• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مون ڏٺو پاڻ ۾ پاڻ کي...!

احمد رضا

سينيئر رڪن
منهنجو نالو احمد رضا خاصخيلي آهي مون 23 اپريل 1988 ۾ ڳوٺ محمد خاصخيلي تعلقي جهنڊي مري ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ اک کولي......! منهنجي تعليم ايم اي سي رورل ڊولپمينٽ اسٽيڊي سنڌ ورسٽي ڄامشوري مان ڪئي آهي سنڌ جي مشهور راڳي ڍول فقير سان تمام ويجهو تعلق آهي ائين سمجهو منهنجو ڏاڏو ٿي . مون ستي درجي کان شاعري جي شرعات ڪئي هئي ۽ جڏهن سنڌ ورسٽي ۾ پڙهيس ته شعور آيو سنڌ ورسٽي مونکي لفظن جي ڏات بخشي ته مون مختلف اخبارن لکڻ شروع ڪيو .هن وقت آئون ناول لکي رهيو آهيان جيڪو اوهان دوستن سان ضرور شعر ڪندس.محترم دستو مونکي ادب سان تمام گهڻو چاهه آهي انهي ادب جي ذريعي آئون سنڌي معاشري جي خدمت ڪندس. هن وقت آئون قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهندو آهيان ۽ هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ استاد طور خدمت سي انجام ڏئي رهيو آهي ...ساٿ سلامت... سنڌ سلامت
 
احمد رضا خاصخيلي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا.

خوشي ٿي ته اوهان ادب ۽ شاعريء سان لڳاء رکو ٿا ۽ ساڳي وقت پڙهڻ پڙهائڻ واري پيغمبري ڪرت سان به واڳيل آهيو. سنڌ سلامت جو سٿ سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي لاء ڪوشان آهي. اميد ته اوهان به پنهنجي لکڻين ذريعي نه صرف رهنمائي ڪندا پر دوستن جي ليکن تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا.

سدا سلامت هجو

10355372_10204885827243672_3002204815163597246_n.jpg
 
ادا احمد توهان کي سنڌسلامت تي ڏاڍي خوشي ٿي.
ڏيو حال احوال طبعيت ڪيئن آهي توهان جي ؟ نه دعا نه سلام کوڙ ڏينهن ٿيا آهن توهان سان ملاقات ئي ناهي ٿي. :)
 
Back
Top