• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي آفيسرن جي نانوءَ... ماڻهو ٿيو، ماڻهو جا ڦر ٿيو. احسان فراموش ۽ نمڪ حرام نه ٿيو.

سنڌي آفيسرن جي نانوءَ... ماڻهو ٿيو، ماڻهو جا ڦر ٿيو. احسان فراموش ۽ نمڪ حرام نه ٿيو.
لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، يورپ ۽ سنڌ کان آيئل دوست شريڪ هئاسين، ڪراچي مان اطلاع پهتو ته واٽر بورڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي تربيت يافته غنڊن اتي نوڪري ڪندڙ سنڌي آفيسرن جي آفيسن ۾ وڃي کين ڌمڪي ڏني آهي ته هو محرم جي ڏهين تاريخ کانپوءِ پنهنجي نوڪريئن تي نه اچن ۽ سنڌ واپس وڃن جو هي سنڌ نه پر ڪراچي آهي.
اسان سمورن دوستن جي اندر ۾ اهيا خبر ٻڌي ڄڻ باه لڳي ويئي، اکين ۾ نفرت ۽ غصي سبب ڄڻ رت ٽهڪڻ لڳو، پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري ايم ڪيو ايم جي لنڊن مرڪز ذريعي الطاف حسين جي ڪنن تائين اهيا ڳاله پهچائيسين ته باه سان نه کيڏيو، اگر واٽر بورڊ جي سنڌي ملازمن کي ڪو نقصان پهتو ته اهڙي باه ٻرندي جنهن ۾ جلي هر شئي خاڪ ٿي ويندي. ايم ڪيو ايم پاران ٻئي ڏينهن وضاحت ڪئي ويئي ته اهڙي حرڪت ڪندڙ اسان جا نه پر ايجنسيئن جا پالتو پيشه ور غنڊا آهن، اسين ان معاملي تي قدم کڻي رهيا آهيون، اهڙي يقين دهاني کانپوءِ به هميشه جيان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به عذر ۽ ڳاله تي اعتبار نه آيو ۽ سنڌ سرڪار، بلاول زرداري سميت هر وابسته ڌر جا در کڙڪايا ويا ته جيئن واٽر بورڊ جي سنڌي ملازمن جي جان ۽ روزگار جي هر طرح حفاظت ڪري سگهجي.
واٽر بورڊ جيڪو پيپلز پارٽي جي وڏيرن ڪيترا ئي ورهيه ايم ڪيو ايم جي حوالي ايئن ڪري ورتو هو ڄڻ ڪنهن جنگ ۾ هٿ آيئل مال غنيمت ۾ کين پنهنجو حصو پتي ڏنو ويو هجي. نه صرف واٽر بورڊ پر ڪراچي يونيورسٽي، ميڊيڪل يونيورسٽيون، بلدياتي ادارا، سنڌ جو صحت کاتو ۽ ڪيترا ٻيا ادارا مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي اختيار ۾ ڏنا ويا.
واٽر بورڊ جي ملازمن جو مسئلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن سنڌ جي ٽرڙي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ٽٽ ڏيندي ايم ڪيو ايم کي واٽر بورڊ ۾ دهشت گرد ڀرتي ڪرڻ ۽ سندن مري ويئل ڪارڪنن جي نالي تي فائدا وٺڻ جو ايئن انڪشاف ڪيو ڄڻ هن مومن ميمڻ تي ڪو تازو وحي نازل ٿيو هجي ، ڄڻ کيس ايم ڪيو ايم جي پاڪدامني ۽ شرافت جي اڳ ڪا خبر ئي نه هجي.
سنڌ جي هر وڏيري پنهنجي غليظ اقتداري مفادن سبب سنڌ جي سيني ۾ سدائين جيڪي زهر ڀريئل تير ۽ نشتر هنيا آهن انهن جا داستان ايترا ته ڊگها آهن جو ڪيئي ڪتاب ڀرجي سگهجن ٿا پر پيپلز پارٽي جي اڄوڪن بي غيرت ۽ بي ضمير وڏيرن اڳ پوءِ جون سڀ ڪسرون پوريون ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي وطن فروشي جا سڀ پراڻا ريڪارڊ ٽوڙي نوان عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن.
جڏهن واٽر بورڊ جي ملازمن وڏي جاکوڙ کان پوءِ وڃي شرجيل ميمڻ کي هٿ ڪري کيس پنهنجي زندگيئن کي لاحق خطرن ۽ هر روز جي مارڪٽ ۽ بي عزتيئن جا داستان ٻڌايا ته هن ٽرڙي لوسي وزير کين چيو ته جن آفيسرن کي ڌڪ لڳا آهن اهي چپڙي ڪري وڃي پنهنجو علاج ڪرايو، وڌيڪ ڪا کٽ پٽ نه ڪريو ڪٿي مارجي نه وڃو.

