ميرانپور جو منگتو ۽ فتحپور جو فقير منور علي ابڙو تحرير : ناصر قاضي سر سريراڳ مان ڀٽائي گهوٽ جو آواز آيو ته : وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي سا ڪا هڙ هلاءِ آڳهه جنهن جي ابهين شاهه سائينءَ پنهنجي هن بيت وسيلي هڪ اهڙي وکر جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو جيڪو وکر ڪڏهن به پراڻو نٿو ٿئي ۽ جنهن کي واپرائڻ سان قيمتي ۽ پائيدار دولت حاصل ٿئي ٿي. ڀٽائي سرڪار جي مٿين بيت ۾ ذڪر هيٺ آيل وکر جا پار کو سونهارا سنڌ جا سڀئي صوفي درويش يقينا چئي سگهجن ٿا. جنصوفي درويشن پنهنجي زندگيءَ جا عيش ۽ آسائشون وساري پنهنجي رياضت، محنت، ڪم، ڪردار ۽ تصوف جي تبليغ سان هن صرف ماڻهن جي ذات کي خود شناسي ڏني آهي، پر انساني وجود کي هڪ اهڙي نقتي تي اچي بيهاريو آهي، جيڪو سڃاڻپ جو محرڪ بڻيو آهي. پوءِ اهاسڃاڻپ پنهنجي ذات هجي، پنهنجي محبوب مجازيءَ جي هجي يا معبود حقيقي هجي، سرير لاءِ سڪون ۽ ڇوٽڪارو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هيءَ ڌرتي امن جو آستانو رهندي آئي آهي. دنيا ڀلي ڪيتروئي بارودي بوءِ سان وڪوڙجي ڇونه وڃي، پر لاکيڻي لطيف جي دعا سان سنڌ مان سدائين امن جي سرهاڻ ايندي رهي آهي. تصوف جي ان رنگ کي ويتر سر ۽ سنگيت وڏي جلابخشي آهي. درويشن ۽ صوفين پنهنجي تند ۽تنوار سان ازلي عشق ۽ سوفيت جو پرچم بلند رکيو آهي ۽ اهي رمز پروڙ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي، جنهن رمز جو انسان ڪيتري ئي وقت کان ڳولا ۾ رهندو آيو آهي. سنڌ واري محبت ۽ امن واري فلسفي جو اهم پرچم جتي سيهوڻ، ڀٽ شاهه، درازا، بلڙي شاهه ڪريم، گرهوڙ، ٽلٽي ۾ ڦڙڪندي نظر اچي ٿو. اتي اهو ئي ساڳيو پرچم ميرانپور جي مدرسي مٿان به ظاهر ظهور ۽ عالم آشڪار لڳو بيٺو آهي. ميرانپورکان فتحپور تائين ساڳيو جهنڊو جھولائيندڙ جوانن ونهنجي ڪرت توڙي ڪردار سان عام تائين الستي عشق کان هقيقي عشق جي اهميت ۽ افاديت جو درس ڏنو آهي. ميرانپور جي منگتي ۽ فتحپور جي فقير، سنڌ جي نامياري صوفي ڪلاڪار فقير منور علي ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شهر نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم انور علي ابڙي جي جھوليءَ ۾ پنجين جون 1971ع تي عدم جا ننڊاکا نيڻ کوليندي، دنيا جو درشن پسيو. سندس ننڍپڻ هر قسم جي نصابي پابنديءَ کان بي نياز گذريو، جنهنڪري هو اسڪول جي اسيري کان آجو ته هو، پر سندس قلب ننڍپڻ کان ئي الاهي امر سان تصوف جي تر ۽ نينهن جي نغاري جي آواز توڙي الاپ تي جهومڻ لڳو هو. جنهنڪري بلورن ،ونجھوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند جو رهڻ واري عمر سموريون مشغوليون ويساري فقيرن ۽ درويشن جي صحبت ۾ گوڏا ڀڃي ويهڻ فقير منور علي جي وندر هوندي هئي،هونئن ته پاڻ پنهنجي لاشهوري واري واري عمر ۾ ڪيترن فقيرن ۽ الله وارن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿي فقراهي فيض حاصل ڪندو رهندو هو. پر خاص طور تي ٽنڊي مٺا ضلعي سانگھڙ جي هڪ بزرگ فقير غازي سان سندس اندر جي انسيت ڪجهه سرس هوندي هئي. جنهنبزرگ جي ساڄي هٿ جي اشهد آڱر جي اشاري مطابق فقير منور علي ابڙي سورهن سالن جي عمر ۾ ئي 1987 ع ۾ سونهاري سنڌجون سرحدون اورانگهي ، بلوچستان ۾ فتح پور واري آفاقي آستاني تي فيض پرائڻ لاءِ حضرت سيد صادق علي شاهه جي حضور ۾ حاضر ٿي ، سيس نوائي ، دل سان کيس مرشد ۽ هادي پاڪ تسليم ڪندي سندس دست بعت ٿيو. اهڙيءَ طرح فقير منور علي ابڙو ويراڳ جي ورد سان پنهنجي روح کي ريجھائڻ لاءِ صوفياڻن محفلن ۾ پڻ شرڪت ڪري ويراڳ وندر ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو، جنهن ماحول ۾ رهڻ سان يڪتاري جي يار ۽ چپڙي جي چاهه سان منهنجي ويراڳي سفر جي شروعات پڻ ڪيائين. فقير منور علي ابڙي موسيقيءَ توڙي فقراهي ويراڳ جي سکيا واسطي 1986ع ڌاري سنڌ جي نامياري صوفي ويراڳي فقير عبدالڪريم بروهي جي قلب جي ڪنڊي کڙڪائي، جنهن پنهنجي وراوند شاگرد جي ڏنل دل سان دستڪ کي مانائتي موٽ ڏيندي خير سان سندس خير مخدم ڪيو. سکڻ جي حوالي سان فقير منور علي ابڙي هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي سيد علم علي شاهه پاران منقعد ڪرايل قوالين جي هڪ محفل ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ويل هيو، جتي سندس ملاقات ملڪ جي نامياري قوال عزيز ميان سان ٿي ان وقت فقير منور علي ابڙي غنيمت ڄاڻيندي ننڍي کنڊ جي هيڏي وڏي قداور قوال کان قواليءَ جا ڪجهه گر ۽ سر پروڙڻ واري ظاهر ڪئي. جنهن جي موٽ ۾ دل عزيز قوال عزيز ميان فقير منور علي جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو ان کان بعد به ڪيترائي ڀيرا عملي طرح سندس ملاقاتون ٿينديو رهيون. جن ملاقاتن جي نتيجي ۾ ايتري حد تائين فقير منور عليءَ جي گائڪيءَ جي انداز ۾ عزيز ميان قوال جي قوا ليءَ واروانداز هم اهنگ ٿيندو رهيو. جو پنهنجي جوڙي جي ساٿي جي همنوائي ۾ قوالي جي ساڳئي انداز کي سنڌ اندر متعارف ڪرايائين ۽ خاص طور تي صوفي اياز علي اعواڻ جي ڪلام تون اعتبار ڪرين، نيارا نورهان مين کي ان ئي قوالي واري انداز ۾ سموهيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. نتيجي ۾ اڄ سوڌو سندس ڳايل فقير منور علي ءَ جي سڃاڻپ جو هڪ سبب بڻيل هوندو آهي. فقير منور علي ابڙي راڳ ويراڳ سان گڏوگڏ عملي مشاهرو ماڻڻ جي لاءِ وقت جي هاڪارن درويشن جي صحبت واري پنهنجي ننڍپڻ جي وندر کي اڄ تائين برقرار رکندو پيو اچي، پاڻ ڪيترن ئي درويشن ۽ بزرگن سان گڏوگڏ سنڌجي نامياري درويش ۽ ڪلاسيڪل شاعر سيد اعجاز شاهه سان پڻ زندگيءَ جو ڪافي عرصو