ٽارچر سيلن ۾ واڙيل سنڌ جي آزادي جي متوالن جي نالي ـــــ سياري جي سرد رات ۾، سخت سور کان بيهوش ٿيل قيدي، ڪر موڙي جاڳي پيو، هن گهاء هٿن سان ڇهيا، سور سبب کائنس رڙ نڪري وئي، ياد سندس ڦٽن تي پها رکيا، کيس سندس محبوبا سا گهاريل، پياريون راتيون ياد آيون، هن کي ڀيڻون ۽ ڀائر ياد آيا، سندس ٻاهر وڙهندڙ ساٿي، هانء تي هري آيس ۽، آزادي تي ويساھ وڌي ويس، ياد جي سمنڊ جون ويرون، جيل جا در دريوارون لوڙهي ويون، باوجود گھاء گهاء ۽ رتو رت بدن جي، چچريل چپن تي مرڪ نچي پئي، ۽ گل ٽڙي پيا ـــ
آزادي تي ويساھ وڌي ويس، سهڻيون سٽون ... پر ڪاش اسان جا رهبر اسان جي جذبن کي سمجهن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد رائيگان نه وڃي.