شوڪت لوهار ٿي سگهي ٿو ته منهنجو مٿو ڦريو هجي يا مان خوامخواهه جي نڇ هڻندو هُجان ۽ اوهين وڏا منصف آهيو ۽ اوهين انگن اکرن جا به ماهر آهيو، اوهان کي دنيا جهان جو تجربو آهي. ڌڻي سائين اوهان کي ڪهڙين نه خوبين سان نوازيو آهي. وڏا ڏاها ۽ ذهين منش ماڻهو آهيو. اوهان کي جيترو اونو هن قوم جو آهي، ايترو ته شايد ياسر عرفات کي به ڪو نه هو. هي قوم جيڪا گونگي ٻوڙي ۽ انڌي آهي، اوهان جي اشارن جي سهارن تي هلي ٿي! ان کي اوهان جيئن وڻي هلايو. جيئن وڻيو هڪليو. اسين ڄڻ ته رڍون ٻڪريون آهيون ۽ رڍن ٻڪرين جي ڪهڙي مرضي ٿي سگهي ٿي؟ مون کي اهو ڏسيو ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي تڏي تي ويٺا هجو ۽ اوهان کي موبائل ڪمپني جي طرفان سڏ اچي وڃي ته اسان تازو ئي ليڊي گاگا يا ميڊون جو هي مشهور گيت مارڪيٽ ۾ لاٿو آهي، اوهان صرف ڪنهن نه ڪنهن بٽڻ کي دٻايو ۽ اها ڌن اوهان جي ٿي ويندي؟ يا اوهان سڀ سياڻا آهيو جو مبائيلي نشي آور دوائن کان پري ٿي سگهو ٿا. جڏهن هن ملڪ کي لٽي تباهه ڪندڙ ڪامورا، حڪومتي ڪارندا وڏن پروجيڪٽن جي پٿرن، سيمينٽ ۽ بجري کي کائي هڙپ ڪري سگهن ٿا ته اُتي روانو بلڪه گهڙي حساب پيغام موڪلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ اسين نٿا چاهيون ته ڪو اوهين ايمانداري جا مهندار ٿيو ۽ اسان کي حساب پيغام موڪليو. اسان اڳ ئي اوهان جي ايمانداري، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ڏسي پيا لڄي ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته هي صرف مون کي ئي ڪا پٽ پيل هجي جو هيترو عالم هنن جو ”صارف“ “Consumer” آهي ۽ انهن مان ڪڏهن به ڪا دانهن نه ڪئي آهي ۽ مان اڪيلو ويٺو ڇاڇري جي واري تي رڙيون ڪريان. ڀلا منهنجون دانهون ڪير ورنائيندو؟ ڪير منهنجا سڏڙا ٻڌندو؟ گذريل ويهن سالن ۾ جيترا موبائل استعمال ڪندڙ وڌيا آهن ايترو شايد هيپاٽائيٽس جا مريض به ڪو نه وڌي سگهيا آهن. هن لکڻي هرگز اهو مطلب نه آهي ته مان ڪو اخلاقي ٿرماميٽر کڻي ماڻهن جي گهرن ۾ وتان ٿو انهن جي موبائل جو استعمال چڪاسيندو ته اِهو مثبت آهي يا منفي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هميشه ڪنهن به شيءِ جا هاڪاري يا ناڪاري اثر ڏسبا آهن پوءِ نتيجو اهو ڪڍندا آهيون ته هن ڊجيٽل دؤر ۾ اسان جا ٻار پڙهڻ ڇو ڪو نه ٿا؟ ناني جون ڪهاڻيون وڃون پنهنجا پساهه پورا ڪري. هينئر اوهان جي نئين پيڙهي New Generation اوهان جي چوڻ آکڻ ۾ ان ڪري ناهي ته انهن جي دنيا ئي الڳ آهي، انهن جو جهان ئي ٻيو آهي. هو اوهان کي پراڻو يا قديمي Antique piece شمار ڪن ٿا ان ڪري ڪجهه به ڪو نه ٿيندو، اوهان ڀلي مٿو ڦاڙي وجهو. ڇاڪاڻ ته اهي هاڻ اوهان جي جيءَ ۾ اچڻ وارا ڪو نه آهن. اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ پيڙهياتو فاصلو Generation Gap ايترو وڌي چڪو آهي جو هاڻ هر دوا غير مؤثر آهي. اسان صرف انهيءَ ڳالهين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هي موبائل ڪمپنيون جيڪي روزانو اوهان (عوام) کان ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿيون ۽ بدلي ۾ اوهان کي ڇا ٿو ملي؟ يا اهي بدلي ۾ اوهان کي ڇا ٿيون ڏين؟ هي غريب قوم جنهن جو هر نئون ڳوٺ جنم وٺندڙ ابهم ٻارڙو آءِ ايم ايف جو ڇهانوي هزارن جو قرضي آهي. يقينن ان ۾ هن مظلوم قوم جو ڪو ڏوهه ناهي جو اسان جا حڪمران اسان کان وڌيڪ غريب آهن جو هو ايترو ته قرض وٺي چڪا آهن ۽ قرض وٺي رهيا آهن جو هاڻ انهن جي همت آهي ته اهي قرض لاهي ڏيکاري؟ ٻاهرين ملڪن جي دورن تي ايندڙ خرچ هجي يا بک ۽ اٽي جي کوٽ بابت ٿيندڙ گڏجاڻين تي خرچ هجي، ڪاٿو ڪير لڳائي سگهندو؟ بابا هتي ته ڪلڪيوليٽر ئي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا وڃن. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ايتري ڪرپشن آهي، جيتري چين ۾ آبادي آهي! ڪير ٿو منهن ڏيئي سگهي. ڳالهه سمجهڻ جي آهي، هي قوم جنهن لاءِ نه کائڻ آهي نه پائڻ ۽ نه رهڻ لاءِ دوا آهي نه اسڪول آهي پوءِ به ”معزز صارف!“ ”اوهان جي ڪال اسان لاءِ تمام اهم آهي.“ ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ به اوهان جي پئسن مان آهي ۽ پريان جنهن کي هو آفيسر ٿا چون، ڳالهائيندو ته به اوهان جي پئسن سان. اوهان سان ڳالهائڻ کان اڳ ۾ اوهان کي طرحين طرحين اشتهارن جي عذاب جو راڳ ٻڌڻو پوندو ته فلاڻو راڳي موجود آهي. هن جو راڳ ٻڌندو. فلاڻو نعت خوان جيڪو گهڻو وقت پاڪ ملڪ ۾ هيو هاڻ واپس آيو آهي ان جي نئين رڪارڊ ڪيل نعت صرف هڪ بٽڻ جي مفاصلي تي فلاڻو مولودي اڄ ئي اوهان ان جي مولود جي ٽون ٻڌو. جهاز جا نڪٽ وٺڻ لاءِ هاڻ اوهان موبائل جو استعمال ڪريو. فلاڻي برانڊ جا ڪپڙا وٺو. اڇو بافتو وٺو، ليلن جا ڪپڙا آن لائين خريد ڪريو. اسان جي خدمت چوويهه ڪلاڪ موجود آهي، اوهين ڪٿي به هجو بس اسان سان ڳالهايو، اسين پاڻ ئي اوهان جي کل لاهڻ لاءِ پهچي وينداسون. وري هيڏي ڇتي ڪوري واري ڊيگهه کانپوءِ جڏهن اوهان جو موبائل ڪمپنين جي آفيسرن سان ڳالهائڻ جو شرف حاصل ٿيندو ته هو بجاءِ اوهان جي ٻولي ڳالهائڻ جي اوهان سان غير سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائيندا. هڪ دفعو مون سنڌي سهولت کي استعمال ڪيو ان ۾ انهن جي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي انداز کي اوهان هڪ دفعو پاڻ غور هيٺ آڻي ته ڏسو (ڳالهائڻ، ڊسو، دبايو) اِهي الفاظ وري اِهي به اهڙي نموني ڄڻ ڪو ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائيندو هجي، جيڪا ختم ٿي چڪي هجي يا ان کي ڳالهائڻ ۾ ايتري ڏکيائي محسوس ٿيندي هجي. مون کي ته ائين لڳو ته اها سنڌي نه ڄڻ ڪا جرمن، فرانسيسي يا عبراني ٻولي آهي جو همراهن کي نه سمجهه ۾ ٿي اچي نه ڳالهائڻ ٿي اچي حالانڪه سنڌي ٻولي هن وقت پوري سنڌ ۽ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مقبول ٻولي بڻجي ويئي آهي. ان کي پنهنجي لپي آهي ان ۾ هزارين اخبارون، رسالا نڪرن ٿا. ان ۾ ٽي وي چينل آهن جن تي چوويهه ڪلاڪ سنڌي نشريات هلي ٿي پر پوءِ به خبر ناهي اها ڪهڙي رڪاوٽ آهي، جيڪا هنن موبائل ڪمنين جي CEOS (مالڪن) کي سمجهه ۾ نٿي اچي؟ آفيسر حضرات، اوهان کي اهڙا ته ڏس ڏيندا جو اوهان کان زبيده آپا جا ٽوٽڪا به وسري ويندا. هي ڪريو، هونئن ڪريو، هتان وڃون، هيڏانهن وڃون، اوهان جا پئسا پيا تيل ٿيندا ۽ اوهان جي اندر ۾ باهه ٻرندي رهندي، نيٺ اوهان کي پنهنجي دڪان عرف ”ڪسٽمر ڪيئر“ تائين پهچائي پوءِ دم وٺندا، اُتي به اوهان ۽ چوڌاري انهن جي اشتهارن جي جراثيمن ۾ وڪوڙيا پيا هوندا. ڀلا موبائل جي (Sim) وٺڻ يا تبديل ڪرڻ مهل به ڪو کلندو، مسڪرائيندو ۽ هوا ۾ ڪي گُل اڇلائيندو آهي؟ اهي سڀ اشتهار اسان وٽ هلن ٿا. اشتهارن ٺاهڻ واري جي نفسيات ئي عجيب آهي يا ته هو بيوقوف آهن يا هن سڄي ساري قوم کي بيوقوف پيا ٺاهين، جن ۾ اڻ ڳڻيا علم جا ڊاڪٽر عالم فاضل موجود آهن پر ڪي آواز بلند ڪري؟ مرد مومن ڪٿان اچي؟ اسان کي به پنهنجن ئي جهيڙن مان فرصت ڪانهي ته ٻاهرين يلغار مان ڪهڙو منهن ڏيئي سگهنداسين؟ پوءِ انهن کي جيئن وڻي تيئن ڪريو. اوهان سندن دڪان تائين پهچندا، اوهان کي دڪان جي چمڪائن ۽ رونق مان ئي اندازو ٿي ويندو ته عوام جو رت صرف مڇر ڪو نه چوسي رهيا آهن يا عوام جو رت صرف مهانگائي ڪو نه چوسيو آهي بلڪه معزز صارف! چئي ڪري مخاطب ٿيندڙ هي آدم خور “Vampire” به موجود آهن، جن خبر ناهي ماڻهن کي انيڪ ٻين نشن جيان هن نشي جو به عادي ڪري ڇڏيو آهي. اوهان اتان پنهنجو مسئلو حل ڪرائي سگهيا ته ٺيڪ آهي نه ته هڪ نئين سم ۽ ٿٻو کن Hand Bills جو کڻي پوءِ گهر ڏانهن روانا ٿيندا ۽ باقي وقت انهن جي ڪيل گفتگو جي سحر ۾ ئي گم رهندا ته گهر ۾ اهان جي عزت هجي نه هجي. گهر ۾ اوهان کي ”او ٻوڙا! او هيڏانهن، او هوڏانهن او سست، او ٽوٽي ڪري مخاطب ڪيو وڃي پر هي معزز صارف چوڻ وارا اوهان کي ايتري عزت ڏيندا، جيتري اوهان پنهنجي مرشد سائين کي ڏيندا آهيو يا اوهان پنهنجي تڪ جي ڀوتار کي ڏيندا آهيو. هاڻ جڏهن ٻن روپين ۾ جيڪڏهن تڪ جي ڀوتار جيتري عزت ملي رهي آهي ته اهو سوڌو مهانگو ڪونهي. ڪوئي سهي پر يار زندگي ۾ انهيءَ دوکي ۾ ئي پنهنجي عزت ٿيندي ته ڏسي وٺو پر پوءِ بئلنس ختم ٿيڻ جو ڇُرو پُٺي ۾ ٺڪ ٿي ويندو. اسان جي ريپبلڪ ۾ هلندڙ سڀني موبائل ڪمپنين هن غريب قوم جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ڪو به چوڻ وارو ڪو نه آهي! سرڪار سڳوري کي ٽئڪس جي صورت ۾ هڪ سئو روپئي جي ڀرائي load تي ٽيهه کان پنجويهه ٽيهه رپيا مليو وڃن، باقي خلق سان هي موبائل ڪمپنين وارا ڪهڙيون ٿا جٺون ڪن، ان جو نوٽيس وٺڻ سندن نيري ڪتاب جو حصو آهي. پي ٽي اي جو قيام صرف سڻڀيون پگهارون کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. عوام کي هي موبائل ڪمپنين وارا ڪهڙي نموني لٽي ڦري رهيا آهن، ان جو ازالو ڪو به ڪو نه ڪندو. هڪ محتاط اندازي مطابق روزانو هڪ مشهور موبائل ڪمپني جي چوويهه ڪلاڪن جي آمدني سٺ ڪروڙ روپين کان مٿي آهي، سو به هن مسڪين ملڪ ۾ جتي اڌ کان مٿي آبادي کي کائڻ لاءِ ماني ڪونهي ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڪونهي ۽ رهڻ لاءِ اجهو ڪو نه آهي. هر موسم ۽ مهيني ۽ رسم ريت جي حساب سان هنن موبائل ڪمپنين جا نوان نوان ڄار تيار آهن پوءِ اوهان کي ڪڏهن اِهي اڳيان هلايو پيغامن جي صورت ۾، رنگ ٽونن جي صورت ۾، ٻن ٻن سمن جي صورت ۾ الاءِ ته ڪيترو ڳجهو ڪاروبار آهي. اوهان سئو روپئي تي ٽئڪس ته ڏيو ٿا وري ڪال ڪرڻ تي، ميسيج ڪرڻ تي آپريٽ ڪرڻ تي الڳ ٽئڪس. هي دنيا جي ڪنهن ٻي ملڪ ۾ ٿئي ٿو يا صرف اسان وٽ ظلم آهي. ڪيتريون ئي بنا نالي ۽ غير رجسٽرڊ سمون (Sims) موجود آهنجن جي ڪري دهشتگردي جا واقعا ٿيڻ عام ڳالهه آهي. انهيءَ کان علاوه اسان وٽ جيڪي به اغوا ٿين ٿا، انهن ڀنگ به موبائل جي آرامده سهولت ذريعي ئي وصول ڪيو وڃي ٿو پر ڪير رسو وجهي، هاڻي ڪجهه ٽڪو پيسو سمون (Sims) وٺڻ ۾ سختي ٿي آهي، اڳي ته سِم ائين ملندي هئي جيئن بستري واري وٽ وڃو ۽ هو اوهان کي ٿوم ڌاڻا فري ۾ ڏيئي ڇڏيندو تيئن ئي اوهان دڪاندار کان سامان ورتو، جيڪڏهن ڏهه روپيا بچيا ته ڪجهه ٽافيون ۽ چار سمون مفت ۾. حالت اِها آهي جو گهر ۾ جيڪڏهن اٺ ماڻهو آهن ته اٺن وٽ موبائل فون آهي. ڀلا اڳي ٻار اسڪول ڪونه ويندا هئا. اڳي ماڻهوگهرن کان ٻاهر ڪم ڪار لاءِ ڪو نه ويندا هئا؟ اهڙو ظلم ته ڪو نه هوندو هو. اهو ڪمال ڪنهن ٻي شيءِ جو نه بلڪه ان پروڊڪشن جي مارڪيٽنگ جو آهي. اوهان جنهن شيءِ جي اشتهار بازي وڌيڪ ڪندا ته اها مقبول بڻجي ويندي. ٻه ماڻهو ڀل هڪ ٻي سان پيار ڪندا هجن، هڪ ٻي لاءِ جان ڏيندا هجن ۽ سامهون ٽيبل تي ويٺل هجن پر هوندا ٻئي موبائل ۾ مصروف جڏهن ٻه اڪيلا ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائڻ بجاءِ چوٿين ماڻهو سان مخاطب آهن ته اها جيت موبائل ڪمپني جي آهي، ان جي اشتهارن جي آهي نه ڪي اسان جي پيار جي. تنهن ڪري معزز صارف جي خود فريبي ۽ رنگين دوکي ۾ اچڻ بجاءِ اوهان انهن جي ڄار ۾ ٿورو ٻاهر نڪري سوچيو ۽ انڪار لاءِ تيار ٿيو. shokatali.lohar@gmail.com