معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سوڀ جو نعم البدل عظيم خاموشي
قومن جي عام ۽ سماجي توڙي سياسي زندگين ۾ توڙي هڪ شخصي زندگي ۾ ڪئين قسمن جون ۽ طرحين طرحين خارشون، چڙ، ڪاوڙ، غصو ۽ غم انساني ذهنن تي سوار ٿي وڃي ٿو. ان غصي ۽ ڪاوڙ ۾ فيصلا ڪري سموري عقل کي تالا هڻي سوڀ کي خطرناڪ شڪست ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. انهن سماجي توڙي شخصي مامرن جي لاءِ حضرت محمد صلعم چيو هئو ته ”ڪاوڙ ۾ فيصلا ۽ خوشيءَ ۾ وعدا نه ڪجن“ پر عام طور سنڌ ۾ اڪثريت ماڻهن جي جذباتي ۽ ڪاوڙ جي موڊ ۾ فيصلا ڪن ٿا ۽ سڄي قوم جو نقصان ڪن ٿا. اها انهن جي شعوري ڪوشش نه به هجي پر لاشعوري طور اها ڪوشش سنڌ بدران سنڌ مخالفن جي ڪم اچي ٿي.
ڪاوڙ، غصي، ڏک ۽ جذباتي ڪيفيتن ۾ ورتل ماڻهن توڙي قومن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ان غصي کي پنهنجي قوت ۽ طاقت ۾ ڪيئن بدلائجي اهو اڄ جو ڪو اڻ فيصلائتو موضوع ناهي پر ان تي هزارين ورهيه اڳ ڪيئي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، هاڻي دنيا جون دماغي طور اڳتي وڌيل قومون انهن تي بحث ڪرڻ بدران انهن تي عمل ئي ڪن ٿيون.
سنڌ ۾ ”ڪاوڙ ۽ غصي“ سان سياسي ۽ سماجي طور منهن ڏيڻ جا ڪيئي طريقا رائج آهن، انهن ۾ هڪ وڏي ۾ وڏو طريقو آهي اڻ مندائتن نعرن جو، جذبن کي شور وسيلي پيش ڪرڻ جو ۽ بنا تياريءَ جي نتيجن جي تڪڙي اميد جو. جنهن ڪري ، ”نعرا“ رڳو ”نعرا“ رهجي وڃن ٿا ۽ انهن جي وقت ۽ مندائتي نه هجڻ جو فيصلو نتيجن ۾ ظاهر ٿئي ٿو جڏهن ته بنا تياريءَ جي ڪابه ڳالهه ”سکڻي ڪُني“ کان اڳتي وڌي ئي نه ٿي سگهي.
هزارين ورهيه اڳ چين جي مشهور جنگي مفڪر ” سُن زو“ جي هڪ لکڻي جيڪا سڄي دنيا جي جنگي حڪمت جو بنياد آهي تنهن کي سمجهڻ کانسواءِ به اڄ دنيا ۾ جنگين جا فيصلا پنهنجي پاسي نه ٿا ڪري سگهجن. هن ويڙهه يا جنگ، طريقن، حڪمت، سوڀ ۽ شڪست ۽ لڙائي کان اڳ لڙائي مخالف حالتون پيدا ڪرڻ جي باري ۾ قيمتي خيال پيش ڪيا هئا. انهن خيالن کي هزارين ورهيه گذري وڃڻ کانپوءِ به اڄ جتي به ڀيٽجي، جنهن به جنگي حالت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته ايئن پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ اهي اڍائي هزار ورهيه اڳ چين جي غارن ۾ لکيل خيال ناهن پر ايڪويهين صديءَ جي حالتن جو عڪس آهن.
