ڪافي عرصي کان فيس بوڪ تي منفي روين ۽ غير مهذب ٻوليء سبب ڪجهه سٺا دوست يا خاموش ٿي ويا آهن يا اهي فيس بوڪ کي الوداع ڪري ويا آهن. هڪ ڊگهي عرصي کان اها گهر هئي ته سوشل ميڊيا تي ڪو اخلاقي ضابطو هجڻ گهرجي. ڇو ته فيس بوڪ اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي ۽ ان تي اسان جي گرفت ناهي، تنهنڪري اهي ضابطا پاڻ کي کي جوڙڻا پوندا ۽ انهن جي پوئواري ڪرڻي پوندي. جامي ڇانڊيي صاحب ان حوالي سان پهرين وک وڌائيندي سوشل ميڊيا جي ضابطه اخلاق جوڙڻ جي شروعات ڪئي آهي. دوست پنهنجي راء ڏين ۽ جي مناسب هجي ته سڀ ان تي اتفاق ڪري ان جي پوئواري ڪيون. جيڪڏهن ان ۾ ڪا تبديلي يا وڌاءُ ڪجي ته به پنهنجا رايا ڏيو. سوشل ميڊيا لاء تجويز ڪيل اخلاقي ضابطا جامي چانڊيو 1. ڪنهن به نقلي شناخت رکندڙ ماڻهوءَ کي فيس بڪ تي دوست نه بڻائجي. 2. ڪنهن کي به گارگند نه ڪجي ۽ جيڪو ايئن ڪري ان کي بلاڪ ڪري ڇڏجي. 3. ڪنهن تي به بنا تصديق جي ڪوبه الزام نه هڻجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪو ثبوت، راءِ يا تجويز هجي ته اهو مهذب ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي. 4. ڪابه ٻُڌل ڳالهه واسطيدار ماڻهوءَ يا ماڻهن سان ڳالهائڻ بغير نه ڦهلائجي. 5. ڪنهن به ماڻهوءَ ۽ خاص طور ڇوڪرين ۽ ماين جون تصويرون رکڻ يا انهن تي تبصرا ۽ رايا ڏيڻ وقت فضيلت ۽ سماجي اخلاق جي دائري اندر رهجي. 6. گارين، ڪوڙن الزامن، ڪردار ڪشي يا غير ذميوار ٻوليءَ جي جواب ۾ ساڳيءَ هلت کان پاسو ڪجي. 7. ڪنهن به مواد کي پڙهڻ ۽ اتفاق ڪرڻ کانسواءِ ان کي Like يا Share نه ڪجي. 8. جيڪو ماڻهو / گروهه سوشل ميڊيا وسيلي شعوري طور منفيت ڦهلائي، گاريون ڏئي، غير ذميوار تبصرا ۽ رايا ڏئي يا دليل ۽ اصل اشوءَ تي زور ڏيڻ بدران ذاتيات تي لهي اچي ۽ شخصي ڪردار ڪشي ڪري، ان جي سوشل ميڊيا تي مذمت ڪجي. 9. جيڪو ماڻهو سنجيده بحث مباحثي جو رخ ذاتيات ۽ گار گند ڏانهن موڙڻ جي شعوري / لاشعوري ڪوشش ڪري ان جي حوصلا شڪني ڪجي. 10. سوشل ميڊيا تي سرگرمين کي با مقصد ۽ سماجي طور ذميوار بڻائجي. گذارش ڪندڙ جامي چانڊيو
گورڌن ولاسائي لکي ٿو: تصوير ۾ ڪنهن شخص جي موجود نه هُجڻ تي کيس ٽئگ نه ڪجي. عباس ڪوريجو لکي ٿو: غير واسطيدار فرد کي نه ئي ٽيگ ڪجي ۽ نه ئي ڪنهن گروپ ۾ ايڊ ڪجي. کيس مھذب طريقي سان شامل ٿيڻ جي درخواست ڪجي پوءِ اڳلي جي جيڪا مرضي. پوسٽ طرف جنهن فرد جو ڌيان ڇڪائڻو هجي کيس ڪمينٽس ۾ مخاطب ٿجي