هوءِ نقاب هڻي مونسان ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ايندي هئي، شايد هوء سمجهندي هئي ته مان هن جي چهري کي نه ٿو ڏسي سگهان . پر نه نه ، هوءِ ڄاڻي واڻي ائين ڪندي هئي ، گلابي وڳو پائيندي هئي، ۽ گلابي رئو سو به سنهڙو، جنهن مان آساني سان هن جو ديدار ٿيندو هو . هٿ مهندي سان رنڱيل هوندا هئس ، ٻانهن ۾ ڪڱڻ ڇا ته ٺهندا هئس ، پوءِ الائي جي ڇا ٿيو؟ الائي ڪهڙو واءُ گُهليو ؟ جو هوءِ مونکان دور ٿيندي وئي . شايد هن جي ڪا مجبوري هوندي ان ڪري ته هوءِ دور ٿي وئي ، ۽ ڪڏهن به واپس نه آئي ، ها ها هن سان ضرور مجبوري هوندي. نه ته ائين ڪٿي دور ٿئي ها ؟ جيڪا هميشه مونسان ملڻ کان پوءِ واپس ويندي چوندي هئي ته، مان توکان ڌار ٿيس ته مري ويندس . ها شايد تڏهن ئي ڪالهه اخبار ۾ پڙهيم ته سنڌو زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته هن جي شادي پئي ٿئي، ڪنهن جهور پوڙهي سان. الا هي ڇا اهو ته قهر ٿي ويو، آئون ته اڄ به هن جي انتظار ۾ آهيان گدو ۾ ، روز گدو ۾ هن جي راه نهاريندو آهيان ۽ اها به پڪ اٿم ، ته هوءِ ضرور ايندي مونسان ملڻ، هن جهان ۾ نه ته هُن جهان ۾، پر ماڻهو مونکي چريو ڇو چوندا آهن ؟ مان چريو ناهيان، يقين ڪر مان چريو ناهيان. فقير عابد ديشي
مان چريو ناهيان، يقين ڪر مان چريو ناهيان. يار اها ته مونکي به پڪ آهي ته فقير عابد ديشي چريو ناهي ... پر جذباتي آهي
يار ٻروچ اتي ئي لطيف جي نگري ۾ هئس ڪجهه مجبوريون هيون وقت به ساٿ نه پئي ڏنو سو يڪو غير حاضر رهيس ان لا سموري سنڌ سلامت کان معذرت