• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ون يونٽ جنرل يحى خان اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جي 1957 ۾ بحال ڪيل ٺهراءَ جي بنياد تي ٽوڙيو هو ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اها تاريخي ۽ ترديد نه ڪرڻ جوڳي حقيقت آهي ته جنرل يحى خان، اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جي سال1957 ۾ بحال ڪيل ٺـهراءُ جي بنياد تي ئي ون يونٽ ٽوڙيو هو ـ انهيءَ ٺهراءُ جي مخالفت رڳو چئن ميمبرن ڪئي هئي جن جو واسطو پنجاب سان هو جڏهن ته رهيل سڀني ميمبرن ون يونٽ ٽوڙڻ جي حمايت ڪئي هئي ـ جنرل يحى خان ون يونٽ ٽوڙڻ واري تقرير جيڪا ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿي هئي ۽ جيڪا مون پاڻ ٻُڌي هئي، انهيءَ ۾ به اهو چٽن لفظن ۾ چيو هئائين ته هو اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ جي بحال ڪيل ٺهراءَ جي بنياد تي ون يونٽ ٽوڙي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جون سڀيئي مکيه پارٽيون ون يونٽ ٽوڙڻ جون به حامي آهن ـ
اسان جي سنڌ سلامت جي هڪ دوست، منهنجي پوسٽنگ جي ڀيٽ ۾ دعوى ڪئي آهي ته ون يونٽ جنرل يحى خان، سنڌي قوم پرست جي ايم سيد اڳواڻ جي چوڻ تي ٽوڙيو هو، سو تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ۽ نئين نسل کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي ـ
ياد رهي ته پاڪستان جي سڀني پارٽين جهڙوڪ عوامي ليگ، پاڪستان پيپلز پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي (ڀاشاني ۽ ولي خان گروپ) وغيره ون يونٽ ٽوڙڻ جي چٽن لفظن ۾ حمايت ڪئي هئي ـ
چيلينج: مٿي جو ڪجھه به لکيو ويو آهي سو بلڪل درست آهي، جيڪڏهن ڪو غلط ثابت ڪندو ته مان ڏوهه ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ـ دوست اخلاق جي حدن اندر رهي ڀلي تبصرو ڪن ـ
 
Back
Top