مختيار سمون اياز قادري صاحب کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مون کي صرف ڪو هڪ يا ٻه دفعا موقعو مليو هو ۽ اهو به لاڙڪاڻي جي ادبي ميڙاڪن ۾ ئي. ڇو ته پاڻ جڏهن نوڪري تان رٽائرمنٽ ڪري لاڙڪاڻي اچڻ ۽ رهڻ جو گهڻوسلسلو جوڙيو هيائون، تڏهن مان پڙهائي ۽ نوڪري جي سانگي لاڙڪاڻي کان ٻاهر رهندو هيس. مان 1991ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيس ۽ هتي 1992ع ۾ ناليج سينٽر قائم ڪيم ۽ ان ۾ انگريزي پڙهائڻ سان گڏ سنڌي علمي ادبي نشستن جو اهتمام به ڪرڻ لڳس ۽ ڪوشش ڪيم ته لاڙڪاڻي ڄايا نامور اديب ۽ دانشور به ناليج سينٽر ۾ اچي مون کي ۽ منهنجي شاگردن کي پنهنجي فيض سان نوازن . انهيءَ حوالي سان لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جو ناليج سينٽر ۾ اچڻ ٿيو پر منهنجي هڪ خواهش اڻپوري رهجي وئي، اها هيءَ ته مان ناليج سينٽر لاءِ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جن کان وقت وٺي نه سگهيس ۽ پاڻ 1997ع ۾ انتقال ڪري ويا. بحرحال 1999ع ۾ ناليج سينٽر اياز قادري صاحب جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ڪرائي پنهنجي اڱڻ، ماحول ۽ درو ديوار کي قادري صاحب جي ذڪر سان واسيو ۽ روشناس ڪرايو هيو. اياز قادري لاڙڪاڻي جي اهل علم ، ادب، دانش، ۽ روحانيت واريون رمزون رکندڙ خاندان جو هڪ اهڙو فرد هيو جيڪو نه رڳو پنهنجي بزرگن جي نقشقدم تي هلي روحاني روايتن تي ڪاربند رهيو پر هو سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تخليق واري عمل سان لاڳاپجي ايندڙ نسلن لاءِ لازوال ادبي شاهڪار به ڇڏي ويو، جن ۾ ڪهاڻيون به سندس هڪ خاص حوالو آهن. ڊاڪٽر اياز قادري 19 جولاءِ 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. بنيادي تعيلم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِايس ايم لا ڪاليج مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهيءَ سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري به ورتائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائي ۾ سنڌي غزل جي اوسر جي موضوع تي 1982ع ۾ پي ايڇ ڊي جواعزاز حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي جي اهميت جي پيشِ نظر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ان کي ڪتابي صورت ۾ “سنڌي غزل جي اوسر” جي عنوان سان 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر اياز قادري هڪ جاکوڙي، برجستو ۽ مستقل مزاج ماڻهو هيو. هن جي لاءِ زندگي، عمل ۽ جدوجهد جي ٻئي نالي جيان هئي، تنهنڪري هو ان جو هرلمحو ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ هميشه مصروفِ عمل ئي رهندو هيو. پاڻ اڃا اعليٰ تعليم جي حاصل ڪرڻ وارن مرحلن ۾ ئي هيو جو درس وتدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. پڙهائڻ جو ڪم هو نه رڳو هڪ سرڪاري معلم جي حيثيت ۾ڪندو هو پر ذاتي طور تي به، علم جي ٻين ڏانهن منتقلي کي عبادت سمجهندو هيو. سندس نوڪري جي شروعات 1949ع کان ٿي جڏهن پاڻ سنڌ مدرسي لياري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو.اُن جي ڇهن سالن کان پوءِ سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقر ٿيو. جتي ٻارنهن سال پنهنجي علمي ۽ ادبي فيض کي عام ڪندو رهيو. 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمنٽ جو باني اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو جتي مسلسل سورنهن سال سنڌي علم ۽ ادب جي بي لوث خدمت ڪري 1987ع ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائرمنٽ ورتائين. قادري صاحب جي علمي لياقتن جي پيشِ نظر رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءِ جي انتظاميا کيس شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا پاڻ قبول ڪيائين ۽ پوءِ پنج سال يعني 1991ع تائين ان ئي منصب تي فائز رهيو. لاڙڪاڻي ۾ قادري فيملي علم ادب ۽ سماج جي مختلف پهلوئن ۾ ناميان ڪردار ادار ڪرڻ واري حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. هن خاندان جا ڪي ئي فرد سٺا شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد، قابل منتظم ۽ ڪامورا هجڻ سان گڏ وگڏ سنڌي صحافت جا پڻ پيش رو رهيا آهن. صحافت جو اهو سلسلو اياز قادري کان اڳ سندس بزرگن ۽ پوءِ سندس پوئيرن تائين به جاري رهيو. اياز قادري پاڻ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۽ هفتيوار اخبارن ۾ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ سنڌ مسلم مئگزين، سنڌ ڪوارٽرلي، هفتيوار نوجوان ڪراچي، هفتيوار ناخدا ۽ هفتيوار الحقيقت شامل آهن. تعليم ۽ صحافت کان علاوه اياز قادري جي سڃاڻپ جوجيڪو وڏو حوالو آهي اهو آهي سنڌي ادب . سنڌي ادبي دنيا ۾ اياز قادري نه رڳو قلم جي ذريعي ئي ڪنٽريبيوٽ ڪيو آهي پر هو هڪ ادبي ڪارڪن ۽ ايڪٽوسٽ جي حيثيت سان پڻ ادبي تنظيمن ۾ بي لوث طريقي سان ڪم ڪندو رهيو هو. انهيءَ حوالي سان سندس نمايان شهرت ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پهرين سيڪريٽري واري آهي پر ان کان علاوه پاڻ جميعت الشعراءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو باني سيڪريٽري به رهي چڪو هيو. سندس تخليقي صلاحيتن، تحقيقي قابليت، بيان جي قوت ۽ قلم جي جنبش جي نتيجي ۾ جيڪي سندس تصنيفون تيار ٿي، ڇپجي، ڪتابي صورت وٺي منظر عام تي آيون آهن انهن ۾ ڪهاڻين جو مجموعو “بلو دادا”، پرين جون ڪهاڻيون، عشقيه داستان، مٽيءَ لڌو مان، سنڌي غزل جي اوسر، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، لائيف هسٽري آف سيد غلام مصطفيٰ شاهه شامل آهن. پاڻ انگريزي مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان اردو ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ واري پڻ وڏي صلاحيت رکندو هيو. سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ڊاڪٽر جِي الانا جو انگريزي وارو ڪتاب “فريڊم فائيٽرس”، مئڪسم گورڪي جا ڪتاب “ماءِ چائيلڊ هوڊ” ۽ ماءِ يونيورسٽيز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ترجمو ۽ ڪجهه اردو ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو پڻ شامل آهن. اياز قادري شاعر يا افسانا نگار هجڻ واري سٽ کي سلجهائندي پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب بلو دادا جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته “ آءٌ پهريان شاعر ۽ پوءِ افسانه نگار آهيان. مون جڏهن ڏٺو ته منهنجي سماج ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، جيڪو منهنجي دل ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو سو شاعري کان وڌيڪ افساني ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو تڏهن مون شاعريءَ سان گڏ افسانا به لکڻ شروع ڪيا.”. ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي شاعراڻي پسمنظر بابت وڌيڪ پنهنجي ڪتاب “غزل جي اوسر” ۾ لکي ٿو ته “ منهنجي اک غزل جي ماحول ۾ کلي. ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي طرف غزل جا شاعر هئا، منهنجو پيءُ ميان غلام سرور فقير، منهنجو ڏاڏو ميان غلام محمد گدا، منهنجو نانو ميان علي محمدي قادري ۽ منهنجو مامو ميان غلام عباس جوش غزل جا شاعر هئا. اسان جي اوطاق ۾ 1915ع کان باقاعده بزمِ مشاعره ٿيندا هئا جن ۾ جڏهن آءٌ اٺن سالن جو هوندو هوس ته وڃي ويهندو هوس ۽ استاد شاعرن جا غزل نهايت غور سان ٻڌندو هوس. ڊاڪٽر اياز قادري جيڪو اهڙي شاعراڻي ماحول ۾ نپنيو ۽ پليو ان لاءِ ڪو ڪامياب شاعر ٿيڻ ته مشڪل به ڪونه هيو پر ڪهاڻي واري صنف هن کي پاڻ ڏانهن ايترو ڇڪيو جو هن پنهنجي اظهار جو گهڻو تڻو ذريعو ڪهاڻيءَ واري صنف کي ئي بڻايو. ڊاڪٽر اياز قادري جو هڪ ويجهو دوست شيخ عبدالحليم لکي ٿو ته “ مون کي اياز ۾ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر نظر آيو جنهن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي جهلڪ نه پر خود زندگي جلوه فرما هئي”. شيخ صاحب ڊاڪٽر اياز قادري صاحب لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته “هن جڏهن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانهن مائل ٿيڻ کان جهليو. مون سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن اياز افسانن ڏانهن رخ رکيو ته اسانجو شعري ادب هڪ باڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رهجي ويندو.” انهن سڀني زورن ۽ بارن جي باوجود اياز قادري ڪهاڻي لکڻ سان منسلڪ رهيو ڇو ته هن جا جيڪي موضوع آهن خيالي نه هيا پر انهن سماج مان ئي جنم ورتو هيو جيڪي صرف افسانن ۾ ئي چڱيءَ طرح اظهارجي ٿي سگهيا. ان بابت قادري صاحب خود لکي ٿو ته “منهنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آهن نه خيالي هي اُهي تلخ حقيقتون آهن جنکي اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ هر روز ڏسون ٿا. مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آهي.” انهيءَ مٿين تناظر ۾ جيڪڏهن اياز قادريءَ جي صرف هڪ ئي ڪهاڻين جي مجموعي بلو دادا ۾ ڏنل ٻارنهن ڪهاڻين تي نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪهاڻين جي هن ننڍڙي ڳُٽڪي ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ملن ٿيون جيڪي تخليق ته ڪهاڻي جي ٽئين دور ۽ ورهاڱي کان پوءِ واري پهرين دور جي دوران ئي ٿيون آهن پر حقيقت ۾ قادري صاحب جون اِهي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي سموري صديءَ واري دور تي ڇانيل نظر اچن ٿيون. هنن ڪهاڻين جا پلاٽ، ٻولي ۽ پريزنٽيشن پنهنجي حوالي سان هڪ انفردايت رکن ٿا جيڪي هنن ڪهاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشين ٿا. جيڪا ڳالهه هنن ڪهاڻين جي تخليقڪار اياز قادري کي ڪهاڻي کيتر ۾ مٿاهين حيثيت بخشي ٿي. جيتوڻيڪ اياز قادريءَ جي “بلو دادا” ٽائيٽل واري ڪهاڻيءَ ادبي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي ورتي آهي پر هن جون ٻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ “مان انسان آهيان”، ۽ “ ڪفن چور” به پڙهندڙ جي وجود کي ڌوڏي وجهن ٿيون. ساڳيءَ طرح هڪ ٻي ڪهاڻي “علوءَ جو عشق” پڻ سماج ۾ بي پهچ انسانن جي اڻپورين خواهشن تي هڪ احتجاجي نوحي مثل آهي. مان پنهنجي مقالي جي وڌيڪ طوالت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن هن سموري بحث کي ويڙهي ۽ مجموعي طور تي اياز قادري جي ادبي ڪم خاص ڪري افسانه نگاري لاءِ ڪا راءِ قائم ڪيان ته پوءِ منهنجي اها راءِ به علامه غلام مصطفيٰ قاسمي واري ساڳي راءِ هوندي جيڪا هُن هن طرح رقم ڪئي آهي ته “ افسانوي فن ۾ اياز قادريءَ کي منفرد حيثيت حاصل آهي. ورهاڱي کان پوءِ جن افساني نگارن سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل ڪيو تن ۾ سندس نالو به شامل آهي.”
گهڻو اڳ چونڊ ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هيم بلو دادا جيڪا اياز قادري جي لکيل هئي. بلو دادا ڪتاب سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي اپلوڊ ڪيو اٿم.