کپرو ٿر وارن لاءِ ٿو دانهين ! کپرو جا ڪامورا اڇڙي ٿر لاءِ ڪم ڪندڙ اڇڙو ٿر ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ الله بخش راڄڙ تي جڙتو ڪيس ڪري ڇڏيو . اڇڙو ٿر ايڪشن ڪميٽي جو چئيرمن الهه بخش راجڙ پنهنجي علائقي جي غريب مسڪين ماروئڙن جي صحت ،تعليم ۽ ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت جاکوڙ ڪئي آهي،۽ هن اڇڙي ٿر جي پيٽ بکايل ،ابهم معصوم ٻارڙن عورتن جي لاءِ اڇڙي ٿر جي معصوم عوام لاءِ هن ڏڪاريل ڏيهه واسين جي مدد ڪرائڻ لاءِ هن پنهنجي فورم تان نه جهڪيو ، اڇڙو ٿر جي 400 خاندانن مان 200 خاندان کي سنڌ حڪومت طرفان آيل ڪڻڪ حقيقي غريب مستحق ماڻهن کي هد جي تپيدار ۽ ڪوٽار هٿان ورهاست ڪرائي ڏني جنهن جي لسٽ علائقي جي ڪوٽار حوالي ڪئي وئي مگر ڪجهه سازشي عناصرن هن سماج سڌار انسان دوست جاکوڙي ڪردار کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي .اسان ان عمل جي شديد سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.۽ اڇڙو ٿر جا هزارين متاثر خاندان انصاف جي گهر ڪندي سندس پرگهور لهندڙ الهه بخش راجڙ جي آزادي جي گهر ڪن ٿا .