ﻫﺮ ڪﻨﻬﻦ ﺧﻄﻲ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﮐﻲ ڪﻮﻧﻪ ڪﻮ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﮔﻴﺖ ﺿﺮﻭﺭ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻧﺎﻟﻮ ڏﻧﻞ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ” ﭔﻴﻠﮡ “ ڪﺎﮀﻲ ﺟﻲ ﻃﺮﻑ ﺟﻮ ﺩﻝ ﻭﻧﺪﺭﺍﺋﻴﻨﺪڙ ﮔﻴﺖ ﺁﻫﻲ . ڪﺎﮀﻲ ﺟﺎ ﺟﺖ ﺟڏﻫﻦ ﺍُﭞ ﻟڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﺗڏﻫﻦ ﻣﻴﭕﻲ ﺟﻲ ﻣَﻬﺎﺭ ڪﻨﮅ ﺗﻲ ﺭﮐﻲ، ﻫڪ ﻫﭥڙﻭ ڪَﻦَ ﺗﻲ ﮄﺭﻱ ’ ﺍَﻟﻮﻣﻴﺎﻥ ‘ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺳﻨﺪﻥ ’ ﺍﻟﻮﻣﻴﺎﻥ ‘ ’ ﭔﻴﻠﮡ ‘ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻇﺎﻫﺮ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫﻮ ﮔﻠﻮ ﺩﺍﺩﻭ ڪﺎﻫﻲ ﺍﭼﻦ ﻳﺎ ﻣﻴﻬڙ ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﺳﺎﺭﻱ ﻭﺍٽ ﺟﺘﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﮕﺎﺭ ﻫﻠﻲ ﺍﻳﻨﺪﻱ . ﭼﻮﮠ ﺟﻮ ﭜﺎﺀُ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺩﻝ ﭜﭵﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﭔﮅﮠ ﺳﺎﻥ ﺳَﺮﻳﺮَ ﻣﺎﻥ ﺳﺴﺮﺍٽڙﻳﻮﻥ ﭘﻴﻮﻥ ﻧڪﺮﻧﺪﻳﻮﻥ . ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻭﺭﻱ ڪﻢ ڪﺎﺭ ڪﻨﺪﻱ، ﻳﺎ ﻣﻮﺳﻢ ﺁﻫﺮ ﺟﻬﻨﮓ ﻣﺎﻥ ڏﭢ ﭼﻮﻧڊﻳﻨﺪﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﺭﺩ ﭜﺮﻱ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﭔﻴﻠﮡ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ وڌيڪ تفصيل لاء ھتي ڪلڪ ڪندا