مشرف ڪيس نئين رخ ۾ (ن) ليگ سرڪار لاءِ لمحه فڪر!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مشرف ڪيس نئين رخ ۾ (ن) ليگ سرڪار لاءِ لمحه فڪر!!!!!
    غلام حسين لغاري

    3 نومبر 2007 تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت اڳوڻي صدر جنرل (رٽائرڊ ) پرويز مشرف خلاف خاص عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جمع ڏهاڙي انوقت نئون رخ اختيار ڪري ويو جڏهن خاص عدالت پرويز مشرف جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم پاران داخل ڪيل هڪ درخواست تي انهن ماڻهن کي به ڌر بنائڻ جو حڪم جاري ڪيو جن ايمرجنسي نافذ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان وقت جي صدر کي مشورا ڏنا هئا.اهڙو فيصلو جيڪو جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ قائم ٿيل خاص عدالت جي ٽن ججن مان ٻن جي اڪثريت سان ڏنو تنهن ۾ وفاقي سرڪار کي هدايت ڪئي وئي آهي بلڪه حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته 15 ڏينهن جي عرصي اندر اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر ۽ اڳوڻي قانون واري وزير زاهد حامد سميت اٽڪل 600 سول ۽ فوجي آفيسرن کي به شريڪ ملزم طور شامل ڪري ٻيهر ريفرنس دائر ڪيو وڃي.ساڳي وقت عدالت ڪيس جي ٻيهر شنوائي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.خاص عدالت جي ٻن ججن جناب جسٽس فيصل عرب ۽ جناب جسٽس طاهره صفدر درخواست جي داخل ڪيل درخواست جي حق ۾ ڏنو جڏهن ته هڪ جج جناب جسٽس ياور علي پنهنجو اختلافي نوٽ تحرير ڪيو جنهن ۾ هن تحرير ڪيو آهي ته ايمرجنسي نافذ ڪرڻ ۾ ڪنهن ٻي ڌر جو ڪو به ثبوت ناهي مليو ۽ اڳوڻو صدر ئي ملوث آهي جيڪو خود به ايمرجنسي نافذ ڪرڻ واري قدم کي تسليم ڪري چڪو آهي. هن کان اڳ 31 آڪٽوبر تي اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي بچاءُ واري وڪيل اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي ڪيل ان خطاب جي سي ڊي ۽ اسڪرپٽ عدالت ۾ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ هن ايمرجنسي لڳائڻ جي ذميواري کنئي هئي. وڪيل اهو به موقف ظاهر ڪيو هو ته ايمرجنسي لڳائڻ ۾ وقت جي سول ۽ فوجي اڳواڻن جا گڏيل مشورا به شامل هئا.

    خاص عدالت پاران ڏنل فيصلي کي عوامي، سياسي توڙي حڪومتي سطح تي وڏي اهميت ، غور و فڪر سان ڏٺو پيو وڃي. اڳوڻو صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف ۽ سندس حامين جتي عدالت جي اهڙي فيصلي تي ٿڌو ۽ سڪون وارو ساهه کنيو آهي اتي اهو فيصلو ن ليگ سرڪار توڙي انهن حلقن لاءِ لمحه فڪر بڻجي چڪو آهي ۽ وفاقي سرڪار ڪنهن حد تائين ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته عدالت جي اهڙي فيصلي جي روشني ۾ جيڪڏهن ن ليگ سرڪار عدالت جي حڪم جي تعميل ڪندي نئون ريفرنس داخل ڪرڻ وڃي ٿي ته ان جا ملڪ جي سياسي توڙي انتظامي سطح تي ڪجهه اهڙا اثر پئجي سگهن ٿا جن کي ن ليگ سرڪار شايد ئي منهن ڏئي سگهي ۽ ڪو نئون بحران جنم وٺي. عام راءِ اها آهي ته هن وقت جڏهن ن ليگ سرڪار خلاف مخالفن جي واويلا ۽ سرد جنگ جاري آهي اهڙي وقت خاص عدالت جو فيصلو اچڻ ن ليگ قيادت لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو آهي .

    عدالتي فيصلي جي روشني ۾ نئون ريفرنس داخل ٿئي ٿو يا نه پر نئين ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ انڪشافن پويان انڪشاف سامهون ايندا. خاص عدالت جي فيصلي کانپوءِ نه صرف سياسي ڌريون عدالتي ڪٽهڙي ۾ سامهون اچي بيهنديون پر اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر سميت لڳ ڀڳ 600 کن سول ۽ فوجي ماڻهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻو پوندو ۽ جڏهن هي ڪيس هلندو ته ن ليگ سرڪار کي انهي ڪري به ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿو جو مشرف جا ڪافي ساٿاري جيڪڏهن ايمرجنسي وقت مشرف سان گڏ هئا سي هن وقت ن ليگ سرڪار سان گڏ بيٺل آهن ۽ ن ليگ قيادت مشرف جي ويجهن حامين کي پاڻ سان ملائي وڏي غلطي ڪئي هئي جيڪا هاڻ کيس ڀوڳڻي پئجي رهي آهي ۽ انجا منفي اثر ن ليگ سرڪار مٿان پوڻ جا چٽا امڪان به آهن.ان ڳالهه کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگهي ته مشرف جيڪو به ڪجهه ڪيو تنهن ۾ اڪيلي سر هن جو هٿ هو.مشرف پنهنجي دور ۾ جيڪي به جمهوريت مٿان راتاها هنيا ان ۾ هو اڪيلو نه هو پر وقت جي سمورن ادارن سندس ساٿ ڏنو ۽ سندس کنيل قدمن کي قانوني روپ ڏياريو جنهن ۾ سياسي ڌرين ۽ اڳواڻن به پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر هن جي حوصله افزائي ڪئي جيڪا رڪارڊ تي آهي.جيڪڏهن وفاقي سرڪار عدالتي فيصلي موجب نئون ريفرنس داخل ڪرائي ٿي ته عدالت ان کي چئني رخن سان ڏسندي ۽ پوءِ پنهنجو حتمي فيصلو ڏيندي.ڇاڪاڻ ته مشرف جي لڳايل ايمرجنسي سبب ملڪ جا سمورا جمهوري ادارا مفلوج رهيا هيا ۽ عوام ۾ وڏي بيچيني پئدا ٿي هئي ۽ وقت جي ق ليگ سرڪار جنهن جو وزيراعظم شوڪت عزيز هو تنهن ۽ وقت جي پارليامينٽ مشرف جي کنيل اهڙي غير قانوني ۽ غير آئيني قدم تي ڪنهن به قسم جو آواز اٿارڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي هئي جنهنڪري مشرف جو حوصلو وڌيو.

    خاص عدالت جن به ماڻهن کي هن ڪيس ۾ شريڪ ملزم طور شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي انهن مان اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهي جنهن پنهنجي بيانن ۾ اڳ ۾ ئي مشرف پاران لڳايل ايمرجنسي لاءِ پنهنجي مشاورت يا ڪا ائڊوائيز جاري ڪرڻ جي ترديد ڪري چڪو آهي جڏهن ته مشرف جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم عدالت ۾ انجا ثبوت به پيش ڪري ڇڏيا آهن پر نٿو لڳي ته شوڪت عزيز ملڪ اچي عدالت آڏو پيش ٿئي ۽ ڪا وڏي رسڪ کڻي ۽ نه وري وفاقي سرڪار ئي ان کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ ۾ ڪو ڪامياب ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته ان کي ٻاهرين شهريت حاصل آهي. ن ليگ سرڪار کي فوج جي ماڻهن کي ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي ۽ انجي پوندڙ اثرن کي سامهون رکڻ بعد ئي ڪو فيصلو ڪندي يا وري عسڪري ادارن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ئي اهڙو فيصلو ڪري سگهندي ڇاڪاڻ ته فوج ڪڏهن به نه چاهيندي ته سندن ماڻهو سول عدالتن ۾ گهلجن.هروڀرو ڪا اهڙي ڳالهه هوندي ته فوج انهن جو خود ڪورٽ مارشل ڪري سگهي ٿي. بهرحال وقت ٻڌائيندو ته وفاقي سرڪار عدالتي فيصلي موجب ريفرنس کي ڪهڙي رخ ۾ ڏسي ٿي ۽ عمل ڪري ٿي يا وري خاص عدالت ۾ ڪا نظرثاني واري اپيل ڪري جنهن جا به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. پرجيڪڏهن ن ليگ سرڪار پنهنجي موقف تان هٽي ٿي ۽ نئون ريفرنس داخل ڪرائڻ کان لنوائي ٿي ته انجو فائدو اڳوڻي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي پهچي سگهي ٿو.

    hussainlighari@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو