جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
ٿر ۾ پاڻي جي بحران وارو مسئلو…..!!!!
چنيسر آريسر
صدين جيڏو سچ ته اهو به آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻي کان سواءِ انسان جو جياپو ممڪن ئي ناهي. اڳي جڏهن وڻج واپار لاءِ ڪي رستا ڪونه تعمير ٿيا هئا تڏهن به سمنڊ ۽ دريائن وسيلي واپاري پنڌ پچائيندا هئا. سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ديبل وارو بندرگاهه به واپارين جي آمد رفت جو ذريعو هو. وقت سان گڏ جيئن درياءَ پنهنجا رستا مٽايا ته ڪيترائي شهر ڀڙڀانگ بڻجي ويا. دنيا ترقي ڪئي. سفر ڪرڻ لاءِ گاڏيون آيون. روڊ تعمير ٿيا، وڏي سفر لاءِ هوائي جهاز آيا ماڻهن سامونڊي جهازن ۾ سفر ڪرڻ به ڇڏي ڏنو. ترقي جون منزلون طئه ڪندي دنيا وڃي آسمان تائين پهتي تڏهن به پاڻي جي اهميت ختم ڪونه ٿي سگهي. پهريان به پاڻي زندگي جي علامت هو ۽ اڄ به اهوئي پاڻي زندگي جي علامت آهي، پر الائي ڇو ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي واري سهوليت کان به گهڻو پري پنهنجي حياتي گذارين پيا.
جيڪڏهن ٿر واري خطي کي ڏسجي ته اهو ورهين کان وٺي ڏڪار واري صورتحال کي منهن ڏيندو رهيو آهي. ٿر ۾ جڏهن برساتون ناهن پونديون ۽ جڏهن پلر جي پالوٽ ناهي ٿيندي تڏهن پاڻي جو بحران ڪر کڻندو آهي. جانورن جي لاءِ ڪٿي ڪو چارو به ناهي بچندو. تڏهن ٿر جا مسڪين ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ڪاهي بئراجي علائقن جو رخ ڪندا آهن، زندگي جي ڳولا ۾ هوءَ پنهنجن اباڻن اجهن کي به ڇڏي ويندا آهن. اباڻن اجهن کي ڇڏيندڙ ماڻهو ميرپورخاص، بدين، ٽنڊومحمدخان، نوابشاهه سانگهڙ ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيندا آهن. ٿر جا مارو ماڻهو بئراجي علائقن ۾ نه صرف پنهنجي چوپائي مال کي چاريندا آهن پر ان سان گڏ اهي پنهنجي پيٽ جي پالنا خاطر محنت مزدوري به ڪندا آهن، پنهنجن اباڻن اجهن کان پري انهن جي من جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي ان جو اندازو ته فقط اهي ئي لڳائي سگهن ٿا جن ڏکن ۾ پنهنجي گهر کي ڇڏيو هوندو. باقي اهي ماڻهو جن جي سڄي زندگي سکن جي سيج تي گذري هوندي انهن کي ته ان بابت ڪو پتو به نه هوندو.
ٿر ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي جو رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب جتي مارو ماڻهو ڪا پوکائي نٿا ڪري سگهن اتي وري خراب پاڻي واپرائڻ جي ڪري چوپايو مال به موت جي منهن ۾ اچي ٿو وڃي. مسڪين ماڻهو به صاف پاڻي نه ملڻ جي ڪري بيماري جون ڀوڳنائون ڀوڳين ٿا، حڪمران هر روز ڪيتريون ئي دعوائون ڪن ٿا، مريضن جي علاج لاءِ ٽيمون به جڙن ٿيون، پر اهي حڪمران الائي ڇو پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم نٿا کڻن. سنڌ حڪومت طرفان آر او پلانٽ لڳائڻ وارو ڪم به شروع ڪيو ويو هو، پر اهو به شايد اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي ويو جن کي مسڪين ماڻهن جي حياتي کان پنهنجا پيٽ وڌيڪ پيارا هئا، انهي جي ڪري ئي اهي اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي ويون ۽ ڪٿي ڪا اسڪيم پوري ٿي ڪونه سگهي. جيڪڏهن صحيح نموني سان حڪمران اسڪيمن تي ڪم ڪرائين ته ٿر جي ماڻهن کي برسات جو انتظار ڪرڻو به نه پوندو، اهو انتظار جيڪو موت جيان ئي هجي ٿو. اتر کان جڏهن به ڪڪر ڪارونڀار ڪري ايندا آهن تڏهن مارو ماڻهن جي من ۾ اها آس ڪر کڻندي آهي ته اجهو بادل وسن ۽ ڏڪاريل ڏيهه ۾ ساوڪ ٿئي. هو به پنهنجي ماڳ تي موٽي وڃن. پر جڏهن بيوفا بادل وڃي سمنڊن تي وسندا آهن. تڏهن سڄو ٿر بر ئي بر رهجي ويندو آهي.