”سن زو“ جو خيال آهي ته اها سون ورني ڳالهه آهي ته ” جڏهن سگهارا هجو ته پاڻ کي هيڻو ظاهر ڪريو ۽ جڏهن هيڻا هجو ته پاڻ کي سگهارو ظاهر ڪريو“ هن اها ڳالهه پنهنجي مخالف کي دوکي ڏيڻ لاءِ چئي هئي. هن چيو هئو ته ” جي اوهان پاڻ منجهان واقف آهيو ۽ دشمن جي به ڀليءَ ڀت پروڙ رکو ٿا ته پوءِ اوهان کي سوين لڙايون به ٿين ته انهن جي نتيجن جي پرواهه يا خوف نه هجڻ گهرجي، پر جي اوهان کي پنهنجي ته خبر آهي ۽ اڳيان جي خبر ناهي ته پوءِ سوڀ ۽ شڪست اوهان جو مقدر ٿي سگهي ٿي پر اوهان کي نه پنهنجي خبر آهي نه دشمن جي خبر آهي ته پوءِ سڀ لڙايون اوهان جي ڳچيءَ ۾ پونديون“ انهن مخالفن سان لڙائي ۾ سفارتڪاري جي اهم ترين وسيلي جي استعمال تي زور ڀريندي ٻئي هنڌ چيو هئو ته ” دنيا جي عظيم لڙائي اها آهي ته جنگ ٿيڻ کان اڳ ئي مخالف کي زير ڪري ڇڏجي“ جڏهن ته جنگ ۽ سياست جي موضوع تي چيو هئو ته ” سڀ کان اهم ڳالهه دشمن جي مزاحمت کي لڙائي کانسواءِ ٽوڙڻ آهي“ هن سوڀ جهڙي سُندر ڳالهه تي اڄ کان پنجويهه صديون اڳ چين جي ان جنگي ماهر ۽ فلسفي ”سن زو“ لکيو هئو ته ”سوڀارا ويڙهاڪ اول کٽندا آهن ۽ پوءِ جنگ ڪندا آهن، جڏهن ته هارايل اول جنگ پاسي وڌنڌا آهن ۽ پوءِ کٽڻ جي تات ۾ رهندا آهن“
سنڌ جي اڄوڪي سياسي ماحول ۾، سماجي ۽ سياسي غصو ۽ ڪاوڙ موجود آهي. علمي طور توڙي عملي طور جيستائين ”پرائي وقت“ تي ”ٿيندڙ ويڙهه“ واري هُنر کي سمجهڻ جي اهليت توڙي نيت نه هوندي ۽ رڳو زور نعريبازي تي هوندو يا وري سڀ توانايون پنهنجي وسيلن ظاهر ڪرڻ ۽ موجود وسيلن کي وڃائڻ تي لڳل هونديون ۽ پرائي وقت تي پرائي ويڙهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجا هڏگڏ ڀڃائڻ کي ئي اصل جدوجهد سمجهي مخالف کي طاقتور بڻائڻ کي ئي اصل جدوجهد سمجهيو ويندو ته ان جا نتيجا جيڪي نڪرڻا آهن سي اڳ ئي احساسن ۾ شامل آهن. وقت جي وڏي ۾ وڏي گهرج اها آهي ته پنهنجي اڀري حال تي پرائي مامري ۾ هٿ ساڙڻ کان بهتر آهي ته ان اڀري حال کي سارجي ۽ ان کي نوبنو ۽ توانو ڪجي. وقت کان اڳ، اڻ مندائتي مينهن جو نه فصلن کي فائدو ٿيندو آهي نه وري موسمن کي.
سنڌ جي ماڻهن کي جيڪي ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ رکي تماشو نه ٿا ڪرڻ چاهين، جيڪي هن سڄي صورتحال ۾ خاموشي کي سوڀ جو نعم البدل سمجهن ٿا ۽ جيڪي پاڪستان ۾ سياسي، فڪري، حڪمتي تبديلين کي نوٽ ڪرڻ ۽ ڄاڻڻ چاهين ٿا انهن کي گهرجي ته اها ڳالهه سڀ کي سمجهائين ته ڪنهن به غصو ڏيندڙ ڳالهه جو شايد مقصد اهو هجي ئي نه جيڪي ”چيو وڃي ٿو“ ۽ غصي وسيلي ماحول کي توڙي سياسي ۽ سماجي فضا کي خراب ڪندڙ قوتون شايد ” گهمسان“ مان ئي پنهنجي قوت حاصل ڪن ٿيون. اهڙي گهمسان ۽ شور توڙي خرابين جو پاسو وٺڻ ۽ اوڏانهن وڃڻ بدران عظيم ”خاموشي“ هڪ بهترين ” سوڀ“ جهڙو نتيجو ڏئي سگهندي ۽ مزي جي ڳالهه ته ”ويڙهه کان اڳ فتح“ سنڌ جي مظلوم عوام جا قدم چمندي.
(ميگهنا جي فيس بڪ وال تان ورتل)