نوجوان نسل پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو سرمايو ۽ مستقبل هوندا آهن بلڪ ائين کڻي چئجي ته اهي ڪرنگي جي هڏي برابر آهن، نوجوان نسل پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءَ قابل قبول ِ تڏهن ئي ثابت ٿي سگھن ٿا جڏهن وٽن سٺي تعليم سان گڏوگڏ سٺي سياسي تربيت هوندي ته ائين ئي پنهنجي قوم جا سٺا رهبر ٿي سگھن ٿا، اسان جي ملڪ اندر سياسي اڳواڻ اڪثر پنهنجين تقريرن ۾ چون ٿا ته هن ملڪ جي خوشحالي جا ضامن نوجوان آهن !! اها سندن سوچ قابلِ تعاريف آهي آئون پاڻ چاهيان ٿو ته سياست ڪيان هن قوم۽ ملڪ کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃان ۽ غربت جو خاتمون ،امن امان جي صورت بهتر هجي، معاشي حالات بهتر بڻايان اها سوچ منهنجي نه پر اهڙي سوچ هزارين نوجوانن جي پڻ آهي، پر انهن سياسي اڳواڻن کان سوال آهي ته اوهان اسان نوجوان ۾ ايڏيون وڏيون اميدون ڪهڙي بيناد تي رکو ٿا ۽ اوهان کي ڪيترو يقين آهي ته اسان نوجوان ئي ترقي جا پاواءَ آهيون ؟؟ جيڪر اسان ئي ترقي جا پاوا آهيون ته پوءِ اسان جي تعليم لاءِ اوهان گذريل 65 سالن کان ويندي هن محل تائين ڇا ڪيو آهي اوهان ڪا اسان کي بهترتعليمي پاليسي ۽ ڪو بهتر نصاب ڏنو آهي ؟ اسان جي اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڇا حشر آهي اوهان ٻيو ته ٺهيو پر اوهان رڳو ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ؟ نه نه ، اهو به ڇو ڪن ڇو ته سندن اولاد غريب عوام جي لٽيل دولت تي ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهي رهيو آهي !! بهرحال هلون ٿا اسڪولن ،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سياست ڏانهن اتي جيڪا سياست ٿئي پئي ڇا اها شاگرد سياست پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ڏانهن نيندي ؟ شاگرد سياست جي نوجوانن وٽ قلم ڪتاب هجڻ گهرجن پر هٿن ۾ پستول نه !!؟ شاگرد سياست جا نوجوان اسان وٽ هتي جهيڙن ،بائيڪاٽن ،ناري بازين ۾ مصروف آهن اهي ڇا بهتر تعليم پرائي سهگندا ؟ آئون سنڌ يونيورسٽي جو پڙهندڙ آهيان منهنجي اکين جي سامهون چئن سالن ۾ ٽي نوجوان پنهنجي جياپي جي جنگ هارائي ويٺا آهن ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪلاسن جو بائيڪاٽ پنهنجي تعليم جو پاڻ ئي پيا ٻيڙو ٻوڙيون پيا ڇا هي اسان جي شاگرد سياست ؟ منهنجي نظر ۾اهڙي قسم جي سياست نه پر نوجوان نسل جي تباهي ۽ بربادي آهي ۽ نوجوان نسل تباهي بربادي جي ذميدار والدين ۽ سياسي تظيمون آهن !! اسان وٺ شاگرد سياست جا نوجوان استادن کان سياست جي دٻاءَ تي مارڪون وٺن ٿا ڇا اهي سياست ۾ اچي ملڪ جون واڳون سڀاليندا ۽ قوم کي خوشحال ڪندا ؟ ائين ڇو آهي هتي رڳو تنظيمون صرف پارٽين ۾ انگ وڌائڻ ٿيون چاهين پر انهن جي تريبت جي باري فڪر مند ناهن !!شاگرد سياست جي نوجوانن کي سچ پڇو ته ڳالهائڻ جو ڊنگ نه ناهي هوندو کين اها به خبر به ناهي ته مونکي ڪهڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ، رڳو ڪامريڊ سڏائڻ رڌل هوندا آهن پر کين اها ضرور خبر هجڻ گهرجي ته ڪامريڊ لفظ جي معنيٰ رهبر ،دوست پر ڪامريڊ جي معنيٰ اهيا بلڪل به ناهي ته جهيڙو هٿ ۾ هٿيار ماڻهن کي هسائڻ اهو ڪامريڊ جو ڪم ناهي ،حالانڪ پارٽين ۾ هجڻ ائين گهرجي ته نوجوان جي ميمبرشپ کان پهريان سندس صلاحيتن جو امتحان ورتو وڃي انهي کان پوءِ سندس ميمبرشپ پنهنجي پارٽي ۾ بحال ڪئي وڃي ، ۽ مان خاص ڪري پنهنجي نواجوان ساٿين کي اهو چوڻ چاهيندس ته اوهان نوجوان مان الائي ڇو سهپ جا ڪڻان موڪلائي ويا آهن ڇا رکيو آهي جهيڙن ،نفرتن ۾ خدارا انهن کان پاسو ڪريو !! منهنجي خيال ۾ شاگرد سياست ڪجي نه شاگرد سياست سکجي ڇو ته اسان کي يونيورسٽي ،ڪاليج ۽ اسڪول ۾ پڙهڻ جي لاءِ ملن ئي 6 ڪلاڪ ٿا انهن 6 ڪلاڪ ۾ شاگرد پنهنجي تعليم پوري ڪري يا شاگرد سياست ڪري ؟ جيڪر شاگرد کي 2 ڪلاڪ سياسي سرگرمي ڪرڻي هجي ته انهي جو مطلب ته هو پنهنجا ٻه ڪلاس ڇڏي اچي سياست کي وقت ڏي ڇا اهڙي صورت ۾ اسان قومي ڪارڪن پيدا ڪري سگهنداسين ؟ جيڪر اسان وٽ تعليم ئي نه هوندي ته ترقي ڌوڙ تي ڪنداسين؟ آئون شاگرد سياست جي خلاف ناهيان نه ئي منهنجا نوجوانو دوستو اوهان جي دل آزاري ڪرڻ چاهيان ٿو ، آئون پاڻ به شاگرد سياست ۾ آهيان منهنجي قيادت جي مونتي نظرثاني ضرور ڪندي آهي پهريان تعليم ان کان پوءِ سياست !! منهنجي سياسي قيادت ايڏي وڏي پيماني جا ناهن جو آئون ويهي ڦٽاڪون هڻان ته منهنجا سياسي اڳواڻ بس ڇيهه جا آهن پر مان پنهنجي سياسي اڳواڻ جي باري ۾ ڄاڻان ٿو،پر جي هتي شاگرد سياست جي نوجوانن کان کڻي پڇندا ته اوهان جا اڳواڻ هيڏيون وڏيون شخصتون آهن ڇا اوهان انهن جي باري ۾ ڄاڻون ٿا ۽ انهن جا لکيل ڪتاب پڙهيا آهن يا سندن مشهور تحريڪون آهن يا انهن جو نظريو ڇا آهي اوهان کي ڪا انهن جي باري ۾ خبر آهي يا نه ؟ پردوست رڳو ڪنڌ لوڏڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ اندر جو اندر ۾ شرمندا پيا ٿيندا آهن پر جي انهن جي سامهون ٿوري مخالفت ڪندي ته وڙهڻ لاءِ تيار هوندا آهن ائين ڇو آهي ؟ ۽ مون اڪثر اهڙا به دوست ڏٺا آهن جيڪي شاگرد سياست مان گذر ڪري يعني اسٽوڊنٽ لائف مان نڪرن ٿا کين پوءِ ڏاڍو پڇتاءِ ٿيندو آهي،يونيورسٽي جي چار سال نڪرڻ کان اڳ پوليس جي نظر ۾ مجرم هوندا آهن ٻاهر پوءَ انهن ڪوڙن سچن ڪيسن ۾ پيا لوڙيندا آهن انهي کان بهتر ناهي ته اسان پنهنجي تعليم کان پوءِ ملندڙ وقت بهتر تربيتي سياست کي ڏيون ۽ اسان پنهنجي والدين جا خواب پورا ڪري سگهون ۽ پنهنجي ملڪ جي اٻوجهه عوام جي خدمت ڪري عزت واري زندگي گهاريون!! مان توهان کي هڪ عجيب حيران ڪندڙ ڳالهه ٿو ٻڌايان شاگرد سياست جي سياستدان سان ملاقات ٿي ساڻس دوستي به ٿي وئي هڪ ڏينهن ساڻس ڪهچري ڪرڻ تي دل چيو مان سندس گهر ويس ۽ انهي ماڻهون 25 سال سياست ۾ گذاريا ۽ 20 سال اهم عهدي تي رهيو هو ۽ هاڻي به سياست ڪندو آهي کائنس پڇيم ته اوهان جي تعليم ؟ چيائين مئٽرڪ !! اڇا ؟ جا ها ڳالهين ڳالهين ۾ پاڻ مونکي چوندو ويو ته مون دنيا جو ادب پڙهيو آهي مان حيران ٿي ويس ٺيڪ آ سنڌي ادب پڙهيو هوندو مان مڃان ٿو پر دنيا جو ادب فارسي ،عربي، انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ٻولين ۾ آهي هن ڪئين پڙهيو هوندو اسان يونيورسٽي جا شاگرد آهيون پر اڃان تائين پوري انگريزي پڙهڻ ڪانه ٿي اچي هن وري ڪٿان پڙهيو ادب ،بهر حال اڳتي کيس چيم ته سائين اوهان سياست ۾ 25 سال گذاريا آهن هاڻي ته اسان جي مٿان اوهان جهڙي مهاناز هستي جو شفقت ڀريو هٿ هوندو ته اسان جا ٻيڙا ئي پار ها ها بابا ڇو نه !!همراهه پنهنجي سياست جي ساراهه مان ڊاپي ئي ڪونه پيو ته مون کائنس پڇيو سائين ڀلاءِ اسان کي سياست جي ڊفينشن ته ٻڌايو ڀلاءِ؟ يقين ڪيو ته سندس چهري جا تاثرات تبديل ٿي چڪا هئا ڄڻ مون همراهه کي گولي هئني هجي !! ۽ ٻيو ته نه سائين جن کي سٺي تقرير ٿي اچي ۽ سندس تعليم به مئٽرڪ ڇااهو ماڻهون اسيمبلي هلي عوام لاٰءَ ڪجهه ڪندو جنهن کي سياست جي ڄاڻ ناهي ۽ اوهان ڄاڻو ٿا هن وقت اليڪشن ڪميشن ڪيترن ئي اميدوارن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ڪيون آهن جيل جي هوائن جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن اسان تي حڪمراني ڪئي آهي ڇا اهي سياستدان اوهان نوجوان لاءِ بهتر سوچيندا ڇو ته اهي ساڳيان ماڻهون آهن جن شاگرد سياست ڪئي هئي جن جي افحالن جي رزلٽ اوهان سڀني جي سامهون آهي نوجوان کي صلاح ڏيندس ته بهتر تعليم حاصل ڪيو سياست ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي اسان نوجوان لاٰءِ لائبريريون ڪتاب سان ڀريون پيون آهن پر اسان کي لائبريرين ڏانهن وڃڻ کان ٽيڙ تپ چڙهي ويندو آهي، اسان کي سنڌي .انگريزي،سائنس،حساب،ڪيمسٽري ،فزڪس اسان پڙهڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا جي ادب کي به پڙهڻ گهرجي ائين پاڻ کي دنيا ليول تائين قابل بڻايون .ائين اسان پنهنجي ملڪ ۾ نئي ٽيڪنلاجي آڻي سگهون ۽ اسان وٽ وڏا وڏا ريسرچ جا ادرا هجن ،بهتر کان بهتر ڪاروبار ڪري ملڪ جي اڪنامي جو ڳاٽ اونچو ڪري مالڪ مان بک بدحالي جو خاتمون آڻيون ،پنهنجي بهتر سياست وسيلي پاڻ کي دنيا مان غلامي جي نجات ڏياري آزاد ۽ خودمختيار بڻائي سگهون ملڪ ۾ قومي راڄ هجي اسان ڪنهنجي اڳيان معتاج نه هجون ۽ دنيا ۾ اسان ثابت ڪري ڏيکاريون ته سنڌي قوم هڪ پڙهيل معتبر قوم آهي
