• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو رَاڻَو ڀَانيَو رَاندِ، وَڃِيَو ڪِئَن وِڙُ رَائِيَين

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1480758_10204943726731123_6151803507196990153_n.jpg


رَاڻَو ڀَانيَو رَاندِ، وَڃِيَو ڪِئَن وِڙُ رَائِيَين
وَرُ وِڏُوڻَو اِيَهِين، جِئَن پَرُ پُڄِتَوءِ پَاندِ
هَئَي ڀَڳَئي هَيڪَاندِ، سَوڍَو سَارِيندِينءَ گَهڻَو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڀَانيَو = سمجهئي، تو ايئين سمجهو
وِڙُ = ڪميڻو، بي شرم، جڙتو راڻو
رَائيَين = ريجهائين، ورونهه ڪرين، دل وندرائين
وَرُ = ڪانڌ، ڀتار، مڙس
وِڏُوڻَو = ڏمريو، ڪاوڙيو
پَرُ = ڌاريو، پرائو
پُڄتَوءِ = پلاند ۾
هَيڪَاند = هڪ سان وفاداري، هڪ جو ٿي رهڻ

بيت جو پس منظر

~ او مومل !! تو راڻي جي پيار کي مذاق، مشڪري ۽ ٻاراڻي راند ڪري سمجهيو هو جو پاڻ سان گڏ هڪ غير مرد کي سمهاري پي دل وندرايئي.

~ توسان تنهنجو محبوب تڏهن ڪاوڙيو جو تون ڪنهن پرائي کي پنهنجو ڪيو.

~ هاءِ !! مومل تو راڻي سان ڪيل پنهنجو وچن ۽ واعدو ڀڃي ويٺينءَ هاڻي پئي راڻي کي رويون ياد ڪجان.

سمجهاڻي

راڻي کي جڏهن گهڻيون راتيون پئجي ويون ته مومل اڪيلي سمهي سمهي بيزار ٿي پئي سو سندس وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻا ڪپڙا ۽ پٽڪو پارائي پاڻ سان سمهاريائين. هڪ رات اوچتو جڏهن راڻو آيو ته هي ڏسي حيرت م پئجي ويو ته مومل سان ڪو غير مرد ستل آهي. سو پوئتي موٽي ويو ۽ هميشه جي لاءِ ڪاوڙجي ويو. مومل کي هي مذاق ڳچيءَ پئجي وئي.
ڀٽائي هن بيت م مومل جي ڪيل ٻاراڻي حرڪت ۽ غلط عمل جي نندا ڪندي محبوب سان ڪيل وچن کي ڪا معمولي شئي سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري.
سو اچو ته پنهنجي پرينءَ ۽ ٻين ماڻهن سان ڪيل واعدي، وچن ۽commitment کي ڪن معمولي ڳالهين تي قربان نه ڪيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top