واه ڙي سنڌ اسيمبيلي تنهنجو پاس ڪيل قرادادون .

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاله سنڌ اسيمبيليءَ عمران خان خلاف هڪڙو مذمتي قرارداد پاس ڪري پنهنجو پاڻ کي لڄايو آهي ۽ سنڌين کي بيوقوف بنايو آهي ، ان جي جيتري به مذمت ٿيڻ گهرجي اها ڪجي . اها اسيمبيلي ڪري به ڇا ٿي سگهي ؟ سواءِ اهڙن قراردادن پاس ڪرڻ جي . ان ميمبرن کي انسايت جو ڪهڙو فڪر ،انهن کي ته رڳو پنهنجا ڀڀ ڀرڻا آهن ۽ اسانيت کي ڏنڀ ڏيڻا آهن .هاڻي سائين الزامن جي بوڇاڙ ٿيندي ته ڄڻ مان عمران خان جو حامي آهيان .ٻڌي ڇڏيو ته مان نه ان جو ڇاڙتو آهيان ۽ نه ئي وري ڪو حامي .، پر عمران خان ڊرامي طور ئي صحيح اهو سچ ته قبول ڪيو ته سنڌي قوم کي غلام بنايو ويو آهي ،ان تي اچي اسان جا وڏيرا يارڙا جن پنهنجي آقائن جي آشيرواد سان سموري سنڌي قوم کي جنهن ۾ هو پاڻ به شامل آهن حقيقي غلام بنائڻ ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي .پنهنجي پڇ تي لت محسوس ڪندي اچي کڻي آگ بگولا ٿيا آهن .۽ هڙ تڙ ۾ کڻي هڪڙي مذمتي قرارداد پاس ڪري ڇڏي آهي ۽ پاڻ سان گڏ سنڌ اسيمبيليءَ کي به کڻي لڄايوآهي . . عمران خان سنڌي قوم کي غلام بنائيندڙٽولي جي فردن مان هڪڙو آهي . اهو جيڪڏهين سچ کي قبول ڪري ٿو سنڌين کي موجوده پاڪستان م غلام ڪري هلايو ٿو وڃي ۽ ان جي وجود کي مٽائڻ جون ڪوششو جاري آهن ،ته ان ڳاله تي خوش ٿيڻ بدران، ان خلاف مذمتي قراداد پاس ڪرڻ ڳاله سمجه کان ٻاهر آ هي .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڳالهه ته درست ٿا ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو