
تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون انجام ڏيندڙ، سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم ۽ جديد روشن خيالي لاءِ پاڻ ارپيندڙ آپا مريم سلطانا نوحاڻي گذريل رات دير سان حيدرآباد ۾ وفات ڪري وئي، آپا مريم نوحاڻي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ بيمار هئي، مرحومه جو تڏو سندس قاسم آباد واري رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي، آپا مريم سلطانا نوحاڻي جي عمر 80 ورهين جي لڳ ڀڳ هئي، هن کي خوش گفتار هجڻ ڪري ام الڪلام جي لقب سان پڻ نوازيو ويو، مرحومه مذهبي لاڙو پڻ رکندڙ هئي، هن ايوان صدر توڙي وزير اعليٰ هائوس ۾ ميلاد جون محفلون پڻ منعقد ڪيون، ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ بنيادي تعليمدانن ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ دادي ليلا کانپوءِ آپا مريم سلطانه نوحاڻي جو نالو اچي ٿو، پاڻ پروفيسر سان گڏ زبيدا ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال پڻ رهي، سندس دور ۾ هن ڪاليج علمي، ادبي توڙي ثقافتي سرگرمين جي حوالي سان سنڌ سميت ملڪ ۾ مشهوري ماڻي، آپا مريم نوحاڻي کي 50 سالن جي تعليمي خدمت عيوض سونو تاج به پارايو ويو هو، آپا مريم جي شاگردياڻين ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه صديقي، آپا خورشيد ميمڻ، سحر امداد ۽ ٻيون سوين شاگردياڻيون شامل آهن، آپا مريم نوحاڻي کي عرفان نوحاڻي نالي هڪ پٽ ۽ ماريا نالي هڪ نياڻي جي اولاد آهي، سندس نياڻي مليشيا ۾ رهندڙ آهي، سندس وفات جو ان کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جنهن جي پهچڻ کانپوءِ آپا مريم نوحاڻي جي مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
عوامي آواز جي خبر