ننڍي کنڊ جي تاريخ جا چرخا ۽ قاضي فيض محمد حسن مجتبيٰ هي ڄڻ هلندڙ ڦرندڙ آرٽ گئلريون آهن، جيڪي پاڪستان جي هاءِ ويز تي ڊوڙنديون رهن ٿيون ۽ جيترو مشهور گهوٽڪي جو پينٽر ”ڪفيل ڀائي ليفٽ آرم بائولر“ آهي. شايد ئي ڪو هن کانپوءِ حڪيم ايم ايڇ سومرو سنڌي هجي يا وري (جيڪڏهن هن ماڻهن هري پور ۽ ايبٽ آباد هزاري وارن علائقن ۾ روڊ جو سفر ڪيو هوندو تن لاءِ) سيد قاسم شاهه. سرحد (يا پختون خواهه؟) صوبي جي اڳوڻي وڏي وزير جي ڀاءُ پنهنجي مشهوري لاءِ سندو نالو هزاري جي پهاڙي تي لکرايو ”فخر هزاره“ يا “ ميرا سهڻا شهر هزاري دا“ جهڙا جملا گهڻن ئي هيوي ڊيوٽي گاڏين پٺيان لکيل هوندا آهن. پر هي جيڪي رنگين آرٽ وارا پورٽريٽ ٺهيل آهن، مان ٽرڪن جي هڪ وڏي ڪانواءِ کي تڪيندو وڃان ٿو، صدر ايوب، مسرت شاهين،جلال چانڊيو، اختر مينگل، حميد بلوچ، ولي خان، مرتضيٰ ڀٽو اهو ته سڀ ٺيڪ پر انهن ۾ هڪڙي نئين پورٽريٽ جو واڌارو لڳي ٿو. اهو آهي ”انڪل قدير“ ”انڪل قدير“ لکيل هو پورٽريٽ سائسندان ڊاڪٽر جو آهي. ”اڃا ڪيترا ميل ڪيترا روڊ ماڻهوءَ کي انسان بڻجڻ تائين سفر ڪرڻو پوندو؟ ٻڌاءِ منهنجا دوست! ان سوال جو جواب هوائن ۾ گهليل آهي. ”هڪڙو انگريزي لوڪ گيت ڪارڊيڪ تي هلائيندي منهنجو دوست ٽرئڪ استاد بڙي غلام علي خان جي ڳايل سنڌي ڪافي ئي کڻي اچي ٿو ”دم دم يا پون مٺڙي، مارن سنديون ڳالهڙيون“ استاد بڙي غلام علي خان جي ان سنڌي ڪافي ڳائڻ جي پٺيان اصل روح قاضي فيض محمد جو هو.استاد بڙدي غلام علي خان جيڪو جڏهن گذاريو ويو چون ٿا، هن جي جنازي ۾ جواهر لال نهرو پيرين اُگهاڙي اچي شريڪ ٿيو هو. آرٽ کي ڄڻ ته مذهب ڪري ڀائيندڙ ماڻهو ۽ هي ننڍو کنڊ، جيڪو ڄڻ ته هاڻ اڌ رنگ ۾ ورتل هجي. ”قاضي فيض محمد جي راڳ سان عشق وارو لڳاءُ هن ماڻهوءَ جي مهذب هجڻ جو ثبوت آهي“ اسان جي هڪڙي دوست، اهو تبصرو قاضي فيض محمد جي 1981ع واري سنڌي ساهت واري سنڌ مدرسي واري ڪانفرنس واري شاعريءَ جي نشست ۾ ڳائڻ ۽ راڳ جي حالت تي ڳالهائڻ واري ڳالهه تي ڪيو هو. انهيءَ اسان جي دوست جي ٿر ۾ ڍاٽي سلوڪ مشهور آهي ”راڳين نر موهيا، راڳين پسون ريجھنت، جو نر راڳين نه موهيا، سر گرڀين ڪيون نه گرنٿ“ (راڳ تي ماڻهو ته ڇا پر جانور به موهجي وڃن ٿا، جيڪو ماڻهو راڳ تي نه ٿو ريجھي سو ماءُ جي گرڀ مان ئي ڇو نه ڪري پيو“) اها ويهين صديءَ جي شروعاتي چوٿائي واري سنڌ جو وچولو هو. جڏهن فقير، ناچو، نٽ، ساڌو، سنت ڀڳت ۽ مولو دي، مسجدن، مندرن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ ڪٿ ”رام“ ته ڪي ”رحيم“ کي ريجھائڻ لاءِنڪتل هوندا هئا.پٽيالا گهرائڻ جا گائڪ ۽ پنڊٽ بڙي غلام علي خان ۽ بيبي خان جي آوازن جي سحر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ ”جادو لائي ويا جيءَ ۾“ وارا وڄندڙ ريڪارڊ شايد انهن گرامو فون ريڪارڊن کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي.جڏهن هڪڙو هٿ ڪن تي ڏيئي اهو آئين اسٽالن وارين مڇن (يا هن جي مڇن جهڙن مڇن وارو آئن اسٽالن) ڪنور ڀگت ”ڪيئن پرچايان توکي ڪيئن ريجھايان ڏس ڪو ڏانءُ“ ڳائيندو ٺٽي نگر ۽ بڊاڻي (ڪشمور) تائين، ڀڳتون مچائيندو پنندو هو. ڪنور ڀڳت جيڪو سنڌ جي هيانءَ ۾ يا ڪوئل جي ڪوڪ يا پوءِ بندوق جي گوليءَ وانگر پيهي ويل آهي ۽ اهو ڪنور ڀڳت، جڏهن هالاڻي شهر جي مندر ٻاهران ڳائڻ اچي ٿو ته قاضين جي هڪڙي سنهڙي سيپڪڙي سهڻي ڇوڪري قاضي فيض محمد جي من ۾ به اهو آواز هڪڙي چور وانگر کاٽ هڻي وڃي ٿو. نوشهري واري مشهور مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ اهو ننڍڙو ٻار جڏهن ميرن وارن رياست خيرپور جي راڄڌانيءَ واري شهر مولودن جي مقابلي ۾ وڃي پهريون نمبر حاصل ڪري ٿو ته اتي اهي انعام ڏيندڙ هٿ ميرن جي تڏهوڪي رياست حڪومت جي قانون واري وزير يا شايد سيشن جج امداد علي امام علي قاضي (علامه) آءِ آءِ قاضيءَ جا آهن۽ تڏهن کان اهو ڇوڪرو پنهنجو هڪ نئون مرشد ۽ اصل ۾ روحاني پيءَ ڳولهي لهي ٿو. هالاڻي ۾ قاضين جي ڇوڪري جو، پاٽ جو قاضين مان علامه ۽ سندس جرمن جيون ساٿياڻي ايلسا سان رستو عمر ڀرلاءِ ”ڪو جو ٻول ٻروچ“ جو تائين ٿئي ٿو. پر مان جڏهن هتي يا توڻي جرمني ۾ (جتي اها ٺهي ٿي) واڪس ويگن صابڻ داڻي جهڙي گاڏي ڏسندو آهيان ته مون کي الائجي ڇو قاضي فيض محمد ياد ايندو آهي. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي وچ واري ڪنهن سال مون کي قاضي فيض محمد وڪيل پنهنجي نيري رنگ واري واڪس ويگن ڪار ۾ سانگهڙ کان شهداد پور تائين فري رائيڊ ڏني هُئي. اها 1965ع واري جنگ جو شايد (جيڪڏهن وسري نه ٿو) پهريون ڏينهن هو ۽ آئون شايد عمر ۾ ايترو هوندس جيترو قاضي صاحب، تڏهن جو جڏهن هن هالاڻي ڪنور ڀڳت ڏٺو هوندو. اڄ جڏهن مان ٻيهر انهي قاضيءَ فيض ۽ ان جي راڪس ويگن ڊرائيور ڪرڻ کي ٻيهر ياد ڪيان ٿو ته مون کي اهو لقاءُ ”زين مت ۽ موٽرسائيڪلنگ جي آرٽ، واري ڳالهه ياد ڏياري ٿو. اڄوڪي ڏور اوڀر ايشيا ۾ گهڻن ماڻهن زين مت مان ”ميڊيٽيش“ کي موٽرسائيڪلنگ واري آرٽ سان گڏ ڇڏيو آهي. واقعي ائين هو يا هاڻ مون کي اهو لڳي ٿو، پر قاضي فيض محمد ڊرائيونگ ڪندي شايد ميڊيٽيشن تي پئي ڳالهايو. اڄ به جڏهن مان هن جي هڪڙي ”ٿوري ناخلف“ پٽ قاضي جاويد سان ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي ڊرائيو تي سنڌ جي عجيب غريب پر رنگا رنگ لئنڊ اسڪيپس مان گذران ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڊرائيونگ جي حوالي سان هن کي مان ”ميڊيٽيشن“ کان گهڻو پري ڏسان ٿو. ۽ جڏهن هو پهريون ڀيرو ڪارو ڪوٽ پهري ميگهواڙ الائجي ڪولهي ڏتڙيل ڏکويل نارين جي حق لاءِ لڙڻ لاءِ عدالت ۾ آيو ته اهو ان مهل سنڌ ۾ شايد انسان حقن جو پهريون ڪيس هو. اهڙي ريت هالاڻي جي هڪڙي شهري ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو سڌو واسطو ان وقت جي هاري هلچل سان ڳنڍجي وڃي ٿو. ان کان اڳ هو پنهنجي ڀاءُ قاضي سميت جڏهن علامه مشرقي جي خاڪسار ۽ حشرت موهاني جي مختصر ٿئي ٿو ته هن جو سٻنڌ سياسي ميڊيٽيشن سان جڙي چُڪو هيو. نواب شاهه جي ريلوي اسٽيشن قاضي فيض محمد ۽ سندس ڀاءُ قاضي غلام هادي سندن وٽ پهچندڙ مهمان مولانا حسرت موهاني جو استقبال ڪرڻ لاءِ ميڙ ۾ بيٺل آهن. ڪراچي ميل مان لهندڙ مسافرن مان (سندن ليکي) جڏهن ڪوبه نه لٿو ۽ ريل رواني ٿي به چڪي. تڏهن هو گهڻو پريشان ٿيا. ”شايد مولانا جن ڪونه پهتا“، هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ايتري ۾ هڪڙو لاغر ڪروڙڍ، پاڻ سان بسترو ٻڌل ۽ لوٽو کنيل سندن ويجھو اچي ٿيو ”جيڪڏهن اوهين ڪنهن شخص نالي مسافر موهاني جو انتظار پيا ڪريو ته ڀائي اهو هي بندو آهي. ”ننڍي کنڊ ۾ آزادي جي هلچل جي هڪ امام حسرت موهاني هنن قاضي ڀائرن کي ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ گانڌيءَ جي چرخي ڦرڻ کان وڌيڪ تاريخ جا کنڌا کڄن ٿا، ڦرڪو ڦري ٿو ۽ ”آ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان تن ماروئڙن جي، ماروئڙن جي سانگيئڙن جي“ وارا آلاپ ڏيهه نيڪال ٿي وڃن ٿا. ايستائين جو نام نهاد شيڊول ڪاسٽن لاءِ تڏهن اوتار بڻيل ڊپٽي ڪمشنر، هاري رپورٽ جو خالق ۽ گهڻو پوءِ پنجاب ديش ڀڳت، مسعود کدر پوش (قاضي فيض محمد جو نواب شاهه ۾ ويجھو دوست) پڻ اهڙي باهه جي درياهه واري وهڪري ۾ وهي وڃي نڪري ٿو، پر گوبند مالهي جي ناول ”شرم ٻوٽي“ وارو اصل ڪردار قاضي فيض محمد پنهنجي اهڙي ”سنڌو اديت“ تي قائم تي قائم رهي ٿي . قاضي فيض محمد اصل ۾ سنڌ ۾ لتاڙيلن جي حقن جو جھنڊو کڻندڙ سان گڏ هڪ صوفي مشن ماڻهو به هو. پر ”هاري حقدار“ جي نالي ۾ الائي تحريڪ هجي يا مقامي وڏيرن ۽ ”يزيدي پيرن“ سان عوام جي حقن لاءِ مهاڏا، قاضي فيض محمد ۽ سندس خاندان گهڻو ڪجهه سٺو. محبت ديري ۾ چورن جون نانيون سمجھيا ويندڙ ”کٽل رئيسن“ جا قاضين جي گهرن تي راتاها خانگي جيلون رکندڙ هاڻوڪن وڏيرن کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ايوب کهڙي جهڙي ”مرد آهن“ سڏائيندڙ سنڌ جي حڪمران سان ٽڪر کائيندڙ سندس ڪامريڊ (۽ پوءِ مائٽن ”اوٻاوڙي جي علائو الدين سمي(مردم ناشناس سنڌ جي هڪڙي اهڙي ٻئي اڏول ۽ امر ڪردار علائو الدين سمي جو ذڪر وري ڪڏهن ڪنهن الڳ ڪالم ۾ ڪبو) ۽ صحيح معنيٰ جي ”باباءِ شهر“ سيد رشيد احمد سان گڏجي قاضي فيض محمد سنڌ ۾ سمورين لڄائين ۽ رهزني کي للڪارڻ نڪتو هو پر اهو رڳو قاضي فيض محمد جي گهڻ پاسائين شخصيت جو هڪڙو رخ هو. علامه مشرقي جي خاڪسارن ۾ هن جو هڪڙو ساٿي غلام رسول خان جتوئي پڻ هو. اهو رسول خان جتوئي، سنڌ ۾ تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته محمد ابراهيم جويي جي ”معرڪته آله آرا“ پمفليٽ“ سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ جي ڇپائي جي مالي سهائتا ڪندڙ پڻ هو. بقول ان پمفليٽ جي ليکڪ ۽ سنڌ مدرستي جي تڏهوڪي استاد محمد ابراهيم جويي جي اهي پنج سئو رپيا غلام رسول خان جتوئي پنهنجي پٽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي کيس ٽيوشن في پنجن مهينن جي ايڊوانس طور ڏيندي ڪئي هئي. بهرحال انهي پمفليٽ لکڻ ۽ ڇاپڻ جي ”ڏوهه“ ۾ پير الاهي بخش، تڏهوڪي سنڌ مدرسي جي بورڊ آف گورنرس جي چيئرمين، ابراهيم جويي جي سنڌ مدرسي مان نوڪري ختم ڪئي. پر ساڳئي خاڪسر غلام رسول جتوئي جو خاندان پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ جو سڀ کان وڏو جاگيردار خاندان ڪيئن ٿو بڻي؟ اها هڪ انتهائي دلچسپ پر الڳ ڪهاڻي آهي. ان ساڳئي نوابشاهه شهر ۾ جتوئين ۽ شاهن سميت ڪيترا وڏيرا ۽ وڏا وڏا خان ان وقت لڪي وڃن ٿا، جڏهن ايوب خان جهڙي ڊڪٽيٽر کي تڏهن چئلينج ڪندڙ پر سندس عتاب هيٺ آيل ذوالفقار علي ڀٽو اتي دوري تي اچي ٿو، تڏهن هن جو ميزبان قاضي فيض محمد بڻجي ٿو. امداد محمد شاهه ۽ قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ سيد رشيد احمد شاهه جهڙا ماڻهو پڻ سندس ساٿ ۾ آهن. ميزبان پنهنجي اهڙي وڏي مهمان جي خاطر تواضع لاءِ ”وئٽ سڪس نائين“ پڻ گهرائي رکي هئي.پر هو چوي ٿو:”هي قاضي صاحب جو گهر آهي، اتي پيئڻ سٺو نه ٿو لڳي“ پر جلد ئي قاضي فيض محمد شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جوائن ڪري ٿو. ”ڇاڪاڻ ته هن (قاضي فيض محمد) ون يونٽ ٽوڙائڻ جي توانائي رڳو عوامي ليگ ۾ ئي ڏٺي. قاضي فيض محمد جي ڪٽنب مان ڪنهن جو چوڻ هو. شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ شايد سيد امداد محمد شاهه جي پڻ پهرين ۽ آخري پارٽي هئي. قاضي فيض محمد تڏهوڪي اولهه پاڪستان مان ماسٽر خان گل کانپوءِ ٻيو ماڻهو هو. جيڪو هن جي پارٽي جو نائب صدر بڻيو ۽ ان کان به گهڻو شيخ مجيب الرحمان سان هن جو اهو ساٿ محبت ڀري دوستي ۾ بدلجي ويو. ملڪ ۾ 1970ع وارين يحيٰ خان هيٺ عام چونڊن کانپوءِ جيڪو مينڊيٽ نه مڃڻ واري ڪلچر جي شروعات جي نتيجي ۾ تڏهوڪي اوڀر بنگال ۾ لکين انسان جو ڪوس ٿيو. انهي قاضي فيض محمد جهڙن فطرتن حساس انسانن کي ڌوڏي ڇڏيو. قاضي فيض محمد ان وقت به انهن آخرين ماڻهن مان هو، جڏهن مارچ 1971ع ۾ بنگال مٿان فوجي چڙهائي ٿيڻ واري هئي.هن کي غوث بخش بزنجو، زوري اتان ڪڍي واپس اولهه پاڪستان وٺي آيو هو. پر ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار هيٺ آيو ته هن قاضي فيض محمد ۽ سندس گهر واري پناهه خاتون کي احرام ٻڌل، عمري ادا ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ مهل اختيارين هٿان ٻاهر وڃڻ کان روڪرائي ڇڏيو. قاضي فيض محمد جي گهر واري پناهه خاتون انهي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڀائيٽي هئي. جيڪو جي ايم سيد جو انگريزي جو استاد هو. ڀٽي سرڪار هٿان جهاز تان زوري لاهڻ جو اثر قاضي فيض محمد ايترو ته ورتو جو هن بنا ڪنهن سفر ۽ دستاويزات