ڊاڪٽر ايوب شيخ عام طور آميريڪا هن دنيا جو 1989ع ۾ سوويت يونين ڊهڻ کانپوءِ اڪيلو ”سپرپاور“ آهي. جيڏو وڏو آهي، ايڏا سندس مسئلا وڏا آهن. سندس وڏي ۾ وڏو مسئلو هي آهي ته پنهنجي ملڪ جا وسيلا ”جيئن جو تيئن“ بچائي دنيا جي مختلف ملڪن جي وسيلن تي گذارو ڪجي. سرد جنگ جي دور ۾ ان کي ”سامراجيت“ چيو ويندو هئو پر ان جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ان گڏهه تي نوان آٿر رکي ان کي ”نئون عالمي نظام“ سڏيو ويو آهي. سامراجيت ”ظلم ۽ ڦرلٽ“ ۽ نئون عالمي نظام ” عالمي ضرورت“ طور پيش ڪيو ويو آهي. ماضي ۾ سوويت يونين ۽ آميريڪا ٻئي سپر پاور پنهنجا پنهنجا حمايتي ملڪ پنهنجي ”گروپ“ طور رکي انهن سان واپاري ۽ هٿياري، ثقافتي ۽ قرضن وارا ٺاهه ڪندا هئا. پر ٻنهي پاورز ۾ هڪ وڏو فرق هي رهيو ته آميريڪا جنهن سان به اهي ٺاهه ڪندو هئو اهي رڳو ”ڏيتي“ سان نه پر ”ليتي“ سان به ٻڌل هوندا هئا. ان ڪري جنهن سان به ٺاهه ڪندو هئو ته ان ملڪ جي لاءِ پوءِ ڪهڙو به نظام آڻڻو پوي ان آڻڻ لاءِ سموريون حدون پار ڪندو هئو. سوويت يونين جنهن سان به اهي ٺاهه ڪندو هئو ته ان جي وري اها ڪوشش هوندي هئي ته انهن ملڪن سان رياست طور يا انهن ملڪن ۾ موجود ”ڪميونسٽ پارٽين“ وسيلي ان ملڪ جي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي خاهش ۽ ڪوشش سبب هو ملڪن جي امداد ڪندو هئو پر انهن کي عام طور ”ڦرلٽ“ جو سامان نه بڻائيندو هئو. آميريڪا کي انهن ٺاهن ۾ ”ڦرلٽ“ مال غنيمت طور ملندي هئي ۽ هن جو سندس ملڪ جو چرخو به هلندو هئو. سندس ڪوششن ۾ اها ڳالهه پڻ هوندي هئي ته آميريڪي هٿيارن جي صنعت کي واڌ ڏيڻ لاءِ ڪن به ٻن ملڪن وچ ۾ تڪرار يا تضاد ويندي جنگ ڪرڻ تائين ماحول گرم ڪري وٺندو هئو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ايران آميريڪا جي هٿن مان هليو ويو ته ايران کي سزا ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو. ڪيئي ڪوششون ڪرڻ کانپوءِ جڏهن کيس ناڪامي پلئه پئي ته عراق ۽ ايران وچ ۾ ”نار جي پهرين لڙائي“ 1980ع کان شروع ٿي ۽ 1988ع ۾ ختم ٿي. 1977ع ۾ ڀارت، ايران ۽ افغانستان هٿان وڃڻ کانپوءِ آميريڪا کي پاڪستان جي گهرج پئي. جنرل ضياالحق پهرين چونڊيل سرڪار جو تختو اونڌو ڪري مارشلا لڳائي ڇڏي. جيڪا 1988ع ۾ ختم ٿي. اوهان غور ڪري سگهو ٿا ته ايران ۽ عراق جي لڙائي 1988ع ۾ ختم ٿي ۽ پاڪستان ۾ مارشلا به 1988ع ۾ ختم ٿي. ضرور ان سال آميريڪا ڪي ته عالمي تبديليون سوچيون هونديون جو پاڪستان جي ڀرپاسي ماحول بهتر ٿيڻ لڳو. 1989ع ۾ سوويت يونين ٽٽڻ سان سندس ڪيئي مسئلا هڪ ڌڪ سان حل ٿي ويا. عراق، ڀارت، افغانستان ۽ پاڪستان سندس نڪ هيٺان اچي ويا. 2000ع جي نئين هزاري ۾ آميريڪا هڪ پاسي ڏکڻ ايشيا ۾ ”القاعده“ کي هڪ بهانو بڻائي پيش ڪيو ۽ ان بهاني هيٺ افغانستان ۾ سندس اچڻ تي سڄي دنيا ساڻس سهمت بڻجي ويئي. اهڙي طرح نار جي علائقي ۾ جنهن صدام حسين وسيلي هن ايران خلاف اٺ سال جنگ ڪئي هئي ۽ اربين رپين جا هٿيار وڪرو ڪيا هئا، تنهن صدام حسين تي ”نيوڪليئر“ هٿيار ٺاهڻ جو الزام لڳائي عراق تي چڙهائي ڪري اتي موجود تيل کي حاصل ڪيو. ان تيل کي حاصل ڪرڻ لاءِ نعرو لڳايو ويو: ” لڙائي واسطي تيل“ جڏهن ته اصل ۾ ان جو مقصد هيو ” تيل واسطي لڙائي“. جيئن ايران خلاف صدام حسين آميريڪا جي ڪم آيو ، ان وانگر القاعده جي سربراهه اُسامه بن لادن پڻ افغانستان ۾ آميريڪا جي حق ۾ ۽ سوويت يونين خلاف جنگ ڪئي. اهڙي طرح جيئن صدام حسين کي ”خطرو“ ٺهرائي عراق ۾ اچڻ جو سبب پيدا ڪيو ويو تيئن اساما بن لادن کي ”دنيا لاءِ خطرو“ ٺهرائي افغانستان تي چڙهائي جو لائسنس حاصل ڪري ورتو. ”القاعده“ جڏهن وڌيڪ ڪشش ڪندڙ سبب نه رهيو ۽ ان جي ”بهاني“ هجڻ واري طاقت به نه رهي ته هاڻي ”عراق ۽ شام جي اسلامي سلطنت“ ( داعش) هڪ نئون بهانو ٺاهي پيش ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آميريڪا افغانستان ۾ پنهنجي واپسي هڪ سال تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڏکڻ ايشيا جي سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ تبديلي اڻٽر لڳي رهي آهي. آميريڪي صدر باراڪ اوباما اڄڪلهه آميريڪي معيشت توڙي پنهنجي پارٽي جي ساک کي بچائڻ لاءِ اهم اعلان ڪري رهيو آهي. تازو سندس ٻن اعلانن جيڪي افغانستان مان آميريڪي فوجون ڊسمبر 2014ع تائين نڪري وڃڻ ۽ دنيا جي غيرقانوني پناهگيرن جي آميريڪا ۾ ترسڻ باري ۾ سامهون آيا آهن تن ٻنهي اعلانن جي متن کي پڙهڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ ۽ پارٽي جا مسئلا ڪيڏا ته ڳرا ۽ انهن کي حل ڪرڻ ڪيترو نه اهم ٿي پيو آهي. ساڳئي وقت آميريڪا اڄ جي دنيا ۾ ڪهڙي پاسي وڌي رهيو آهي ۽ ڇا ڇا ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، اهو پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو. آميريڪي فوجون جيڪي 31 ڊسمبر 2014ع تي افغانستان مان نڪري وڃڻ جو اعلان ڏيڍ سال اڳ ڪيو ويو هيو، تنهن ۾ تبديلي ڪري صدر اوباما چيو آهي ته اهي فوجون هاڻي 2015ع ۾ ملڪ مان واپس اينديون. ڏيڍ ورهيه واري اعلان ۾ اهو چيل هئو ته آميريڪا جا 68 هزار فوجي افغانستان مان واپس ايندا، جڏهن ته افغانستان جي مڪاني فورسز کي تربيت ڏيڻ ۽ ملڪ جي اهم جاين جي سنڀال لاءِ 15 هزار فوجي 2024ع ۾ واپس آميريڪا