جَيڪَا ڪَندي مَنجُهه، مُون جِيئَن ٻَارَوچَن سِين
مَٿَان ڳَلَنِ هَنجُ، سَا ڪِينَ لَاهِيندِي ڪَڏِهِين
سُرُ حُسَيني (سَسُئي)
مَنجُهه = راز، ڳُجهه، اندر جو احوال
هَنجُ = لُڙڪُ، ڳوڙهو - هنج لفظ هنجون مان ورتو ويو آهي جنهن جو مطلب لڙڪن لارون آهي.
بيت جو پس منظر
~ جيڪا مون جيئن پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳُجهيون ڳالهيون ٻين سان سليندي.
~ سندس ڳلن تان لڙڪن لارون سُڪَنديون ئي ڪونه.
سمجهاڻي
هر انسان وٽ سوچ ۽ شعور آهي، اها سوچ ئي دراصل اندر جي لوچ، پيڙا، ڀوڳنا ۽ اذيت آهي. جانور سوچي نٿو، انسان سوچي ٿو ۽ اها سوچ ۽ ولوڙ انسان کي باقي مخلوقات کان مختلف، منفرد ۽ اوچو مقام عطا ڪري ٿي.
ان سوچ، احساسن، نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن کي ڀلا جنهن تنهن سان ته اظهاري نٿو سگهجي نه. اندر جا ڳُجها راز، ڪي لڪيل ڳالهيون، ڪا commitment ڀلا سڀني سان ڪيئن سلي سگهجي ٿي؟
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جَي اندر جَي رازن ۽ ڳجهين ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ پوءِ پڇتائڻ ۽ ويهي روئڻ وارين ڳالهين تان پردو کنيو آهي. سسئي هندو هئي ۽ ٻانڀڻياڻي هئي، سا ڳالهه جڏهن پنهونءَ جي مائٽن تائين پهتي ته هنن سسئيءَ کي قبولنه ڪيو.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل