السلام عليڪم آء مولا بخش آهيان حيدر آباد کان سائين طاهر سنڌي صاحب جي مهرباني سان مونکي هن فورم جي خبر پئي جنهن تي آءُ طاهر صاحب جن جو ٿورائتو آهيان
جواب: سلام عليڪم ادا مولا بخش جستجو اوهان جي پنهنجي آهي ٻيلي ڪجه خيال ڪر يار ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام عليڪم محترم مولابخش سنڌ جي تازن ڪنول جي گُلن وانگر سرهو رهين۔ توهان جا لک لائق جو توهان سنڌسلامت جي محبتي اڱڻ جو ڀيرو ڀريو، ادا مولابخش توهان کي هن اڱڻتي صرف محبتون ملنديون پيار ملندا ۽ ڀروسا ملندا، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان جي آجيان انتهائي چاهتن سان ڪيون ٿا، ۽ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا گڏو گڏ محترم طاهر سنڌي صاحب جن جو به دلي ٿورو مڃون ٿا جنهن توهان جهڙو پيارو دوست اسان سان ملايو، اسانکي توهان جي مفيد مشورن، مفيد مضمونن ۽ مفيد ڳالهين جو شدت سان انتظار رهندو ۔ مهرباني مٺا مولابخش
جواب: سلام عليڪم سائين مولا بخش، جيتوڻيڪ اوهانجو نالو ۽ ان سان گڏ ڀا طاهر جو نالو ئي اسان لئه مانوارو آهي ۽ دوستن جا پار ڏسي ئي دوستن جي خبر پوندي آهي پر تنهن هوندي به جو اڃان ڪجهه تفصيل سان تعرف هجي ها ته اسانجي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ها ۔۔۔ اوهانکي ڀليڪار دل جي گهراين سان، پاٻوهه منجهان هن اڱڻ تي اچڻ جا ٿورا ۔۔۔ اوهانکي هي اڱڻ ڪيئن لڳو؟ اميد ته اسانجون ڪاوشون اوهانجي اميدن ته لهنديون ۔۔۔ اسانجي هن اوطاق جي هر ڪمري ۾ هڪ نئون رنگ آهي ۔۔۔ بس اوهان گهمي ڏسندا ته ڪيترائي دوست انهن ڪمرن ۾ ڪچهري ونڊ ڪندي اوهانکي ملندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام عليڪم مولا خوش رکي سائين اوهان کي اها توهان جي نوازش جو مون مسڪين جي حوصله افزائي ڪريو پيا دعا آهي ته سنڌ هميشه سلامت تا قيامت