سائنس ۽ ٻين فورمن تي مون کي مواد موڪلڻ جا رائيٽس ناهن ڇو؟؟؟ اها ڳالهه مان اڳ به ڪري چڪو آهيان ۽ انهي مسئلي جي ڪري ڪافي وقت کان سنڌ سلامت به استعمال نه ڪئي هئي.......جڏهن مان سائنس يا ٻي ڪنهن فورم تي مواد موڪلڻ چاهيان ٿو ته لکي اچي ٿو “توهان هتي تحرير نٿا موڪلي سگهو” ۽ انهي تصوير مون وٽ موجود آهي، خبر ناهي اها ڪيئن ايندي ان لا به دوست رهنمائي ڪندا ته وڏي مهرباني........
ٿي سگهي ٿو اوهان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود سائنس سيڪشن جي ڳالهه پيا ڪيو ... !!!! يا ڪنهن ٻئي سيڪشن جي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ نوان موضوع موڪلڻ جي ان ڪري ٻين کي اجازت ناهي جو دوست ڪتابن کانسواء ٻيا به کوڙ موضوع موڪلي رهيا هئا .... جنهن سبب جڏهن ڪو ڪتابن لاء آيو پئي ته ان کي مڪس مواد پئي مليو. جنهن سبب رسٽرڪشن لڳائي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي فورم تي مسئلو آهي ته ان جي اسڪرين شاٽ موڪليو جيئن ان کي درست ڪجي.
ادا منصورنثار توهان تصوير موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي ان جو طريقو اهو آهي ته توهان تصوير ڪنهن فري ويب پيج تي اپلوڊ ڪيو ان جو لنڪ هتي پيسٽ ڪيو اوهان جي تصوير هتي ظاهر ٿيندي. فري ويب پيج کوڙ آهن مثال طور http://picthost.net/ مٿين سائيٽ تي ڪلڪ ڪري بغير ڪنهن سائين اپ جي فقط تصوير اپلوڊ ڪيو اتي هڪ ڪوڊ ظاهر ٿيندو اهڙي طرح http://www.imagesup.net/dm-4141497698414.png اهو ڪاپي پيسٽ ڪيو ته توهان جي تصوير شو ٿيندي اگر اڃا به ڪو مسئلو هجي ته حڪم ڪندا.[/URL] ها ليڪن اها تصوير ٿورو وقت ظاهر ٿيندي بعد ۾ شايد موجود نه رهي ان ڪري جيڪڏهن توهان مستقل تصوير کي برقرار رکڻ گهرو ٿا ته ڪنهن ويب سائيٽ تي اڪائونٽ ٺاهي ان تي تصوير اپلوڊ ڪيو ان تان لنڪ هتي ڪاپي پيسٽ ڪيو. ڪافي دوست هن سائيٽ تي تصويرون اپلوڊ ڪندا آهن http://tinypic.com/