نوٽ : دوستو هي منهنجو مضمون لکيل آهي مهرباني ڪري نظرثاني ڪيو ۽ توهانجي رهنمائي جو منتظر آهيان..... سنڌ جي صورتحال ڏسي اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا ۽ سواليه نشان ڪر کڻندو آهي ته آخر ڪار سنڌي قوم جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ جي عوام هميشه تڪليفن ۾ گهاريو آهي نه انهن وٽ جسم تي سٺو ڪپڙو نه ئي وري انهن وٽ رهڻ لاءَ ڪو اجهو آهي، مونکي اهيو ته ڪير ٻڌائي ته روڊن رستن تي معصوم ٻارڙن توڙي عورتن جو پنڻ ۽ راتن جون راتيون ويلا ڪاٽيندڙ مظلوم ماڻهون ڇا اهي مهاجر .پنجابي، پٽاڻ ؟ يا سنڌ جو وڏيرا يا سردار آهن ؟ اهي سنڌي مظلوم غريب طبقو نڌڻڪا ۽ لاوارث بڻيل آهن جن کي ڏسي محسوس ٿي ته ڄڻ هنن جو ڪو ماڳ مڪان ئي ناهي!! روز سنڌ اندر ڪا نه ڪا نياڻي ڪاري ٿي ڪسجي يا وري پسن عيوض قرباني جي ٻڪري جيئان وڪامجي ٿي. سنڌ جا سنڌي جاگيردار ،وڏيرا،سردار ملڪيتن سان مالامال هوندي به غريب طبقي جو رت چوسڻ ۾ پورا هوندا آهن !! سنڌ اندر تڪراري جهيڙن جي جنگ زور شور سان جاري آهي ۽ ٻئي طرف ڪراچي ۾ 10 کان 15 ماڻهن جو مرڻ روز جو معمول بڻيل آهي سوين مائرون پنهنجن لالن جا لاش کڻن ٿيون ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ڪهرام متل آهي پاڪستان ۾ انساني حقن جون تنظيمون جيڪي انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون پر انهن کان سنڌ جا ماڻهون به وسري ويا آهن!! شايد هنن جي نظر۾مظلوم سنڌي ماڻهون انسان ناهن!نه ئي وري سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين پٽاڻن،مهاجرن ڪڏهن پڇيو آهي ته هي اوهان سنڌين مظلوم ماڻهن سان نه ڪيل گناهه جي سزا ڇو ڀوڳي رهيا آهيو ؟ اڄ سنڌ سڄي ميدان جنگ بڻيل آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌي عوام جي ووٽن تي اسيمبلين ۾ ايندڙ سنڌي حڪمران اسيمبلين ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن ڄڻ ته سنڌن منهن تي لوهي تالا لڳل آهن ! انهن ئي سنڌي حڪمرانن سنڌ سان جيڪاويساهه گهاتي ڪئي آهي شايد اها تاريخ ۾ پيپلز پارڻي جي سنڌي حڪمرانن ڪڏهن به نه ڪئي هوندي، اهڙي ته دشمن به ناهي ڪندو پر هنن کي پنهنجون ڪرسيون بچائڻيو هيون سنڌ ٻه ٽڪر ٿي ته ڀلي ٿي هنن جو ڇا!! سنڌي ماڻهون اڳئي بک بدحالي جا ماريل وري جي اهڙا گهاءَ ملندا ته ڪئين نه رت جا ڳوڙها روئيندا!!سنڌ جي عوام ڏکن سورن ۾ رهڻ ته پسند ڪندي پر پنهنجي جيجل ڌرتي کي ڀاڱانا ٿيندي نٿي ڏسي سگهي ،پناهگرين کي اک پٽڻ گهرجي ته 27 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هنگامي صورتحال جو اعلان ڪيو۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جنهن جو مقصد هو ته صوبا وڌيڪ مهاجرن کي قبول ڪن پر هر صوبي وڌيڪ مهاجرن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مرڪز وڏير ۽ هاري وارو ڪردار ادا ڪري مهاجرن کي قبول ڪرڻ جو حڪم ڏنو انهي وقت پنجاب ۾ 55 لکن جي قريب مهاجرن اچي چڪا هئا ۽ اچي راهيا هئا ته پنجاب جي ننڍ ڦٽڻ لڳي ته هي سڀاڻي اسان لاءِ ناسور بڻجي پوندا جئين اڄ سنڌ لاءِ ناسور آهن!! پر پنجاب ترقي پسند رهنما ميان افتخارالدين جو خيال هو ته جاگيردارن جا قبصا ختم ڪرائي ۽ زرعي سڌارن وسيلي حاصل ٿيندڙ واڌو ايراضي تي مهاجرن کي آباد ڪيو وڃي ،ان وقت جي موجوده پنجاب جي صوبائي حڪومت ميان افتخارالدين جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پنجاب حڪومت مرڪز کان مطالبو ڪيو ته وڌيڪ مهاجرن کي سنڌ ۽ سرحد موڪليو وڃي ٻئي صوبا جڏهن مهاجرن کي رهائڻ انڪار ڪرڻ لڳا ته مرڪزي حڪومت هنگامي صورتحال نافذ ڪري صوبن ۽ رياستن ڏانهن وڌيڪ مهاجرن کي قبول ڪرڻ جو حڪم ڪيو،سنڌ کي ٻه لک ،سرحد کي هڪ لک،بهاولپور۽ خيرپور رياستون ۽ بلوچستان هڪ لک پناهگرين ڪنڌ ۾ هينو ويو سنڌ سان ويساهه گهاتيون اڄ کان نه پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پهريان کان ئي هلندو اچي ٿو آهستي آهستي سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ مهاجر، پنجابي، پٽاڻ آيا صورتحال اها وڃي بٺي جو اصل آبادي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. مرڪز خاص طور تي پاڪستان ٺهڻ سان ئي سنڌ جي پويان هٿ ڌوئي پيو آهي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪراچي کي گادي هنڌ ڪري ان جون واڳون پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ۽ ڪراچي جي بندرگاهه جيڪا سنڌ جي لاءَ وڏي کان وڏو آمدني جو ذريعو آهي پر اهو به مرڪز پنهنجن گوڏن هيٺ ڪيو ، سنڌي رهنما سنڌ ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا هئا پر سندن نه ٻڌي وئي. 1948 ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان اتفاق راءِ سان هڪ قراداد پاس ڪئي وئي هئي جنهن ۾ حڪومت پاڪستان صوبائي انتطاميه جون واڳون مرڪز حولي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي. مئي1948ع ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ڪراچي کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ته سنڌ اسيمبلي جي مسلم ليگ پارٽي انهي ڪيل فيصلي کي نامنظور ڪيو ۽ وفد جي صورت ۾ بلوچستان زيارت ۾ ترسيل قائداعظم ڏانهن ويا ، پر ڳالهه نه مڃي وئي سخت مخالفت جي باوجود به سنڌ اسيمبلي مان23 مارچ 1948 ع ۾ گورنر جنرل جي حڪم سان ڪراچي صوبائي هٿ وسان ڪڍي مرڪز حوالي ڪري ڇڏيو ،سنڌ جي سنڌي ماڻهن مهاجرن کي مظلوم سمجهي سندن آڌر ڀاءِ ڪيو ،پر انهن ئي مهاجرن ئي هر هنڌ زرعي ۽ شهري ملڪيتن تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي ڏيهي ماڻهن لاءِ مشڪلاتون دريش اچڻ لڳيون،صوبائي حڪومت عتراض باوجود مرڪزالڙي ڪهاڙي جيئان سنڌ مٿان حاوي هو، جنهن ڪري اڄ اسان هي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن 1950ع ۾هندوستان مان فرقيوار فسادن کان پوءَ مهاجرن جا ٽولن جا ٽولا کوکرا پار رستي کان سنڌ ۾ آيا.1951 ع جي آدمشماري ۾صرف اندروني سنڌ ۾ ، ڪراچي کي ڇڏي ڪري ان وقت ساڍن پنجن لکن کان وڌيڪ مهاجر آباد ٿي چڪا هئا ،ڪل آبادي 11.7 سيڪڙو هئي ۽ ڪراچي جي آبادي 1951 ع ۾ (905781) هئي، اتي مهاجرڪل آبادي جو 55 سيڪڙو هئا برصغير جي سڀني صوبن کان آيل هئا مهاجرن جو وڏي اڪثريت ڀارتي پنجاب،راجپوتانا، يو پي سان آهي. سنڌ ۾ آيل مهاجرن جا انگ اکر ڪجهه هن ريت آهن ،اجمير مان آيل مهاجرن جو تعداد (26005 ) آهي جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.53 سيڪڙو آباد آهن، بمبئي شهر مان آيل (8790) جيڪي اندورني سنڌ ۾0.18 سيڪڙو آباد آهن، دهلي (15259) جيڪي اندورني سنڌ ۾0.31 سيڪڙو آباد آهن، مشرقي پنجاب (165655) جيڪي اندورني سنڌ ۾0.36 سيڪڙو آباد آهن، پنجاب رياستون ۽ ايجنسيون (33921) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.68 سيڪڙو آباد آهن، يو پي (117273) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.38 سيڪڙو آباد آهن، راجپوتانا رياستون ۽ ايجنسيون (138406) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 2.83 سيڪڙو آباد آهن، مڌيا پرديش (11496) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.28 سيڪڙو آباد آهن، بمبئي اسٽيٽ (20556) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.41 سيڪڙو آباد آهن، ٻيا (20069 ) جيڪي اندورني سنڌ ۾ 0.04 سيڪڙو آباد آهن . سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهاجر آيا جيڪي حريانا سان تعلق رکندڙ هئا جيڪو هن وقت الڳ صوبو آهي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي توهان جي اکين جي سامهون آهي مهاجرن کي اسان سنڌ واسين جي ۾ جايون ڏنيون اڄ اهي اسان کي ڌاريون چون ٿا ۽ اسان ڌرتي واسي ڌاريا ۽ پناهگير والي وارث سڏرائين ٿا .هاڻي اسان سنڌي ماڻهون سجاڳ ٿي چڪا آهن اسان پنهنجو حق وٺي سگهون ٿا پر اسان جا موجوده سنڌي حڪمران ئي هنن کي مٿي چاڙهيو ويٺا آهن شايد سنڌ جي شاعر سرويچ سجاولي سهي چيو آهي سنڌو جو سور ڪنهن سان سلهجي ڪنهن جي منهن تي داغي ملجي
سهڻا علي رضا صاحب ! جيڪا قوم پنهنجي حالت کي بدلائڻ جي لاءِ پاڻ ڪوشش ناهي ڪندي ته الله (ج) به ان قوم جي حالت بدلائڻ ۾ مدد ناهي ڪندو . ڪنهن ڏاهي چيو هو ته اپڻي گهوٽ ته نشه ٿيوي . ڀٽائيءَ چيو هو ته ( اچوڙي سورن واريون ،ته ڪريون سور پچار) . تنهن ڪري اچو ته پهريائين اهي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي سان سور ونڊيون ، جيڪي ان سورن کي محسوس ڪري رهيا آهن ، پوءِ انهن جي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪودرست رستو ڳولهيون ۽ ان تي عمل ڪري اهڙن سورن کي گهٽايون يا انهن مان جان ڇڏايون .باقي جيڪڏهين غلط رستن تي هلنداسين يا غلط ۽ نقصان ڏيندڙ طريقن واري جدوجهد ڪنداسين ته ويتر عذاب بهوڳينداسين . .
اوهان سهڻو لکيو آهي پر هاڻ سور سلڻ کان چڙهي ويا آهن ... اڃآن جي سور سليندا رهياسين ته پوء الائي ڪٿي پهچنداسين. هي وقت اتحاد جو آهي ۽ هي وقت ڪجهه ڪرڻ جو آهي...
هاڻي سنڌي عوام ۾ شعور اچي رهيو آ پر اڃان جيڪي سنڌ جا وڏيرا ڪرسين جي لالچ ۾ پنهنجا لڏا لاهيو ويٺا آهن ۽ سنڌ جو نوجوان خبر ناهي ته ڪهڙن خفن پويان لڳي پيو آهي.