• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ بندر ديسان ديس : الطاف شيخ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10610896_10204949447874148_7778305187435306121_n.jpg

الطاف شيخ جو سفرنامو ”بندر ديسان ديس“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. ”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتابَ جو پهريون ڇاپو 1978ع ۾ نيوفيلڊس وارن ۽ ٻيو ڇاپو 1980ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايو. ان بعد 2011ع ۾ خيرپور جي ”پوپٽ پبليڪيشن“ وارن ٽيون ڇاپو شايع ڪيو آهي پر هي پهرين کان وڌيڪَ سنواريل ۽ وڌايل آهي. هن ڪِتاب (بندر ديسان ديس) جو مهاڳ/پيش لفظ سنڌ جي شاعره مريم مجيدي ۽ جيجل اخبار جي اسلام آباد واري نمائندي ۽ مشهور ڪالم نِگار رزاق کٽيءَ لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.

تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي. هن ڪِتابَ ۾ 176 صفحا آهن ۽ ان کان علاوه 16 رنگين تصويرن جا پڻ آهن. هن ڪِتاب جا ڪجهه دلچسپ بابَ آهن:
جپان هڪ نرالو ملڪ
بئنڪاڪ هڪ بدنام بندرگاهه
آهي ڪا رنڙ،م ڪا بيواهه يا مڙس جا موچڙا کاڌل…..
ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ
پاڪستاني گڏهه پاڻهي جيان پهچيو وڃن.
جپان جون گيشائون ڪير آهن….
آئون رنڊي ضرور آهيان، پر…..


 
Back
Top