هتي ڳاله صرف پيپلن وڏيرن وزيرن جي ناهي، اڄ لالو کيت ۾ هڪ سنڌي آفيسر سان به تقريبن اهڙو ملندڙ جلندڙ واقعو ٿيو، اتفاق سان اهيو آفيسر منهنجو پراڻو واقف آهي ۽ جڏهن به ساڻس سنڌ جي دردن سورن، اهنجن ، ايذائن جي ڳاله ٿيندي آهي ته هڪدم چوندو آهي ته يار سنڌ، سنڌ ڪري ڪٿي چريو نه ٿي وڃين، پنهنجو ڇا وڃي سياست ۾، ڇڏ ان سياست کي پنهنجو پيٽ پال، سياست مان ڪجه به نه ورنديئي، ڇا مليو اٿيئي صرف پاڻ کي برباد ئي ڪيو اٿيئي.
اڄ پڇيو مانس ته ڪهڙي مدد ڪريانئي؟ چيائين مون کي لياقت آباد مان ڪڍڻ لاءِ هي سڀ سازشون ڪري رهيا آهن، چيومانس ته خبر اٿيئي شهيد ضامن شاه جي ٻئي ڀاءُ پريئل شاه کي به بيدردي سان شهيد ڪيو اٿن يا هي هيڏا سارا قومي ڪارڪن جيڪي هر روز کنڀجن ۽ چچري، ساڙي ماريا پيا وڃن، ڪڏهن انهن جو نالو به ٻڌو يا سندن جي باري ۾ سوچيو اٿيئي جيڪي توهان سنڌي ڪامورن کي نوڪريئن ملڻ جو اصل سبب آهن. توهان سنڌي ڪامورن جهڙو ڪو نمڪ حرام يا احسان فراموش نٿو ٿي سگهي جيڪي قوم پرست ڪارڪن سنڌيئن کي نوڪريون ڏيئڻ جي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ، جن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ سرڪار توهان کي نوڪريون ڏيئڻ تي مجبور ٿيئي ٿي، جڏهن توهان انهن نوڪريئن تي چڙهو ٿا ته نه صرف انهن قومي ڪارڪنن کي لويو ٿا، کين گهٽ حقارت جي نگاهن سان ڏسو ٿا، سندن جدوجهد جي صدقي جن ڪرسيئن تي ويهو ٿا انهن ڪرسيئن کي پنهنجي باپ دادا جو حق سمجهي انهن ئي سنڌي ماڻهن تي ظلم ۽ آڪڙ ڪريو ٿا، توهين به ڪي گهٽ حرامي ته ناهيو؟
چيومانس ته ياد رکو، سياست ڀل گهڻن جي لاءِ تجارت هجي پر اسان آزادي پسندن جي لاءِ ڪنهن عبادت کان گهٽ ناهي.
سنڌ جي هر آفيسر، نوڪري ڪندڙ ملازم، سپاهي کان وٺي پوليس جي آفيسر تائين هر هڪ کي ياد رکڻ گهرجي ته توهين سڀ چاهيو يا نه چاهيو توهان کي سياست ۾ صرف دلچسپي ئي نه پر ڀرپور حصو به وٺڻو پوندو.
پيپلن ۽ ليگلن واري ماءُ ڀيڻ وڪڻڻ واري سياست نه پر سنڌ وطن تي سنڌيئن جي مڪمل مالڪي واري سياست خود سرڪاري نوڪريون ڪندڙ سنڌيئن جي روزي، رزق ۽ وجود جي بقاءَ لاءِ اڻٽر آهي، لازم آهي ان کان مفر ، پرهيز يا پاسو ڪرڻ خود توهان جي پنهنجي موت جي برابر آهي.

پنهنجي مسڪين ماڻهن کي ايذائڻ، لٽڻ، ڦرڻ ۽ مٿن رعب ڄمائي کين هيسائڻ بجاءِ سندن خادم ٿي رهو، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي نعمتن ۽ سنڌ جي مفادن کي پنهنجو ڪري وٺو، سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي عزت ۽ تڪريم ڪريو، جن جي دم سان ۽ جن جي جدوجه ڪرڻ سان اڄ نوڪريئن جا مزا ماڻي رهيا آهيو.
اسين آزادي پسند ته توهان جا غليظ پرڪار ڏسي پوءِ به ان وقت تڙپي ٿا پئون جڏهن ڪو سنڌ دشمن توهان کي بد نظر سان ڏسڻ جي جرئت ڪري ٿو.
ماڻهو ٿيو، ماڻهو جا ڦر ٿيو. احسان فراموش ۽ نمڪ حرام نه ٿيو.
 
سنڌي آفيسرن جون خباثتون هر ضلعي جي آفيس ۾ ڏسو ...اوهان کي هر جاء تي رت چوسڻا ملندا ...غريب لاء ڊارڪولا.. هتي مهاجرن جا موچڙا کائي به ڪم ڪن ٿا پر ڪڏهن سيڪريٽيت وڃي ڏسو ڪنهن ڪم سان عام سنڌي سان حقارت آميزناروا سلوڪ روا رکن ٿا .ڪٿي آهي سنڌيت.
 
Back
Top