ٽي. ايل. واسواڻي: سنڌ جو مشهور صوفي منش، ويدانتي اسڪالر، تعليمدان ۽ شاعر ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جو اصل نالو ٿانورداس ليلا رام واسواڻي هو، جنهن 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد سنڌ جي واسواڻي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو رام ديوي هو. هيءُ سندن ٻيو نمبر پٽ هو، جڏهن ته سندن پهرئين پٽ جو نالو پهلاج راءِ هو، جيڪو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شِش ۽ موجوده واسواڻي مشن/ ٽرسٽ، پوني جي سنڀاليندڙ دادا جشن واسواڻي جو والد هو. ٽي. ايل. واسواڻي اسڪول ۽ ڪاليج جي -تعليم- پوري ڪري ايم. اي جي ڊگري ورتي ۽ ڪلڪتي جي ’ميٽروپوليٽن‘ ڪاليج ۾ -تاريخ- ۽ انگريزيءَ جو -استاد- مقرر ٿيو، جيڪو ڪاليج اڳتي هلي ’وديا ساگر‘ ڪاليج سڏيو ويو. -ان- زماني ۾ 30 سالن جي عمر ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي علمي ڄاڻ جو اهو مقام هو، جو هن برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران شرڪت ڪئي. سندس اتي ڪيل تقرير ۽ پوءِ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڪيل تقريرن ماڻهن ۾ هندستان جي مذهب ۽ خيالن بابت وڏي دلچسپي پئدا ڪئي. -ان- کان پوءِ ساڌو واسواڻي ڪجهه وقت لاءِ لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو، بعد ۾ ڪوچ بِهار جي وڪٽوريا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. -ان- بعد مهاراجا پٽيالا کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڏني، پر -ان- وقت نوڪريءَ -تان- استعيفيٰ ڏيئي اچي پنهنجي شهر حيدرآباد سنڌ ۾ رهيو. انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ مهاتما گانڌيءَ ’ستيا گرهه‘ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ هن ’-اوم- منڊليءَ‘ جي سوين عورتن ۽ مردن سان گڏجي ڪراچيءَ جي ’خالق ڏني هال‘ آڏو حصو ورتو، پوليس کيس ٻين ستيا گرهين سان گڏ گرفتار ڪيو ۽ سمورن کي 14 ڏينهن جي جيل جي سزا ڏني وئي، پر ساڌو واسواڻيءَ جي شهرت ۽ علميت کي ڏسي کيس چئن ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو. هن ستيا گرهه تحريڪ جي حمايت ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان مکيه هي هئا. (1) Indian Arise, (2) Awake, Young India, (3) India Adventure, (4) India in Chains, (5) Secrets of Asia, (6) My Mother Land, (7) Builders of Tomorrow, (8) Apostles of Tomorrow. ساڌوءَ، سنڌ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي عدم تعاون تحريڪ (Non-Co-operative Movement) تحريڪ جي حمايت ۾ پڻ زوردار ڪم ڪيو. قومي هلچل جي انهيءَ عرصي ۾ هو -تعليم- جي روشني پکيڙڻ طرف راغب ٿيو، پهرين شاستريءَ جي مدد سان راجپور ۾ ’شڪتي -آشرم-‘ کوليائين ۽ پوءِ نوجوانن ۾ -بيداري- پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچرر ڏيڻ شروع ڪيائين. 1930ع ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ حيدرآباد ۾ ’سکي ست سنگ‘ نالي جماعت جوڙي رجسٽرڊ ڪرائي، جنهن جو مقصد -تعليم-، صحت، سماجي ، ثقافتي ۽ تهذيبي ميدان ۾ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هو. ساڳئي ئي سال ۾ ساڌو واسواڻيءَ ڪراچيءَ ۾ ست سنگ لاءِ’ڪرشٽ ڪنج‘ مندر ٺهرايو، -جتي- انگريزيءَ ۾ گيتا بابت ليڪچر ڏيندو هو. ساڌو واسواڻيءَ 1933ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيترائي فلاحي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، جن کي سڄي دنيا اندر ’ميرا موومينٽ اِن ايجوڪيشن‘ سڏيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد جديد سائنسي -تعليم- ۽ آدرشن سان ناتو جوڙڻ هو. هيرآباد، حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ’سينٽ ميران اسڪول‘ -ان- جو عام مثال آهي، -جتي- ٻارن ۾ سائنسي -تعليم- سان گڏ سندن ڪردار جي جوڙ جڪ ۽ سندن دل ۾ خلوص، خدمت ۽ قربانيءَ جا گڻ پيدا ڪرڻ هو. هن تحريڪ ڪيترن تعليمي ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ادارن کي جنم ڏنو. ساڌو واسواڻيءَ جو ’ميران يونيورسٽي‘ قائم ڪرڻ جو خواب 1947ع جي ورهاڱي ڀوراڀورا ڪري ڇڏيو. ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ نه ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، پر ڀارت مان آيل ڪجهه پناهه گير مسلمانن جي رويي ۽ جنوني تعصب کي ڏسندي هن مجبوراً 16 نومبر 1948ع تي وطن جا وڻ ڇڏيا، پهرين ڪجهه وقت بمبئيءَ ۾ رهيو ۽ فيبروري 1949ع تي پوني شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1950ع کان ساڌو واسواڻيءَ صحت، -تعليم-، سماجي ۽ تهذيبي ميدان ۾ خدمت جو ڪم شروع ڪيو. -ان- ڏس ۾ ’Brotherhood‘ نالي هڪ جماعت، انڊين سوسائٽي ايڪٽ 1860 ۽ -بمبئي- پبلڪ ٽرسٽ ايڪٽ هيٺ رجسٽرڊ ڪرائي. تنهن جون سرگرميون 1950ع کان وٺي سندس زندگيءَ جي آخري سال 1966ع تائين -جاري- رهيون. ساڌو واسواڻيءَ جي روشن خيال اڳواڻي ۽ اتساهيندڙ رهنمائيءَ ۾ عورتن ۽ مردن وڌ ۾ وڌ حصو ورتو ۽ هن تنظيم روشن خياليءَ جو پيغام اولهه توڙي -اوڀر- جي ملڪن ۾ پکيڙيو. هن پنهنجي پوني واري -آشرم- مان هڪ ئي وقت -انگريزي- هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا -جاري- ڪيا. سينٽ ميران اسڪول، حيدرآباد مان -جاري- ڪيل مئگزين ”ميران“ اتان به انگريزيءَ ۾ ڪڍندو رهيو ۽ سنڌيءَ ۾ ماهوار ”سنت مالا“ جو اشاعتي سلسلو به -جاري- رکيائين. دادا واسواڻيءَ 1962ع ڌاري پوني ۾ ”ميران ڪاليج فار گرلس“ کوليو، جنهن جو پهريون پرنسپال ڪي. اين واسواڻي هو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪا -ايشوري جوتواڻي- به هن ڪاليج سان لاڳاپيل رهي آهي. ساڌو واسواڻي سچو صوفي، ديش -ڀڳت-، پريم پرچارڪ، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن جي ڪلام جو پارکو هو. هن دنيا جي سڀني مذهبن جي -تعليم- جو اڀياس ڪيو هو ۽ مذهبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو قائل هو. سڀ ۾ پرين پسي، پيار ۽ -ايڪتا- جو پرچار ڪندو رهيو، سندس لفظن ۽ گفتن ۾ جادوءَ جو اثر هو. شاهه لطيف جي لفظن ۾ سندس ”تارن ۾ تبرن“ جهڙو تاثير هو، جنهن سان نهاريندڙ کي موهي ڇڏيندو هو. سنڌ جي سرزمين سوين ساڌو ۽ درويش پيدا ڪيا آهن، پر هن ماڻهپي جي ڏڪر واري دور ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو ڪم انسانيت لاءِ غنيمت هو. سندس محفل ۽ مجلس ۾ روح کي راحت ۽ من کي آسيس ملندي هئي. هو شاعر به هو، نهٺائي ۽ سادگي هن جي مزاج جو حصو هئي، -ان- ڪري نماڻائيءَ سان زندگي گذاريائين. شاعريءَ ۾ تخلص ”نوري“ ڪم آڻيندو هو. سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، پر سندس ڪلام جو جامع ڪتاب ”نوري گرنٿ“ هڪ ذخيم ڪتاب آهي. ساڌو واسواڻيءَ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکيا، جن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي: (1) نوري گرنٿ، (2) نوري ٻاڻي، (3) پشپ مالها، (4) گيتامڻي (سنڌيءَ ۾)، (5) سهاڳڻ، (6) سنتن ساکي، (7) روح رباب، (8) گوتم گيتا، (9) سکمني صاحب (ترجمي سان)، (10) نوري پشپا نجلي (نوري گرنٿ مان چونڊ: 1973ع)، (11) سنڌ جو محبوب (شاهه لطيف: -اپريل- 1958ع)، (12) گيانيو شور، (13) سوامي رام -تيرٿ-، (14) پلٽو پيارو، (15) پياري جي پياس ۾، (16) رگهوناٿ، (17) ٽي -تصويرون-، (18) امر جوتي، (19) -تصويرون- (يادگيريون)، (20) گرمهما (I-II)، (21) تڪا تمهارو، (22) دين درويش، (23) صدقي سونهارا (24) سنت سورداس، (25) پياري جي پکن ۾، (26) ست پرک جي ساکي، (27) گلشن گلزار، (28) نماڻي نماڻو، (29) شيرين، (30) ڳوٺاڻا، (31) مارئي، (32) پاڳل هرناٿ، (33) رشين جي روشنيءَ ۾ شريمت ڀڳوت گيتا، (34) شري جپ صاحب: سکيا ۽ سار (ٽي جلد)، (35) پشپ مالها VIII (1985ع)، (36) پشپا نجلي 1984، (37) نوري ۽ انجليءَ جا گيت. ساڌو واسواڻيءَ انگريزيءَ ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان “Religon & Culture-1930” اهم ڪتاب آهي. سنڌ جي هن سپوت 14 جنوري 1966ع تي پنهنجا سمورا ڪپڙا غريبن ۾ ورهائي پنهنجي لاءِ صرف ٻه جوڙا رکيا، پندرهين جنوريءَ تي ويل چيئر تي ويهي، ڌن ۽ ڪپڙا غريبن کي دان ۾ ڏنا ۽ 16 جنوري 1966ع تي پوني ۾ وفات ڪئي. مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون سونهاري سنڌ ۾ موڪلي سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون وڃن. 13 -اپريل- 1966ع تي اها رسم حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ گدوءَ وٽان سندس خاڪ کي سنڌو جل جي حوالي ڪيو ويو. ساڌو واسواڻيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس سچي ۽ روحاني پوئلڳ دادا جشن واسواڻيءَ 1978ع تي دادا ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شروع ڪيل ”Brother hood association“ کي ”ساڌو واسواڻي مشن“ ۾ تبديل ڪيو، جيڪا اڄ تائين ساڌو واسواڻيءَ جي تحريڪ فڪر کي ساڳي جوش ۽ جذبي سان هلائيندي اچي ٿي. رايا ؛ حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو