ڇا اڃان سنڌ ڏانهن ڪو حساب ڪتاب رهيل آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڇا اڃان سنڌ ڏانهن ڪو حساب ڪتاب رهيل آهي
    شاهنواز خاصخيلي

    ٽيڪسي ڊرائيور گاڏي ڦرجڻ بعد دماغي توازن وڃائي ويٺو ، سندس زخمي ٿيل وجود کي جڏهن سندس گهر آندو ويو ته هڪ قهرام برپا ٿي ويو ، سندس ٻار کيس چنبڙي روئي رهيا هئا ۽ سندس زال شڪر ادا ڪري رهي هئي ته سندس مڙس بچي ويو گاڏي وڃي کوهه جي تري ۾ ، شهر ۾ پنهنجي دڪان کي کپائي ٻچن جي روزگار خاطر گاڏي وٺي ڪرائي تي هلائيندڙ ٽيڪسي ڊرائيور ٻارن جو گرهه کسجڻ بعد دماغي طور مفلوج ٿي چڪو هو ۽ هو گهر ۾ چرين جيان حرڪتون ڪري رهيو هو، اهو منهنجو اکين ڏٺو واقعو آهي ٽيڪسي ڊرائيور منهنجو پاڙيسري ۽ دوست آهي ، اڄ يا سڀاڻي کيس ڀنگ تي گاڏي واپس ٿي رهي هئي، ڊرائيور جمهوريت جي ثمر کان مستفيد ٿي رهيو هو ، آخري اطلاعن تائين ٽي لک ڀنگ عيوض ٽيڪسي ڊرائيور سندي گاڏي ڪاهي آيو هو، اهڙا سوين واقعا روزانو پوري سنڌ ۾ ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي خاندان اجڙي رهيا آهن ، پيپلزپارٽي پويان پنج سال ۽ هي ٻه سال اقتدار ۾ رهي پر سنڌ سان جيڪي ويساهه گهاتيون ٿيون ان جو نه کٽندڙ داستان آهي ، ٿر معاملي تي سنڌ جي وزيرن جون گوهر افشانيون ته پنهنجي جڳهه تي پر پيپلزپارٽي جي چيئرمين به وسان نه گهٽايو ، بلاول صاحب چئي ٿو ته ٿر ۽ لياري ۾ سندن خلاف سازشون پيون ٿين ، بلڪل بلاول صاحب اوهان صحيح ٿا چئو ٿر جا رهواسي پنهنجي ٻارن کي هٿ سان گهٽو ڏئي انهن کي ماري اوهان خلاف سازشون پيا ڪن ، پوري سنڌ لاوارث آهي ، پيپلزپارٽي وارن سازش لفظ کي ايترو ته خوار ڪيو آهي جو سازش لفظ پيپلزپارٽي جي قيادت توڙي وزيرن کان لڪندو ٿو وتي ، ٿر ۾ ٻار بک وگهي مري رهيا آهن ۽ سنڌ ڪابينا اجلاس مٿان اجلاس ڪري ٿري ماڻهن خلاف توهين آميز جملا ڳالهائي رهي آهي ، پيپلزپارٽي ظلمن جي تاريخ رقم ڪري رهي آهي ، سنڌ حڪومت جا وزير اقتدار جي نشي ۾ ايڏا ته مدهوش آهن جو هر ڪنهن کي داٻن ۽ دڙڪن سان ماٺ ڪرائيندا وتن ، سنڌ جي هر کاتي ۾ پيپلزپارٽي وارن ايڏي ته ڪرپشن ڪئي آهي جو هاڻ انهن کي سڌرڻ سوين سال لڳندا ، پ پ پ قيادت انتهاپسندن خلاف ته ڳالهائي ٿي پر سندن سنڌ جي پنگريو ۾ ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍي تذليل ڪئي وئي ، ڇا انهن جا جوابدار گرفتار ٿيا ، سنڌ ۾ مندرن تي حملا ڪيا ويا، سنڌي هندن جي نياڻين جو جبرن مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي ڇا انهن خلاف ڪاروائي ٿي ، ضياء جي آمريت خلاف تقريرون ڪندڙ پيپلزپارٽي، ڇا سنڌي نوجوانن چچريل لاشن خلاف سنڌ اسيمبيلي ۾ آواز اٿاريو ، سرائي قربان کهاوڙ ، مظفر ڀٽو ، مقصود قريشي ، ضامن شاهه کان وٺي روشن بروهي تائين سنڌ جي بائي پاسن تي مليل چچريل لاشن تي مذمت ڪئي ، سنڌ يونيورسٽي مان گم ٿيل آصف پنهور کان وٺي سرويچ پيرزادي تائين سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن مٿان ڪـٺور ظلم ڪيا ويا ڇا پيپلزپارٽي جي ڪنهن وزير ۽ مشير رياستي مشينري کان پڇڻ جي جرئت ڪئي ، نه ڪڏهن به نه ، ايم ،آر ،ڊي تحريڪ جو راڳ الاپيندڙ ن ڪڏهن ايم ،آر ،ڊي جي مقتولن جي وارثن جي سهائتا ڪئي ، ايم ،آر ،ڊي جي شهيدن جا ٻار اڄ پني رهيا آهن ، پيپلزپارٽي کي ماڊل ٽائون سانحو ته ياد آهي پر کيس محبت سنڌ ريلي تي حملو وسري ويو ، ڪراچي ۾ محبت سنڌ ريلي تي حملو ڪري غزاله صديقي سميت چوڏهن ماڻهو قتل ڪندڙ قاتل ڪٿي آهن ، باڊهه جي مقتول صحافي کان وٺي جيوڻ آرائين تائين سنڌ جا ڪيترائي صحافي شهيد ڪيا ويا ڇا انهن جا قاتل پڪڙجي سگهيا آهن ، ٿر ۾ ٻارن جي موت جو ذميوار ٿري ماڻهن کي قرار ڏيڻ واري پيپلزپارٽي کان سنڌ سوال ڪري ٿي ڇا اتر سنڌ ۾ اغوا جي پٺيان به ٿري ماڻهو آهن ، ڇا خيرپور سانحو به ضيا جي باقيات جي سازش هئي ، سنڌ جي تعليمي ادارن کان وٺي مڪاني کاتي تائين ڪرپشن جون جيڪي داستانون رقم ڪيون ويون اهي نه اڳ ڪنهن ٻڌيون نه ڏٺيون ، سنڌ جي هر اداري جي ڀينگ ڪئي وئي ، سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي کي وڏيرن جي جاگير بڻائي سندن حوالي ڪيو ويو ، سنڌ کي ماڊل بنائڻ جي دعويٰ ڪندڙن سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو ، سنڌ جو اهو ڪهڙو ضلعو آهي جنهن ۾ ڪو روڊ صحيح سلامت هجي ، نوابشاهه کان ميرپورخاص سفر ڪري ڏسو ته رت الٽيون اينديون ، سنڌ جي اسپتالن جون دوائن کپايون ويون ، سنڌ جي اسپتالن کان ته انڊيا جي جانورن جون اسپتالون ڀليون آهن ، نوڪرين جا ريٽ لڳايا ويا ، پ پ پ تعلقي صدرن ،يوسي صدرن جا مٽ مائٽ سوئيپر جي پوسٽ تي ڀرتي ڪيا ويا جيڪي گهر ويٺي پگهارون پيا کڻن يا وڏيرن جي بنگلن تي ڊيوٽيون پيا ڪن ، هزارين سنڌي نوجوانن کي ڪوڙا آرڊر ڏنا ويا جيڪي اڃان تائين ذهني توازن وڃائي ويٺل آهن ، مشرف جي دور ۾ اڌ ڪلاڪ روڊ بلاڪ ٿيندو هو ته ضلعي انتظاميا ٿرٿلي ۾ اچي ويندي پر هي پيپلزپارٽي جي سنڌ آهي جتي ماڻهو پاڻ کي زندهه ساڙي ماري ڇڏين ٿا پر حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي چري ، نوشهري فيروز جي پٽيوالي وزير راڄپر پنهنجي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو پر ساڻس اڃان تائين انصاف نه ٿيو ، رسول آباد ۾ زيادتي جو شڪار ٿيل چار نياڻيون احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيون پر پيپلزپارٽي جي قيادت جي اک نه کلي ، سنڌ جي نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪيو ويو پر حڪومت رڳو ڪاميٽيون ٺاهي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو ، ڪاميٽي ۾ اهي ڪرپٽ ۽ گتي جي پرمٽ لا۽ وڙهندڙ شامل ڪيا ويا جن مان نه ڪو آسرو نه ئي اميد ، انتهاپسندي خلاف ملاله سان ملندڙ بلاول سنڌ جي انتهاپسندن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهيو ،سندي حڪومت هوندي به افغانستان کان ايندڙن سنڌ جي بائي پاسن تي حيدرآباد کان صادق آباد تائين ڪيترائي غيرقانوني مدرسا کوليا ،جيڪي اڻ رجسٽرڊ آهن پر سنڌ حڪومت صرف دعويٰ ڪرڻ ۾ پوري آهي ، مشرف جي دور جا ٺهيل روڊن جا افتتاح ڪري سنڌي قوم کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي ته اسان سنڌ کي روڊ ڏنا ، سنڌ جو وڏيرو سنڌي ماڻهو جو استحصال ڪري رهيو آهي پر صاحب اختيار سڀ ٺيڪ آهي جا ترانا وڃائي رهيا آهن ، شهيد بينظير ۽ شهيد ڀٽو جي نالي تي سنڌي قوم کان ووٽ وٺندڙن سنڌ جي هر ڪنڊ تباهه و برباد ڪري ڇڏيو آهي ، سنڌي قوم کي ڪجهه ڏيڻ بجاء سنڌ جا وزير سنڌي ماڻهو جي توهين ڪري رهيا آهن ، بلاول صاحب اوهان سنڌ کي ڪجهه ڏئي نٿا سگهو پر ڏڪار سٽيل سنڌي ماڻهو جي توهين ڪرڻ ته بند ڪيو ، ڪڻڪ ناهي چانور کائو جهڙا مثال ڏيندڙ قائم علي شاهه صاحب کي ياد ڪرڻ گهرجي ته جڏهن بک وگهي رشين ماڻهو زار روس جي محل جو گهيرو ڪيو ته زار انهن کي چيو ماني ناهي ته ڪيڪ کائو ۽ تاريخ ثابت ڪيو ته انهن ئي ماڻهن زار روس کي محل کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ زارروس ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويو ، سنڌ جا وزير سچ ٻڌڻ لا۽ تيار ئي ناهن هڪ طوفان بدتميزي آهي ٿري ماڻهن خلاف ،شرجيل ميمڻ شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار آهي ، ٿري ماڻهن تي ٺٺولون ڪندڙن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي ياد رکڻ کپي ته پاڻ پهريون ڀيرو ٿر مان ئي چونڊيو ويو هو ، پيپلزپارٽي جي قيادت سمجهڻ کپي ته هاڻ سنڌ تبديل ٿي رهي آهي ، اوهان ڪيستائين شهيدن جي نالي تي حڪومت وٺندا رهندا ، جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن بابت پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوء شايد سندس نالو تاريخ ۾ پڙهيو وڃي ، پيپلزپارٽي جي قيادت ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي اند ر ۾ جهاتي پائي ۽ سندو احتساب ڪري ، نئون نسل تيزي سان پنهنجا سياسي رستا ٺاهي رهيو آهي ، جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي وزيرن خلاف قدم نٿي کڻي سگهي ته هو سنڌ جو ڇا دفاع ڪندي ، سنڌي ماڻهو جي سوچ تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي .سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي کان پڇن ٿا ڇا اڃان سنڌ ڏانهن ڪو حساب ڪتاب رهيل آهي ، آخر سنڌ ڪهڙي ڏوهه جي سزا پئي ڀوڳي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو