ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڀلي انسان پاڻ کي عقل ۾ اڪابر سمجھي، ڀلي هن جي قول ۽ فعل جي خوشبوءِ صدين کي واسي رکي، ڀلي دين دنيا جا ڌرم، نظريا ۽ مذهب انسان کي عظمت مند ۽ اشرف المخلوقات سمجھن، پر اسان جي سنڌي سماج ۾انهيءَ جي ڪابه حيثيت ڪانهي. اسان سنڌ واسي صدين کان خوش فهمين جي هوائن جي آڌار تي اڏندا، لڏندا ۽ ڪڏندا رهيا آهيون.پر پوءِ به هتي ڪو همت ڪري اهو يقين سان سوچي يا چئي نه ٿو سگهي ته هو به ڪا حيثيت رکي ٿو. ٻين قومن ۾ ڪکن جهڙا انسان به لکن جي برابر هوندا، پر پر اسان وٽ لک جهڙو انسان به ڪک جهڙو هوندو. اسان فقط مذهبي، نظرياتي ۽ اقتصادي طور تي اوچ نيچ جو شڪار نه آهيون، پر اها ننڍ وڏائي سماجي طور تي به اسان جي سوچن ۽ لوچن جي رڳ رڳ ۾ موجود آهي. والدين اولاد کي ماڻهون ئي نه ڀائيندا، استاد شاگردن کي پنهنجو مٽ نه ڄاڻندا، زال مڙس جي جهڙوڪه زرخريد غلام آهي، وڏيري لاءِ باقي ماڻهو ”لڪڻ-راڄ“ آهي. مرشد ۽ پير جا مريد سندس گلاس ۾ پاڻي پي نه سگهندا، عام ماڻهو عملدار رعيت-آزار اڳيان بي وس آهي. پوڙهو پنهجن اڳيان خوار آهي. نوجوان چڱي هوندي به عزيزن قريبن لاءِ چريو آهي. ٻار سڀني لاءِ مڇ جو وار آهن. هاڻي حساب ڪري ڏسو ته باقي گهڻا ماڻهو وڃي بچيا، جيڪي پنهنجي عزت، حيثيت ۽ معتبرائپ جي ڊاڙ هڻي سگهن ٿا؟ اوهان چوندا ته دوست جو دوست وٽ قدر ٿئي ٿو. قدر وارا اڃان کٽا ڪين آهن. مڃون ٿا ته، ڪٿي ڪٿي پڳ-مٽ ياريون ماڻهپي جا واهڙ وهائي ڏيکارن ٿيون. پر ان مان به اهو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته، هڪ فرد ڪنهن ٻئي فرد جي عزت ڪري ٿو، ليڪن اها پوري معاشري طرفان عزت ملڻ جي ضمانت ته نه آهي.سهڻيءَ ساهڙ لاءِ سر گهوريو، پر باقي گهر کان وٺي شهر تائين، سڀني جهڙوڪه صلاح ڪري کيس ٻوڙي ماريو نه! ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن فرد واحد عزت ڪئي ته ان جو اهو مطلب ناهي نه ته دنيا جهان عزت ڪئي. چوندا آهن ته ”گهر ته گهران“ هن خوش فهميءَ تي ٻڌل مفروضي مطابق جيڪڏهن عزت ڪجي ته عزت ملندي. زال مڙس کي نه ٿي گهري؟ شاگرد استاد جو ادب نه ٿو ڪري مريد پنهنجي مرشد جا پير ڌوئي نه ٿو پيئي؟ پوءِ هتي ”گهر ته گهران“ وارو مفروضو ڪم ڇو نه ٿو اچي؟ گهرڻ جو ان کان وڌيڪ وڏو مثال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو عوام اليڪشنن ۾ ڪوڙا سچا ووٽ وجھي لات منات جا بت ٺاهي ٿو. هو اهي حماقتون خوش فهميءَ ۾ ڪندو آهي ته نيٺ صبح ٿيندو، هن جا دک درد دور ٿيندا ۽ مصيبتون ٽري وينديون. پر پوءِ ٿيندو ڇا آهي؟ لياقت ۽ صلاحيت هوندي به مفت ۾ نوڪري ته وٺي ڏيکاري. اسان منافقي ۽مخالفت کي ئي پنهنجي سوچن ۽ لوچن جو بنياد بڻائي ڇڏيو آهي. ڪنهن سان محبت جي ڳالهه ته ڪري ڏسو، نفرت نه ملي ته مون کي ميار، ڪنهن جي دل جي حضور سان عزت ته ڪريو. هر ڪو اهڙي فضيلت مند کي ”جي حضوري“، ”بزدل“ يا ”مفاد پرست“ ئي سمجھندو ماسٽر چندر ويچارو چوندي چوندي مري ويو ته ”دل آهي هٿن ۾ خريدار کي ٿو ڳولهيان“ هتي ته قصو ئي اهو آهي ته قدر وارا ڪم ٿيا. کٽا خريدار“ حمل فقير کان وٺي سچل سرمست تائين، انهيءَ دولهه درازيءَ کان وٺي لاکيڻي لطيف تائين سڀني اهو ئي سور پٽيا آهن ته ماڻهو ماڻهونءَ جي نه عزت ڪري ٿو ۽ نه وري محبت ڪري ٿو. هي اسان جو صديون پراڻو مامرو آهي. اسان مان هر ڪو صدين کان وٺي عزت ۽ محبت جو بکيو رهيو آهي. اسان پنهنجن جو قدر ڪرڻ سکيا ئي ڪونه آهيون. اسان ڌارين جا غلام آهيون ۽ پنهنجن جا حاڪم آهيون. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان عام ماڻهوءَ جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪانه ڪئي آهي، سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ نه چيو آهي. نتيجي ۾ غلط بغاوتون به ڏسڻيون پون ٿيون. زالون اٺ ٻار ڄڻي به ڪنهن نه ڪنهن سان ڀڄي وڃن ٿيون. ماڻهو ڪپڙا به ايترا تڪڙ ۾ نه ٿو بدلائي، جيتريون سياسي ۽ نظرياتي پارٽيون بدلائي ٿو.پيءُ پٽ هٿان مارجي پئي ٿو، شاگرد استاد جو پٽڪو لاهي رکي ٿو. اهي واقعا سونهن نه ٿا، پر گٽر ۾ ڪيئان ئي ته جنم وٺندا نه. هن چڪڻ مان چڙهڻ ۽ ڳنڀير حالتن مان جان ڇڏائڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته اسان اهي ٿي پئون، جيڪي آهيون، استاد آهيون ته مثالي استاد ٿيون، اولاد آهيون ته فضيلتمند اولاد ٿيون.عملدار آهيون ته رعيت آزار نه ٿيون. نظرياتي اڳواڻ آهيون ته پوئلڳن کي بي وقوف نه بڻايون ۽ انسان آهيون ته ٻين جي عزت ۽ محبت جو قدر ڪريون.