گذاريائين، اهو ئي سبب آهي جو فقير منور علي صوفي اعجاز شاهه جي ڪلام جو ڪافي گھراڻي تائين مشاهدو۽ مطالعو ڪندي ان جي ڪلام کي پنهنجي زبان سان پڻ الاپيو آهي. سندس ڳايل شاهڪارن ٻولين ۾ ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجھهن ايمان ۾ ، ڪو آ رهمان جي پاسي ڪو آبگوان جي پاسي ، نانڪ نام همارري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن. ساڳئي وقت فقير منور علي ابڙي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعر جهڙوڪ جھضرت سچل سر مست، خواجه غلام فريد ، بابا بلي شاهه ، روحل فقير، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، بيدل فقير،سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، سيد ولايت شاهه، ڀڳت تلسيداس، ڀڳت ڪبير، مرزاغالب، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، هدايت علي، تارڪ نجفي، شاهه نصير، سيد مهدي شاهه، فقير امام الدين ڊکڻ ۽ ٻين درويشن جي ڪلامن کي پڻ پنهنجي منفرد الاپ توڙي انداز سان الاپي چڪو آهي.فقير منور علي ابڙي هيل تائين سنڌي، سرائڪي، اردو،بلوچي ۽ مارواڙي ۽ ان کان علاوه دنيا جون ٻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس فقراهي جوڙ ۾ سندس شاگرد ۽ سنڌ جو نوجوان صوفي ڪلاڪار سيد صدرالدين شاهه هڪ اهم رڪن جي اهميت رکي ٿو. ايتري قدر جو فقير مور علي ابڙي ۽ سيد صدرالدين شاهه جو ويراڳي جوڙ پوريءَ سنڌ جي درگاهن ۽ خانقاهن تي مشهور ۽ مقبول آهي. سيد صدرالدين شاهه کان علاوه غلام حيدر رند(بينجو نواز)دلدارشيخ (ڊولڪ نواز) لعل بخش ۽ نادر علي شيخ سندس سنگ جا اهم رڪن آهي. فقير منور علي ابڙي پنهنجي فقيراڻي طبيعت پٽاندر هوئڻ ته گھڻي قدر ميڊيا کان پري رهيو آهي. پر 1990ع ڌاري سنڌجي عوامي ڪلاڪار غلام قادر ٻرڙي جي معرفت پاڪستان ٽيليوزن ڪارپورشن ڪراچي سينٽر تي متعارف ٿيو، جنهن کانپوءِ پاڻ ڪيرائي ڀيرا پي،ٽي،وي ڪراچي سينٽر تان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. فقير منور علي ابڙي پنهنجي شخصيت ۾ مڪمل طور تي ويراڳي وصفن ۽ صوفياڻي صفتن سان سر شار آهي، هيءُ نه صرف فقراهي واراڳ آهي، پر تصوف معلم ۽ مدرس پڻ آهي، سندس ڏنل صوفياڻي سبقن مان ڪيترائي اڃايل فيض حاصل ڪندا رهندا آهن. انهن سمورين صفتن هجڻ ڪري پاڻ هڪ زندهه شخصيت جو مالڪ ۽ تڏي جو ڪشادو پڻ آهي. هر سال 11 ربيع الثانيءَ تي غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي ياد ۾ نئين ديري شهر ۾ يارهين شريف جي محفل ڪرائڻ فقير منور علي ابڙي جي ڳچ سالن کان وندر رهندي آهي.
سهڻي شيئرنگ تمام سهڻو ليک .... مهتاب چنا صاحب کي عرض آهي ته شيئرنگ ڪرڻ وقت ليکڪ جو نالو ضرور ڏيندا ڪريو جيئن خبر پوي ته هي ڪنهن جي محنت آهي. فقير منور علي ابڙو صوفي راڳ جو بهترين راڳي آهي.