• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليکڪ، محقق ۽ استاد الطاف جوکيي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10511321_10204943362162009_7873299971896459619_n.jpg

الطاف جوکيو:

الطاف جوکيي جو واسطو ادب ۽ تحقيق سان آهي، پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن جو سڄو نالو الطاف حسين جوکيو آهي. پاڻ سنڌ جي ناليواري تعليمدان ۽ اديب، محبوب علي جوکئي جو فرزند آهي. الطاف جوکيي جو جنم 22 نومبر 1964ع تي محرابپور تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿيو. هن ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان 1980ع، ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1986ع ۾ ڪئي. بي. ايڊ (1992ع) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. تازو ئي پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ٻوليءَ ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي اٿن. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي، هن جي دلچسپيءَ جا موضوع سنڌي ٻولي، گرامر ۽ لسانيات آهن، جنهن سلسلي ۾ هن ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا آهن، جيڪي ٽماهي ”ڪلاچي“ ڪراچي ۽ ٽماهي ”سنڌي ٻولي“ حيدرآباد ۾ ڇپيا آهن. ان کان سواءِ لطيفيات جي موضوع تي پڻ لکندو رهيو آهي. سندس هڪ مضمون سُر ڪيڏاري بابت ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل آهي.


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان.
 
Back
Top