• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي ڪَجَي جِيئَن ڪَيچِنِ لَئه، تَو تَان ڪِينَ ڪَيَوءِ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10675561_10204950033328784_4188791568784411487_n.jpg

ڪَجَي جِيئَن ڪَيچِنِ لَئه، تَو تَان ڪِينَ ڪَيَوءِ
وِيجَهائي وِڌَوءِ، وِکَ نَه کَنيَئِي هَيڪَڙِي


سُرُ حُسَيني (سَسُئي)

ڪَيَوءِ = ڪيئي، تو ڪيو

ويجَهائَي = وڌائي، اينگهائي، مُنجهائي

بيت جو پس منظر

~ او سسئي !! جيئن ڪيچن لاءِ ڪشالا، ۽ پنڌ ڪرڻ گهربا هئا تو ان طريقي سان ڪوشش ئي نه ڪئي.

~ رهندو پنڌ کي اينگهائي ۽ مُنجهائي وڌئي پر ڪنهن ڏاهپ، عقل ۽ شعور جو مظاهرو نه ڪيئي.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڪيل پنڌن ۽ جدوجهد مان مطمئن نظر نٿو اچي، تڏهن ئي ته کيس ميار ڏيندي چئي ٿو ته جيئن توکي ڪرڻ گهربو هو تيئن تو نه ڪيو.
هن بيت جي پس منظر ۾ جيڪا ڀٽائي سسئيءَ کي تنبيهه ڪئي آهي سو دراصل ڀٽائي اهو ڏوراپو سنڌ جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي. اسان سنڌي ماڻهن هيل تائين جيڪا جدوجهد ڪئي آهي سا صحيح رُخَ ۾ آهي..!!؟
سنڌ جڳن کان آزاد وطن جي حيثيت سان سر سبز، خوشحال ۽ آسودي رهي آهي پر اسان جي وڏڙن پنهنجي خسيس ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ملڪ کي صوبي جي حيثيت ڏياري ڇڏي. اسان آزاد ملڪ جا رهواسي هاڻي صوبي جي نالي ۾ پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهيون. هاڻي اسان نه رڳو ڌارين جا غلام آهيون پر پنهنجا دلال وڏيرا، پير، مير ۽ غدار حڪمران اسان جي گذر جي وسيلن تي قابض آهن.
سو اچو ته هيل تائين پنهنجي ڪيل غلط فيصلن ۽ ناڪام رٿابندين، حڪمت عملين ۽ جدوجهدن تي نظر ثاني ڪري ڪي نوان گس ۽ رستا تلاشيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top