حڪومت جيڪڏهن ٿر مان پاڻي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي ته نه صرف ٿر تائين پاڻي پهچائي سگهجي ٿو پر اتي پاڻي جمع به ڪري سگهجي ٿو، ان سان نه صرف ٻنيون آباد ٿينديون پر ماڻهن کي ٿر مان لڏ پلاڻ به نه ڪرڻي پوندي. حڪومت کي سڀ کان پهرين ٿر ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهڻا پوندا. اهي ڊيم جيڪي سنڌ لاءِ فائديمند هوندا. ڇو ته جڏهن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي تڏهن انهن ڊيمن کي ڀري ڇڏيو. ان سان هڪ فائدو ته اهو ٿيندو جو سنڌ جا ڪيترائي علائقا ٻڏڻ کان بچي يوندا. ٻيو فائدو ته اهو ٿيندو جو انهن ڊيمن ۾ جيڪو پاڻي جمع ٿيندو اهو ٿر واسين جي زندگي ۾ سک ڀري ڇڏيندو. ڪٿي به ٿر بر نه رهندو. آباديون ٿينديون ۽ ڪٿي به ڪو ماڻهو پاڻي جي اڃ وگهي پنهنجا پساهه پورا ڪونه ڪندو. ڊيمن جي ڀرپاسي ۾ جيڪي کارا کوهه هوندا انهن جو پاڻي به مٺو ٿي ويندو. ٿر ۾ ڊيم ناهي انهن تائين پاڻي پهچائڻ جا 2 رستا آهن، هڪڙو نئون ڪوٽ کان ۽ ٻيو وري اڇڙي ٿر لاءِ چونڊڪو کان جيڪو کپري وٽان گذري ٿو، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جڏهن وڏ وزارت سنڀالي تڏهن هن به پاڻي وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم ضرور کنيا هئا. هن بئراجي علائقن کان ٿر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ نئون ڪوٽ کان اسلام ڪوٽ ۽ اڃان به اڳتي تائين لائين وڇرائي هئي. جنهن وسيلي هاڻ نئون ڪوٽ، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي علائقن تائين پاڻي پهچائي ٿي، لائين جو سڀ کان وڏو فائدو ته اهو ٿيو جو علائقي واسين کي پيئڻ جي لاءِ مٺو پاڻي مليو. ٻيو ته نئون ڪوٽ کان مٺي تائين وڇايل لائين جي ڀرسان جيڪي ماڻهو آباد هئا، انهن چوپائي مال وسيلي پنهنجو پيٽ گذر شروع ڪيو. ان کان پهرين جڏهن اهي ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار هئا تڏهن اهي بيراجي علائقن مان چوريون ڪري پنهنجو پيٽ پاليندا هئا، پر انهن چورين وارو ڪم ڇڏي ڏنو. جيستائين مٺي پاڻي جي فراهمي شروع ٿي تيستائين آبادي به ٿي وئي ۽ اتان جي رهواسين سکن جا ڏينهن ڏٺا، پر جتي پاڻي پڄي نه سگهيو. اتي اڃان به اهي ڏک آهن جن کي ڏسندي به زمانا گذري ويا آهن، ٿر ۾ ٻاٻيهو بادلن کي پڪاري پڪاري مري ٿو وڃي پر ڪٿان ڪو تاڙو نٿو تنواري.
ٿر ۾ پاڻي جو ذخيرو جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا ۽ هڪڙو ڊيم ته ٺهي پيو پر عجيب الميو اهو آهي جو اهو ڊيم انهن ماڻهن لاءِ ناهي جيڪي مسڪين ماڻهو اڃ وگهي تڙپي تڙپي پنهنجا پساهه پورا ڪن ٿا، نبي سر ۾ قائم ٿيندڙ اهو ڊيم فقط ٿر ڪول جي لاءِ آهي. ان ڊيم کي ته اهي ئي استعمال ڪري سگهندا جيڪي وڏين گاڏين ۾ پروٽوڪول سان اچي پهچندا. پاڻي جي بحران وارو مسئلو انتهائي اهم آهي. ان لاءِ حڪومت کي ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. بيراجي علائقن مان مختلف رستا اچن ٿا جتان سولائي سان پاڻي ٿر تائين پهچائي سگهجي ٿو. بدين کان ڏيپلو، ڪنري کان چيلهار، عمرڪوٽ کان ڇاڇرو، کوکرا پار ۽ ٻيا رستا آهن. جتان پاڻي جون لائينون وڇائي سگهجن ٿيون ۽ پوءِ انهن علائقن ۾ ڊيم ٺاهيا وڃن جتان سولائي سان مارو ماڻهن تائين پاڻي پهچائي سگهجي. ائين ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو مسڪين عوام کي ئي پهچندو. جيڪڏهن ڏسجي ته ٿر اهو خطو آهي جتي رهندڙن جي اڪثريت مسڪين ماڻهن جي آهي. اهي مسڪين ماڻهو جن وٽ رهڻ لاءِ ڪکاوان گهر هجن ٿا پر انهن نه مايا جو اهڙو موهه هجي ٿو جنهن وسيلي هو منرل واٽر جو صاف ۽ شفاف پاڻي خريد ڪري سگهن. انهن وٽ ته ايتري دولت به ناهي هوندي جو ڪنهن ڏورانهن علائقي مان گاڏين وسيلي پاڻي آڻين. هر روز ٿر جا ماڻهو ڪيترن ئي ڪلو ميٽرن تائين پنڌ پچائين ٿا. هنن جي حياتي به پاڻي بنا ائين هجي ٿي جيئن اڻ ڌوتل وار وکري ويندا آهن. اهڙو زندگي جو جياپو ڏاڍو ڏکيو هجي ٿو. ٿر جا ماڻهو جيئڻ جي لاءِ جن ڏکيائين مان گذرن ٿا ان جو اندازو ته شهرن جي وڏن بنگلن ۾ آباد ماڻهن کي به ناهي هوندو ته پوءِ ڀلا حڪمران ڀلا ڪيئن درد کي محسوس ڪري سگهندا. ٿر ته سدائين سورن ۾ رهيو آهي. هاڻ ته مورن جا اهي ٽهوڪا به ناهن رهيا، ٿر جي مورن ۾ ته تڏهن ئي ٺاهه پئجي ويو هو. جڏهن بيماري ٿر جي مورن کي مارڻ لڳي هئي ٿر جي مورن تان موت جو ڏمر ته ڪڏهوڪو ٽري ويو آهي پر نه اها بک ختم ٿي آهي نه اها بدحالي وئي آهي. جنهن جي ڪري مسڪين ماڻهن جا معصوم ٻارڙا به موت جي هنج ۾ هليا ٿا وڃن. معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو سلسلو هاڻ به هلندڙ آهي. اڄ به ڏورانهن علائقي جا ماڻهو پنهنجي معصوم ٻارڙن جي حياتي بچائڻ خاطر شهرجي اسپتالن جا پنڌ پچائين ٿا، پر انهن اسپتالن ۾ الائي ڇو هنن کي موت منتظر ملي ٿو. ٿر ۾ هاڻ جڏهن ڏڪار واري صورتحال آهي. هاڻ جڏهن بيوفا بادل به ٿر کان منهن موڙي ويا آهن. انهي حالت ۾ ٿر لاءِ پاڻي انتهائي ضروري ٿي پيو آهي. تڏهن ماڻهو جنهن پاسي ڏسي ٿو ته کيس رڳو واري نظر اچي ٿي ۽ انهي واري صحرا کي ڏسندي اهو گمان ٿئي ٿو ته ڪٿي ڏور اڳتي پاڻي آهي پر اهو ماڻهو جي نظر جو فريب هجي ٿو، اهو فريب جنهن پٺيان لڳي اڪثر ماڻهو رڻ ۾ رلي مري ويندا آهن، وقت اڃان به پيو آهي. واهر ڪرڻ لاءِ وسيلا حڪمرانن وٽ موجود آهن پر ضرورت آهي انهن کي صحيح نموني سان استعمال ڪرڻ جي. جيڪڏهن حڪومت هينئر سان ئي وسيلن کي صحيح نموني سان استعمال ڪندي ڪي قدم کڻي ته ٿر ۾ به خوشحالي اچي سگهي ٿي. ٿر ۾ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ سڀ کان پهريان پاڻي وارو مسئلو حل ڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ ئي بنيادي سهوليتون ڏيڻيون پونديون. ٿر ۾ جڏهن سنڌو بادشاهه جو لتاسو ميرڙو پاڻي پهچندو تڏهن بر جهڙي ٿر ۾ بهار اچي ويندي. گلاب ۽ موتئي جا هزارين گل ٽڙندا، ڪٿي به ڪو ٻار بک کان بي حال بڻجي موت جي منهن ۾ نه ويندو ۽ ٿر جي مسڪين ماڻهن کي اباڻا اجها ڇڏي دربدري جو درد ڀوڳڻو ڪونه پوندو.