ٻين لفظن ۾ غير قانوني طور سرحد پار ڪري جلاوطني ۾ هليو ويو. هو ڪهڙي طرح وڃي بنگلاديش پهتو. جتي ڪجهه وقت لاءِ هو شيخ مجيب الرحمان جو سرڪاري مهمان ٿي رهڻ کانپوءِ اهو چئي لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني لاءِ ويو ته”مان ا ڳ ۾ ئي لٽيل ۽ تباهه ٿيل ملڪ (بنگلاديش) مٿان بار بڻجي نه ٿو رهڻ گهران”لنڊن ۾ نهايت ڪسمپرسي واري جلا وطني ۾ زندگي گذارڻ کانپوءِ هو وطن واپس پهتو ۽ هڪ ٻه مهينا هالاڻي ۾ رهڻ کانپوءِ اها خبر اختيارين کي پئي. جن کيس پهرين هل پارڪ ۽ پوءِ گهاري واري ريسٽ هائوس ۾ نظر بند ڪيو. ان کان به گهڻو اڳ هو شايد ٻه ڀيرا ڀٽي پاران شيخ مجيب وٽ ڳالهه ٻولهه لاءِ موڪليو ويو هو. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن ڀٽي اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ جي ڳري اڪثريت سان چونڊجڻ جي باوجود ”ادهر تم اِدر هم“ جو نعرو هڻندي هڪ ملڪ ۾ ٻه وزيراعظم ٿي گهريا. ”قاضي صاحب ڀٽي کي وڃي ٻڌايو ته فقط اولهه پاڪستان جي به ٻن صوبن مان چونڊيل آيل آهي ۽ سندس جاءِ فقط مخالف ڌر وارين بئنچن تي آهي“ ڪاش! ڀٽو اها ڳالهه مڃي ڇڏي ها ته هن ملڪ جي تاريخ ڪجهه اور ئي هجي ها ۽ شايد هڪڙي موقعي تي قاضي فيض محمد کي شيخ مجيب اهو به چيو هو: ”قاضي صاحب! ڀٽي ۽ منهنجي ملڪ جا جنرل هڪڙي ئي سکيا ورتل آهن. هو نه کيس ڇڏيندا ۽ نه ئي مون کي! ۽ اهو ساڳيو قاضي فيض محمد ضياءُ الحق هٿان ڀٽي جي گرفتاري توڻي ڦاسي تي احتجاجي تارون اسلام آباد ۽ پنڊي کي روانيون ڪري ٿو. پر شايد سياست سنڌ توڻي هن ملڪ ۾ قاضي فيض محمد جهڙن درويشن منش ۽ آرٽسٽڪ طبيعت رکندڙ ماڻهن لاءِ ”چانهه جو ڪوپ“ هو ئي ڪونه، ٻين لفظن ۾ سياست هنن جي ڏانءُ جي هئي ئي ڪونه. هن جو موت سنڌ ۾ هڪ وڏي صوفي جي موت هو يا هڪ سنڌي وادي جو موت هو. پر قاضي فيض محمد تي لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ماڻهو هن پوري هڪڙي ٽئٽر جي جنهن ٻئي اهم ڪردار کي نظرانداز ڪندا آهن. سا هئي قاضي فيض محمد فيض جي گهر واري پناهه خاتون، جيڪا قاضي جي سموري سياست ۽ افعالن سان ڪڏهن سهمت ته ڪونه رهي پر ان جي تيز تند مخالف پڻ رهي ۽ شايد قاضي فيض محمد جا سياسي مداح هن عظيم خاتون کي روايتي سنڌي مرداڻي سماجڪ رويي طور هڪ عورت جي حيثيت ۾ نظرانداز ڪري وڃن ٿا. اها پناهه خاتون ئي هئي. جنهن قاضي فيض محمد جي سمورين سياسي جنگجوئين ۽ آرٽسٽڪ آوارگين ۽ درويشانه سچن جي باوجود گهر ۾ ٻارن کي سنڀاليندي سموري توجهه سندن تعليم تي ڏني ۽ ٻارن ۾ به خاص نياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي، جيڪي سنڌ جي ناميارين ورڪنگ وومين شمار ٿين ٿيون. منهنجي خيال ۾ اها ڪنٽريبيوشن قاضي فيض محمد واري سموري سياسي جدوجهد کان وڏي چئبي. آخري عمر ۾ قاضي فيض محمد هڪ ٻڌ بڻجي چڪو هو ۽ پناهه خاتون سان هن جو آخري جهيڙو ٻڪر ڪُهڻ تان ٿيو هو.