محترم سائين قابل احترام عبدالڪريم چانڊيو صاحب تمام گهڻا ٿورا لک لائق اوهان جا جي اسان ننڍڙي پورهي تي همٿايو آهي .مهرباني سائين
سائين احمد رضا ! اوهان جو مضمون هڪ ڪارائتو ۽ وقتائتو آهي ،جنهن جي لکڻ لاءِ اوهان جس لهڻو . مان هن وقت ان تي پنهنجي وت ۽ وس آهر تبصرو ته ڪتري سگهان ٿو، پر ڪا وڌيڪ ڄاڻ ڏيئي نه ٿو سگهان . 1...سياسي علم به ٻين سائنسي علمن وانگر هڪ اهم مضمون آهي ،ان جو لاڳاپو يا تعلق به سڀني سائنسي ، سماجي ،ادبي،معاشي ، جاگرافيائي ،تاريخي ، مذهبي ،قانوني يا حسابي علمن وغيره سان آهي . علم جي ڪهڙي به مضمون يا شاخ کي ٻين علمن کان ڌار يا جدا ڪري نه ٿو سگهجي . انهن سڀني علمن جو اثر هڪ ٻئي تي ٿيندو آهي ۽ لازمي ٿيڻو آهي . اهڙا سڀيئي علم هن ڪائنات کي هلائين ٿا ۽ بهتر ۽ خوبصورت بنائين ٿا . جڏهين اهڙن علمن مان ڪن به علمن جي اصولن ۽ قانونن ۾ ڪا مصنوئي يا قدرتي طور ڪا مثبت يا منفي تبديلي ايندي آهي ته هي دنيا يا ڪائنات جو ڪوبه حصو ان تبديلي کي قبول ڪندي ان جو شڪار ٿيندو آهي . تنهن ڪري اسان کي سوچڻ گهرجي ته سڀني علمن يا هٿرادو ۽ قدرتي قانونن کي هن دنيا جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ استعمال ۾ آڻجي . هاڻي جيڪڏهين ڪنهن فرد ، گهراڻي ، ڪڙم ،قبيلي ، سوسائٽي ، معاشري يا قوم ۾ مثبت سياسي شعور، ڄاڻ ۽ علم نه هوندو،ته پوءِ ان جي گذرندڙ زندگي ڪهڙي هوندي ؟ ان جو ادراڪ اوهان پاڻ ئي پنهنجي مضمون ۾ ٿورو ڪري چڪا آهيو . جيڪي به جاندار يا بي جان شيون آهن انهن جي وچ ۾ خوراڪ جي حصول ، نسل وڌائن ، جڳه جي ولار ۽ وجودي بقا جي لاءِ جنگ ۽ جدوجهد جاري آهي . ان جنگ ۽ اصولن کان اسان انسان به به ڌار ڪين آهيون . تنهن ڪي سياسي علم ۽ ان جي عملي تربيت نه صرف وڏڙن جي لاءِ پر ننڍڙن ۽ نوجوانن مردن چاهي عورتن جي لاءِ نهايت لازمي ۽ ضروري آهي . هاڻي جيڪي به لالچي يا مفاد پرست فرد ، ڪڙم ، قبيلا ، ٽولا ، گروه يا قومون جڏهين بين جا حق يا مالي وسيلا ڦٻائڻ گهرندا آهن ،ته اهي صرف ئي صرف علمي ڄاڻ ،عددي قوت ،مذهبي چالاڪي ۽ هٿيارن جي طاقت کي استعمال ۾ آڻي ٻين جا حق غضب ڪري سگهن ٿا . اسان سنڌين وٽ پنهنجي لاءِ سڀ ڪجه آهي پر، تنهن ڪري اهو سڀ ڪجه اسان کان ڦرڻ جي لاءِ اهڙا غاصب ماڻهو ، گروه ۽ قومون اسان کي جاهل رکڻ ۽ پنهن جي وسيلن جي حفاظت نه ڪري سگهڻ جهڙو ڪري رهيا آهن . اسان کي هاڻي اهو سوچڻو آهي ته اسان هن وقت ، جڏهين اچي اسان جي بقا جو سوال بيٺو آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ؟؟