگلنڊ ۾ رد ڪد ڏيڻ وارو ڪير به نه هو ۽ ڪيترا ماڻهو جن سان انهن خطن جو واسطو ڏيکاريو ويو هو سي آخري وقت تائين شايد انهن کان بلڪل بي خبر رهيا هجن!
    پاران ؛ ارباب مشتاق
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو