• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوسڙو ماسترن خلاف مهم جاري رکو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن خلاف ڀرپور مهم جاري آهي، جيڪا هر صورت ۾ جاري رکڻ گھرجي ـ ڪي دوست چاهين ٿا ته ٻين سرڪاري کاتن ۾ به گوسڙن خلاف مهم هلائي وڃي ـ منهنجي رٿ آهي ته پهرين مرحلي ۾ مهم صرف گوسڙو ماستر صحافين تائين محدود رکڻ گھرجي ۽ ان کي ٻين سان ملائڻ نه گھرجي نه ته ٿي سگھي ٿو ته هاڻوڪي مهم جو زور ٽُٽي وڃي ـ
سنڌ جي عوام جو مطالبو: گوسڙو ماستر صحافين کي سنڌي ٽي وي چينلن ۽ اخبارون مان، ڪنهن به مٿڀيد کانسواءِ ترت نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اهي سنڌي قوم جا مجرم آهن ـ سنڌي ٽي وي چينل ۽ اخبارون کين پناهه ڏئي، سنڌي قوم جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻي رهيا آهن ـ
گوسڙو ماسترن خلاف مهم هلائيندڙن جي خلاف، مون سميت هڪ سنڌي ٽي وي چينل سوشل ميڊيا تي بدتميزي ڪري رهيو آهي، سو ڄڻ ته اُڀ ۾ ٿڪون اڇلي رهيو آهي ـ ڪنهن سچ چيو: فقير رمندا رهندا، ڪُتا ڀونڪندا رهندا ـ
 
Back
Top