السلام عليڪم آءُ ڪاشف احمد آهيان .سيٺارجا ضلع خيرپور ميرس ادا طاهر سنڌي صاحب جن جي مهرباني سان هن فورم جي خبر پئي اٿم انٽرنيٽ تي پنهنجو سنڌي فورم ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس پئي ٿي ساٿ سلامت
جواب: سلام ادا ڪاشف، اڄ ته سلامتي جا پيغام ايترا مليا آهن جو هر طرف سلامتي ئي سلامتي نظر پئي اچي۔۔۔ ادي طاهر جا قرب جنهن اهڙي سنگت هن اڱڻ تي متعرف ڪرائي، اڄ ادي طاهر جي سڄي سنگت کي پاڻ سان گڏ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۔۔۔ سائين ڪاشف صاحب، ڀليڪار ۔۔۔ جي آيا ڀلي آيا ۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهانجو اچڻ اسان لئه ڀاڳن ڀريو ٿيندو ۽ اوهان جي ساٿ مان اسانکي ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ملندو ۔۔۔ اوهان ڀيرو ڪندا رهندا ۽ اسانکي پنهنجي علم جي روشني مان روشن ڪندا رهندا دعائن ۾ گڏ
جواب: سلام انهي عشق کي شاباس جي محبتي ميڙيا۔۔۔۔۔ دوست اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ ادا طاهر سنڌي جا به ٿورائتا آهيون جن اوهان جهڙا محبتي ماڻهو هن اوطاق تي اسان سان ملايا۔۔۔۔۔ پنهنجي نڪور لکڻين سان هن فورم کي مهڪائيندا رهندا۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سلام سائين مهرباني اهو ته پنهنجو قومي فريضو آهي جيتري تائين دم ۾ دم آهي اهو ڪم ته ڪندا رهندا سون ان شاء الله
جواب: سلام ادا ڪاشف احمد اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا ڪاشف احمد سنڌ سلامت فورم تي اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