ويندا. ٻئي اعلان ۾ صدر باراڪ اوباما چيو آهي ته آميريڪا ۾ رهندڙ پرديسين Immigrants کي قانوني بڻجڻو پوندو ۽ ملڪ جا وسيلا بچائڻا پوندا. مئڪسيڪو جي (ڏاکڻين) بارڊر تي غيرقانوني داخل ٿيندڙن جي چوڪسيءَ جو خرچ گهٽايو ويندو. هن 20 نومبر تي پنهنجي اهم ترين تقريري اعلان ۾ اوباما چيو آهي ته ”مقدس ڪتابن ۾ لکيل آهي ته پرديسين جون دليون نه رنجايو. ڪو زمانو هئو ته اسان پاڻ به هن ملڪ ۾ پرديسي هئاسين، هي ملڪ ته آهي ئي پرديسين جي قوم. اسان جي ملڪ سدائين پرديسين جي آجيان ڪئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان اهي اسان جي ثقافت ۽ آميريڪيت ۾ پوئجي هڪ ٿي ويا آهن“. هن وڌيڪ چيو آهي ”اسانجا بزنيس ماهر، واپاري چاهين ٿا ته جيڪي به پڙهيل ڳڙهيل، اعليٰ تعليم يافته هنرمند ۽ واپاري پنهنجي ملڪ مان اسان وٽ ايندا اسان نه رڳو انهن جي آجيان ڪنداسين پر انهن کي تڪڙي عمل سان پنهنجو ڪري انهن جي قابليت کي آميريڪا جي فائدي ۾ ڪتب آڻينداسين. اسان آميريڪي ”پرديسين“ جي قوم آهيون ۽ اسان قانون جي پوئواري ڪندڙ قوم آهيون“. انهن اعلانن جي ڪري هڪ پاسي صدر اوباما سندي ”ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ جي ڪرندڙ ساک کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ آميريڪي سماج جي ٻن اهم پرتن جي مامري کي کڻي پنهنجي سياسي ساک کي مٿي ڪرڻ ۽ بچائڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي ته دنيا ۾ آميريڪا جي ”سانوري رنگت“ کي چمڪندڙ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”پرديسين“ واري اعلان سان هن آميريڪا اندر رهندڙ لکين ماڻهن کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ رهندڙ لکين پرڏيهي شاگردن ۽ پوسٽ گريجوئيٽ اميدوارن جي “H-1” ۽ “H-2” ويزا جي ڏکيائين کي حل ڪري دنيا جي لکين ڪٽنبن جو معاملو حل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته افغانستان ۾ فوجن کي هڪ سال وڌيڪ ترسائڻ سان هن پنهنجي پارٽي پاران ”ريپبلڪن“ تي وڏي چڙهت ڪري ڇڏي آهي. ڪانگريس کي انهن ٻنهي ڳالهين تي بحث ڪرڻ جي وٿي ئي گهٽ ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ آميريڪا اڄوڪي دنيا ۾ نظر ايندڙ اڪيلو سپر پاور آهي، جنهن جي تازي فوجي ۽ سفارتي ”ڪارڪردگي“ عراق، افغانستان، شام ۽ ليبيا ۾ هرڪو ڏسي ويٺو آهي ۽ سندس ئي پروپئگنڊا ڪيل ”سوشل ميڊيا“ جا انقلاب مصر، تيونس ۽ يمن ۾ سامهون نظر اچن پيا، پر دنيا ۾ پنهنجي ڪمزور سياسي ۽ معاشي حيثيت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ آميريڪا مجبور آهي ته هو عالمي طور ڪي نه ڪي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪري جنهن سان سندس معاشي وسيلن جي بهتري جو ماحول پئدا ٿئي. مٿيان ٻيئي اعلان ان سلسلي جي ڪڙي آهن، انهن جو مطلب آهي ته ڏکڻ ايشيا جي سياست توڙي معيشت جي باري ۾ ڪي نه ڪي اهم تبديليون آميريڪا جي چارٽر ۾ موجود آهن. اهي تبديليون پاڪستان ۾ به اڻٽر آهن. انهن تبديلين جي باري ۾ هاڻي کان ئي غور ڪرڻ جي گهرج آهي. ”داعش“ واري معاملي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ آميريڪي صدر اوباما پنهنجي بچاءَ واري سيڪريٽري ”چُڪ هيگل“ کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. 24 نومبر 2014ع تي ان عهدي جي خاتمي کانپوءِ آميريڪا ۾ ميڊيا جا مبصر کيس ”قرباني جو ٻڪرو“ ڪوٺي رهيا آهن، جڏهن ته آميريڪا پاران سندس عهدي جي خاتمي جو سبب ”داعش“ مامري سان چڱي نموني منهن نه ڏيڻ جو نتيجو ڪوٺيو پيو وڃي. چيو وڃي ٿو ته تازو آميريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۾ حڪمران ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ناڪامي ۽ سندس مخالف ريپبلڪن پارٽي جي سرسي جي ڪري وائيٽ هائوس ۾ ان شڪست کي اها معنا ڏني وئي ته چ اوڀر Middle East ۾ داعش جي خطري سان چڱي نموني منهن نه ڏيڻ جي ڪري بچاءَ واري وزارت ۾ اها تبديلي ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ ان عهدي لاءِجن ماهرن جا نالا سامهون اچي رهيا آهن انهن ۾ هڪ به اهڙو ڪونهي جيڪو دهشتگردي سان مقابلو ڪرڻ يا مهارت سان مقابلو ڪرڻ جو ماحول ٺاهڻ جو هنر ڌاريندو هجي. ان ڪري ئي ته اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته ”چُڪ هيگل” کان ڪابه ”چُڪ“ نه ٿي آهي، مڙيئي بهانو گهرجي. آميريڪا کي ڏکڻ ايشيا توڙي مڊل ايسٽ ۾ جڏهن به فوجي ۽ اڌ فوجي ڪارروايون ڪرڻيون پونديون آهن ته اول کيس بهانو گهربل هوندو آهي ۽ ان کانپوءِ کيس مددگار ملڪ گهربل هوندا آهن. ان ڪري پاڪستان، افغانستان، ايران توڙي عراق ۾ ڪيئي تبديليون پر ساهي رهيون آهن. ان تياري ۾ ڪجهه هفتا نه پر ڪجهه مهينا لڳندا. هڪ سال اندر ڪيئي بدليون ۽ مقرريون ٿيڻ جي ڪري سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ رڳو ٻه اصطلاح نظر ايندا. هڪ آميريڪا ۽ ٻيو داعش. اوهان غور ڪري سگهو ٿا ته ايران ۽ عراق جي لڙائي 1988ع ۾ ختم ٿي ۽ پاڪستان ۾ جنرل ضياالحق جي مارشلا به 1988ع ۾ ختم ٿي. ضرور ان سال آميريڪا ڪي ته عالمي تبديليون سوچيون هونديون جو پاڪستان جي ڀرپاسي ماحول بهتر ٿيڻ لڳو. 1989ع ۾ سوويت يونين ٽٽڻ سان سندس ڪيئي مسئلا هڪ ڌڪ سان حل ٿي ويا. ڏسندي ڏسندي عراق، ڀارت، افغانستان ۽ پاڪستان سندس نڪ هيٺان اچي ويا