مختصر ڪهاڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2014۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    پُٽ جيئي سنڌ وارن جي پويان نه وڃ
    بابا سائين پر ڇو؟
    پٽ اهي لوفر آهن
    بابا سائين چون ٿا مظفر ڀٽو انجنئير هو
    افضل پنهور سنڌ يونيورسٽي جو بهترين شاگرد هو
    سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي تر جو نيڪ مرد هو
    روپلو چولياڻي هڪ سٺي خاندان سان تعلق رکي ٿو
    علي بلند سولنگي هڪ پروفيسر هو
    سجاد مرکنڊ به هڪ شاگرد هو
    نور الله به سياسي ورڪر هو
    سميع الله ڪلارڪ هو
    ان کان وڌيڪ ڪيترائي آهن
    جيڪي پنهنجا گھر ٻار لٽائي ويٺا آهن شهادتون ماڻي ويٺا آهن ڇا اهي سڀ لوفر آهن ؟
    اف پٽ سمجھي ڇو نٿو ؟
    بابا سائين سمجھايو
    پٽ ايجنسيون کڻي ويندئي قيد ڪندئي شهيد ڪندئي
    بابا سائين اوهان پوء حقيقتن جي مٿان پردو ڏيئي انهن شهيدن جي مٿان لوفر هوئڻ جي تهمت ڇو پيا هڻو؟
    پٽ توسان محبت اٿم توکي ڪجھ ٿيو ته مان برداشت نه ڪندس
    بابا سائين اگر سنڌ کي ڪجھ ٿيو ته ؟
    پٽ بس ڪئي مون جيئن وڻين تئين ڪر.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو