جادوگر (چيريڪوف)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جادوگر
    چيريڪوف
    سنڌيڪار نجم عباسي

    ...........................................................
    هيءَ روسي ڪهاڻيڪار چيريڪوف جي ڪهاڻي آهي. جيڪا سنڌي ٻولي جي ڪهاڻيڪار نجم عباسي ترجمو ڪئي آهي. هي پورهيتن جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪا حقيقت ۾ روسي سماج جي ڪهاني آهي. جنهن ۾ پورهيتن خلاف رياستي جبر ڪيو وڃي ٿو پر کيس هڪ ٻار جادوگر سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي طاقت وسيلي ملڪي نظام جام ڪري ٿا ڇڏين.
    .....................................................
    شهر ۾ سخت بدامني هئي. هڙتال مٿان هڙتال پئي ٿي. هيءَ هلچل ڪارخانن کان شروع ٿي ۽ هلندي هلندي باهه وانگر شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي وئي. هن هلچل کي ختم ڪرڻ لا پوليس هرممڪن ڪوشش ڪئي، پر بيسود. هيءَ هلچل ختم ٿيڻ واري نه هئي.
    ظاهر ظهور ته شهر دستور موجب دلچسپين جو مرڪز هو. بازار ۾ اهائي رونق هئي. خريد فروخت به ڏوهاڙي وانگر ٿي رهي هئي، تنهن هوندي به ڪو به شخص ائين چوڻ کان رهي نٿي سگهيو ته شهر ۾ بي آراميءَ جي لهر ڊوڙي رهي آهي. معموليءَ کان معمولي واقعو به ڏاڍو هيجان برپا ڪري ٿو ڇڏي.
    سيٽيءَ جي آواز ٻڌڻ سان گهڻن ماڻهن جي دلين تي هيبت ڇانئجي ٿي وئي. ڪي ماڻهو اهو آواز ٻڌندي ئي ڊوڙندي ٿي آيا ته ڏسو ته ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڪي وري دڪانن ۾ لڪي ٿي ويا، هو ڪنهن کان لڪي رهيا هئا؟ ڪهڙي شئي تي ايتريقدر خوفزدہ ٿي بنايو؟ اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، پر تڏهن به هر شخص کي ڊپ هو ته ضرور ڪا خوفناڪ گهٽنا ٿيڻ واري آهي.
    عام طرح ليڙون ٿيل ڪپڙن وارا مزور بازار ۾ بيٺي بيٺي، سُس پُس ڪندي نظر ٿي آيا. رستي تي هلندي هو شاهوڪارن ۽ امير ماڻهن ڏانهن نفرت جي نگاهه سان نهاري رهيا هئا. پر اميرن ته هنن زرد ۽ غليظ چهرن طف اک کڻي به نٿي نهاريو.
    اهڙا شخص، پنهنجي بدصورت چهرن ۽ گندي لباس سان، ڪنوار وانگر سينگاريل بازار ۾ بدنما داغ بڻجي رهيا هئا. هي عجيب انسان،اڻ گهربل مهمانن وانگر شهر جي با رونق بازارين ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا هئا. هنن سان ڪنهن ڳالهايو به نٿي، شايد انڪري ته متان ويجهي وڃڻ تي سندن جسم به هنن جي جسم جهڙو غليظ نه ٿي وڃي.
    پر جيئن ئي هنن مزورن مٿان ڪنهن پوليس واري جي نگاهه ٿي پيئي، تيئن ئي هو ماڻهن جي دلين ۾ ڊ پ جي ڏڪڻي پيدا ڪري، جدا جدا طرفن ڏانهن ڀڄي ٿي ويا.
    (2)
    ”امان، هي مزور آهن ڇا؟“
    ”ها، ها، پر تون هلندو هل ۽ پٺيان نه نهار“.
    ”پر امان، هي ڀڄي ڇو رهيا آهن؟“
    ”پوليس کان.... ڏس، هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“
    ”پر ڇو؟..... ڇا هنن کي رستي تي هلڻ جي اجازت ناهي؟“
    ”نه، انهن کي اجازت ڪانهي.“
    ”اجازت ڇو نه آهي؟“
    ”خدا جي واسطي مون کي تنگ نه ڪر. پنهنجو هٿ مون کي ڏي ۽ جلدي جلدي هلڻ جي ڪوشش ڪر.. نه ته اسان کي ڪنهن پوليس واري جون لٺيون...“
    سارنگ پنهنجي ماءُ جو هٿ پڪڙيو ۽ هن سان گڏ ڊوڙڻ شروع ڪيو.
    مزورن جي هڪ ميڙ ڇڙوڇڙ ٿيڻ ڪري، ماءُ سخت پريشان ٿي ويئي. هن ڪنهن به طرح جلد کان جلد پنهنجي گهر پهچي وڃڻ ٿي چاهيو.
    ”ڇا هي مزور ڏنگا ماڻهو آهن، امان!
    ”ڪير ؟ ڪير؟“
    ”مزور!“
    ”مون کي خبرناهي .. هوچڱا به آهن ۽ خراب به ...پر هو ڪم ئي نٿا ڪن.“
    ”ڇا هو چريا آهن؟“
    ”ها، ها. پر تون بيهه نه... ۽ هنن وانگر چريو نه ٿيءُ.“
    ”امان ، ڇا هو وڏا ماڻهو آهن؟“
    هوءَ جواب ڏئي ئي ڏئي، تنهن کان اڳ ڪي گهوڙيسوار سپاهي بازار ۾ اچي ڪڙڪيا. هنن مان هڪ پنهنجي گهوڙي کي زور سان چهبڪ هنيو. چهبڪ جو آواز سارنگ جي ماءُ جي ڪنن ۾ بندوق جي ٺڪاءُ وانگر اچي گونجيو.
    هن جي وات مان چيٽ نڪتي ۽ ڀاڙي طئي ڪرڻ کان سواءِ ئي، تڪڙو تڪڙو ڀرسان بيٺل هڪڙي ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي ۽ ٽانگي واري ڏي نهاري، ڊنل لهجي ۾ چيائين ”جلدي هل... جيترو جلدي ٿي سگهئي جلدي...“
    ”پر سانئڻ ڪيڏانهن؟“ٽانگي واري ادب سان پڇيو.
    ”تون سڌوئي سڌو هل ...او خدايا... جلدي هل!“
    ”سانئڻ توهين گهٻرايو نه. هو اسان جو وار به ونگو نه ڪندا.“
    جڏهن گاڏي ، بازار جو پهريون موڙ مُڙي، تڏهن مس مس وڃي سارنگ جي ماءُ جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ اطمينان جو ساهه کڻي چيائين:
    ”ٻڌ ٽانگي ورا، مان توکي رپئي کان وڌيڪ ڀاڙو نه ڏينديس.“
    ”پر سانئڻ ، اهو ته گهٽ آهي.“
    ” ته پوءِ گاڏي روڪ... اسين ٽرام ۾ گهر هليا وينداسين.“
    ”چڱو سانئڻ. پرمون کي انديشو آهي ته توهان کي هروڀرو وقت ضايع ڪرڻو پوندو. اڄ ٽرامون ڪونه هلنديون.“
    ”ڪير ٿو چوي.“
    ”مون ڪالهه ٻڌو هو ته ٽرامون هلائيندڙ مزور هڙتال ڪري رهي آهن.“
    ان وچ ۾ ، مزورن جو هڪڙو ٽولو گاڏيءَ وٽان اچي لنگهيو . سارنگ جي ماءُ وري ڊڄي وئي. هن ٽانگي واري کي اشارو ڪيو ته گاڏي وري هلائي. سارنگ، ماءُ جي هنج ۾ ويهي، خوف ۾ ٻڏل نگاهن سان ان ٽولي کي ڏسي رهيو هو.
    ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر پوليس ڇو هنن ماڻهن پٺيان حيران پريشان ٿي رهي آهي.جي هو ڪم نٿا ڪن، ته نه ڪن. پاڻهي ٿورن ڏينهن کان پوءِ بک مرندا ته مغز جاءِ ايندن!“
    ”توهان سچ چئي رهيا آهيو، سانئڻ، توهان هڪ جانورکي بک مارڻ سان فرمانبردار بنائي سگهو ٿا. ساڳيو نسخو انسانن تي به استعمال ٿي سگهي ٿو. پر هڪ غريب انسان کي ان ريت پيڙڻ گناهه آهي.هڪ وڏو گناهه !“ ٽانگي واري،پنهنجي چاپئين ڏاڙهي کنهندي چيو.
    ”ڏسو توهانکي هڪڙو قيمتي چوغو پهريل آهي ۽ مون کي هڪ بيڊولو ڪوٽ پر اهو ٻڌايو ته انهن ٻنهي شين کي تيار ڪرڻ وارو ڪير آهي؟“
    ”ان باري ۾ وڌيڪ بحث جي ضرورت ئي ڪانهي، تو وٽ پئسا آهن ته تون به ههڙو ملهائتو ڪپڙو پهري سگهين ٿو. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو ڪم نه ڪندا ته ڇا ٻين ملڪن مان هي چيزون گهرائي نٿيون سگهجن؟“
    ”پر جيڪڏهن اچ وڃ جا رستا بند ٿي وڃن ته پوءِ؟ يعني جي ريلوي جا مزدور پڻ هڙتال ڪن ته پوءِ توهين اهي شيون ڪٿان گهرائيندا؟“
    ”اهڙو خيال ڪرڻ ئي بيوقوفي آهي. ڀلا حڪومت ائين ڪرڻ جي اجازت ڏيندي؟ .پتو ناهي، سانئڻ. پر مون ٻڌو آهي ته ريلوي وارابه سگهوئي هڙتال ڪرڻ وارا آهن.“ سارنگ، ماءُ ۽ ٽانگي واري جي گفتگو ڏاڍي غور سان ٻڌي رهيو هو. هو ان ڳالهه تي سخت حيران هو ته اهي ماڻهو، جي ٻين واسطي ڪپڙا ۽ ٻيو شيون تيار ڪن ٿا، سي بازار ۾ پوليس کان ائين ڀڄندا لڪندا ڇو ٿا وتن.
    هن جي ماءُ هن کي اڃا هينئر هينئر نئون ڪوٽ ڳنهي ڏنو هو، جو هن وقت پني ۾ ويڙهيل هن جي گوڏن تي رکيو هو. سارنگ اهو سوچي خوش ٿي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو ڪپڙن تيار ٿيڻ جي بند ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هن جو ڪوٽ خريد ڪيو ويو.
    ”اما، ڇا مون وارو نئون ڪوٽ به انهن ئي تيار ڪيو آهي؟“
    ”ننڍڙا سائين! هر هڪ شئي هنن جي ئي تيار ڪيل آهي. تنهنجي بت تي ڪا به اهڙي چيز ڪانهي جا هنن تيار نه ڪئي هجي.“ ماءُ جي بدران، ٽانگي واري وراڻيو.
    ماءُ سارنگ کي ڇڙٻ ڏئي چيو:
    ”سارنگ! گهڻي بڪ بڪ نه ڪر. ٽانگي واري سان به نه ڳالهاءِ !“
    پر ٽانگي وارو چُپ نه رهيو، ۽ دير تائين ان موضوع تي پنهنجا ويچار پڌرا ڪندو رهيو. .خبر ناهي، توکي گرفتارڇو نٿا ڪن!“ سارنگ جي ماءُ ، ٽانگي واري ڏي مهڙ ڪري چيو. ان تي ٽانگي وارو خاموش ٿي ويو ۽ وري سڄي واٽ ان باري ۾ ڪجهه به نه چيائين. سارنگ خيالن جي هجوم سان ڀريل، گهر ۾ گهڙيو. اڃا تائين هو اهو چئي نٿي سگهيو ته مزور خراب آهن يا سٺا.
    ”سولي! اڄ اسان مزور ڏٺا... مزور“ سارنگ، پنهنجي ڀيڻ کي رازداريءَ واري لهجي ۾ ٻڌايو.
    ”هو ڪهڙي شڪل جا آهن؟ سارنگ!“
    ”هو... هُو، منهنجي خيال ۾ هارين جهڙا آهن.“
    گهر ۾، انهن شخصيتن بابت، جن فئڪٽريون بند ڪيون هيون ۽ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، ڏهاڙي گفتگو ٿيندي هئي. پر سارنگ ان گفتگوءَ مان به ڪو نتيجو ڪڍي ڪونه سگهيو هو، ۽ پڪ سان چئي نٿي سگهيو ته اهي ماڻهو چڱا آهن يا برا.
    هڪ ڏينهن هن پنهنجي نوڪر بخشڻ کان پڇيو:” ڇا هي ماڻهو ڪارخانا بند ڪري سگهن ٿا؟“
    ”ڏاڍي سولائيءَ سان ننڍڙا سائين.“
    ”پر ڪهڙيءَ طرح ؟“
    ”بس هو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڇڏين.“
    .ڇا هنن کانسواءِ ڪارخانو هلي ئي نٿو سگهي؟“
    ”ڪارخانا ڪيئن هلي سگهندا ، ننڍڙا سائين: جڏهن هنن کانسواءِ ڪو ڪم ئي ٿي نٿو سگهي.“
    ”هان! ته ائين آهي؟ اهڙيءَ طرح، هنن کانسواءِ منهنجو نئون ڪوٽ پڻ تيار ٿي نه سگهي ها!“
    ”ها، ننڍڙا سائين.“
    ”منهنجو واسڪوٽ ڀي؟
    ”واسڪوٽ ڀي، پاجومو ڀي، قميص ڀي. جيڪڏهن هو اهي سڀ شيون تيار نه ڪن ها، ته تون ائين ئي هجين ها، جيئن قدرت توکي پيدا ڪيو هو.“
    ”صفا اگهاڙو بيوقوف ماڻهو.... مگر امڙ مون کي ٻي ديس مان ڪپڙا گهرائي ڏئي ها.“ ”پر اهڙيءَ طرح توکي ڏاڍو انتظار ڪرڻ پوي ها. پر جي اتي به هڙتال هجي، يا اچ وڃ جا رستا بند هجن ته پوءِ؟“
    ”ريل گاڏيون به بند ٿي وينديون ڇا؟“
    ”افواهه ته آهن.“
    ”پوءِ منهنجو بابو ڪيئن ايندو؟ مان هن سان ڪهڙي نموني گڏجي سگهندس؟“
    .اهڙي حالت ۾ هن کي پيدل سفر ڪرڻو پوندو.“
    ”سنڀالي ڳالهاءِ، مان اما کي چوندس ته تون بابي بابت گٿا اکر استعمال ڪري رهيو هئين.“
    ائين چئي، سارنگ ڪا مهل چپ ٿي ويو، ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو پوءِ پنهنجي ڪوٽ جي ٻانهن پڪڙي چوڻ لڳو:
    ”۽ تون چوندين ته هيءَ سلائي به انهن ڪئي آهي؟“
    ”ڇو نه تنهنجي ماءُ توکي فقط ڄڻيو آهي باقي...“
    ٻن ڏينهن کان پوءِ ٽرامون هلڻ بند ٿي ويون، اخبارون شايع ڪونه ٿيون. اهي بازاريون، جي بجليءَ جي روشنيءَ ۾ وهنتل هونديون هيون، سي غار جهڙيون اونداهيون نظر اچڻ لڳيون. ان کان به ٻه ڏينهن پوءِ هڪدم ريل گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي، جنهنڪري شهر ۾ ڏاڍو تاءُ پکڙجي ويو، ۽ ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن جي خطن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳا.
    سارنگ جو پيءُ به گهر پهچي وڃي ها، پر ريل گاڏين جي بند ٿي وڃڻ ڪري، گهر اچي ڪونه سگهيو. انڪري گهر ۾ اداسائي ڇانئجي وئي. سارنگ کي ٻاهر اڱڻ ۾ کيڏڻ جي موڪل نه هئي. انڪري دريءَ وٽ ويٺو بازار جو حال چال ڏسندو هو.
    ”ڇا بابو گهر ڪو نه ايندو، اما؟“
    ”هو مجبور آهي سارنگ . گاڏيون بند آهن.“
    ”امان هي مزور ماڻهو جو به چاهين، سو ڪري سگهن ٿا؟“
    ”ڇا؟“
    ”منهنجو مطلب آهي ته ڇا، هي ماڻهو گاڏين جي اچ وڃ به بند ڪري سگهن ٿا؟
    ”ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي پر تون هاڻي. مون کي نه ستاءَ! “ ائين چوندي ماءُ جي نيڻن ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    اهو ڏسي، سارنگ سانت ٿي ويو ۽ دريءَ مان بازار کي حيران پريشان نگاهن سان ڏسڻ لڳو. ”جي منهنجي وس ۾ هجي ته انهن مان هڪ هڪ کي ماري ڇڏيان.“ هن پنهنجيءَ دل ۾ چيو.
    جيئن پوءِ تيئن شهرجي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وئي. اڳ جي ڀيٽ ۾ حالتون بدلجي رهيون هيون. هاڻي بزارين ۾ اڳوڻي رونق نه رهي هئي. گهڻن دڪانن تي تالا لڳل هئا. رات جو هٿياربند پوليس پهرو ڏيندي هئي، جيئن ڪو دنگو فساد نه ٿئي.
    هڪ دفعي، اڌ رات ڌاري، ويجهو بزار ۾ ايڏو شور ٿيو جو سارنگ، هنڌ ڇڏي، اگهاڙين پيرن، ڊوڙي دريءَ وٽ آيو. ڇا ٿو ڏسي ته بازار ۾ باهه جو ڀڀڙ ٻري رهيو آهي، ۽ ماڻهو وحشين وانگر ان جي چوڌاري هلي چلي رهيا آهن.
    سارنگ سوچيو ته هاڻي شايد ڪا ڀيانڪ شئي پيدا ٿيڻ واري آهي.ان خيال ايندي هن جي رڳن ۾ رت سڪي ويو. اهو يچاريندي ته هو جنن ڀوتن وانگرباهه تي ڀُڃي هن کي ڳڙڪائي ويندا، هو ايتريقدر ڊنو، جو رڙ ڪري چيائين:
    ”اما! اما! مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي.“ ائين چوندي، هو ڀڄندو ماءُ وٽ ويو. ”سارنگ ، تون سمهين ڇو نٿو وڃ پنهنجي بستري تي سمهه.“ ماءُ ننڊ مان سجاڳ ٿيندي
    چيو.
    ”امان، ڏس، هتي بزار ۾ باهه پئي ٻري . مون کي ان ڳالهه کان ڊڄ ٿو ٿئي!
    ”وڃ پٽ، وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽ. هيءَ باهه ٻاهه ڪجهه به ڪونهي. ڪاش! تنهنجو پيءُ هتي موجود هجي ها!
    ”اما....“
    ”جيءُ منهنجا ٻچڙا.“
    ”مان توسان سمهان؟ مون کي ڊپ ٿو لڳي.
    ” ڪنهن کان؟ مان قربان ٿيان.“
    جادوگر کان، اما.“
    ”ڪهڙو جادوگر؟“
    ”گهڻائي جادوگر آهن، اما جدا جدا قسمن جا جادوگر.“
    ” ته پوءِ هلي آ منهنجي پاسي ۾“.
    سارنگ خوش ٿيندو، وڃي ماءُ جي پهلوءَ ۾ ليٽيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي سوڙ ۾ لڪائي چوڻ لڳو:
    ”امان، هي ماڻهو سڀڪجهه ڪري سگهن ٿا؟“
    هن جي ماءُ کي ٿوري دير ۾ ننڊ اچي وئي .پر سارنگ، سوڙ مان منهن ڪڍي سوچڻ لڳو ته هي شخص سٺا آهن يا خراب پر ڪو به خاطريءَ جهڙو نتيجو ڪڍي ڪونه سگهيو.
    ٻئي ڏينهن ، صبح جو، هو پنهنجي نيرن ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. گرم گرم بسڪوٽن بدران هن کي پاروٿي روٽيءَ جا ٽڪرا مليا هئا.
    ”مون کي بسڪوٽ آڻي ڏيومانهي پاروٿيوننه کائيندس. توهان بسڪوٽ ڇو نٿا وٺي اچو؟ “ سارنگ روٽيءَ جا ٽڪرا هٽائيندي چيو.
    ”ننڍڙا سائين، توهان کي خدا جو شڪر ڪرڻ گهرجي،جو پاروٿي روٽيءَ جا هي ٽڪر به موجود آهن.“ نوڪر، سارنگ کي سمجهائيندي چيو.
    ”ڇا چيئي ؟ وڃ، وڃ، هي هتان کڻي وڃ. اما، او اما مون کي بسڪوٽ گهرائي ڏي.“ ”سارنگ پيارا، مان توکي بسڪوٽ ڪٿان آڻي ڏيان. بسڪوٽن بنائڻ وارا ڪارخانا ئي بند آهن.“
    ”اهي ڇو؟“
    ”ڪارخاني جي مزورن هڙتال ڪئي آهي.“
    وري اهي ئي مزور! هڙتال ڪئي آهي.“
    وري اهي ئي مزور! سارنگ هنن جي حرڪتن کان بيزار ٿي چڪو هو. تنگ ٿي چيائين “ ”پر بسڪوٽن کان سواءِ نيرن ڪيئن ٿيندي؟“
    ”چڱو مان تنهنجي بسڪوٽن لاءِ ڪوشش ڪريان ٿي.“
    ”ڇاگورنر هنن کي مجبور نٿو ڪري سگهي ته هو بسڪوٽ تيار ڪن؟“
    ”سارنگ پيارا، ويچارو گورنر ڇا ڪري. هو ته ڪنهن جو به حڪم نٿا مڃين.“
    ”گورنر جو ڀي نه؟“
    ”گورنر ڇا، هو ڪنهن جو به حڪم نٿا مڃين.“
    ”ته پوءِ هو گورنر کان به وڏا ٿيا نه؟“
    ”سارنگ، انهن ڳالهين کي ڇڏ، ۽ خدا جو شڪر ڪري هيءَ روٽي ئي کاءُ .“ ”مان ته اهڙي پاروٿي ۽ بيسوادي روٽي ڪو نه کائيندس.“
    ”پرتوکي مجبور ٿي کائڻي پوندي.“ ”ڇو ڀلا؟“
    جيئن پوءِ تيئن سارنگ جي حيرت وڌندي ٿي ويئي. هو حيران هو ته هي ماڻهو، جي اک ڇنڀ ۾ ڪارخانا بند ڪري سگهن ٿا ۽ جي گورنر جو حڪم به نٿا مڃين، سي پوليس کان ڇو اهڙي نموني ۾ ڀڄندا ۽ لڪندا ٿا وتن!
    هن ويچاريو ته هي ماڻهو به اهڙا ئي آهن، جن جو احوال هو عام طرح آکاڻين ۾ پڙهندورهندو آهي: ۽ اهو به ته، انهن جادوگرن وٽ اهڙيون ٽوپيون هونديون، جن جي پائڻ سان هو غائب ٿي ويندا هوندا. سارنگ حيران هو ته اهو ”جادوگر“ ڪٿي آهي؟.. اهڙو بيڊولو مزور،ايترو طاقتور جادوگر ته نٿي ٿي سگهيو.
    هن رڌڻي جي هر ڪنڊ ڏانهن نظر ڊوڙائي. پر ان شخص ۽ پورچياڻيءَ کان سواءِ، اتي ٻيو ڪو به موجود ڪونه هو.. ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڪوجهو شخص ئي جادوگر آهي. ڳجهه کي معلوم ڪرڻ خاطر، سارنگ اندر داخل ٿيو. ان تي ”جادوگر“ ايڏو ڇرڪ ڀريو جو هن جي هٿ واري ٿالهي ڪِرندي ڪِرندي بچي وئي.
    بورچياڻي پنهنجي مڙس کي آٿت ڏيندي چيو: ”تون ماني کائيندو رهه، ننڍڙو سائين توکي ڪجهه نه چوندو.“
    سارنگ حيران ٿي پڇيو ”هان؟“
    ”پنهنجي ماءُ کي نه ٻڌائجانءِ ته هي شخص ٻوڙ کائي رهيو هو. هيءَ بچيل اوبر آهي، ننڍڙا سائين!“
    ”هي شخص ڏاڍو بکايل آهي، ننڍڙا سائين! توهان کي هن تي قياس ڪرڻ گهرجي.“ ”ڪير؟“
    ”هي شخص ... منهنجو مڙس.“
    ”تنهنجو مڙس؟“
    سارنگ پنهنجي پاڻ کي يقين ڏيارڻ خاطر، هن ماڻهوءَ کي ڌيان سان ڏٺو ۽ پنهنجي دل ۾ چيائين : هن جادوگر ضرور پنهنجي شڪل بدلائي ڇڏي آهي.
    پوءِ ڪجهه دير سوچڻ بعد چيائين: ”تون جادوگر آهين.... مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تون جادوگر آهين.!“
    مزور ، ڊڄندي ڊڄندي پڇيو ”ڪير؟“
    ”تون ٻيو ڪير.“
    سائين، مان هڪ مسڪين مزور آهيان.“
    ”پر تون جادوگر آهين. مون کي پڪ آهي ته تون جادوگر آهين. تون سڀڪجهه ڪري سگهين ٿو. پر ڏس! هاڻي اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ بجليءَ کان سواءِ گهر ۾ ڏاڍي اوندهه ٿئي ٿي ۽ ڪارخانن جي بند ٿيڻ ڪري مون کي بسڪوٽ نه ملندا آهن.“
    سائين مون ته ڪا به اهڙي حرڪت ڪانه ڪئي آهي... مان هاڻي وڃان ٿو.“
    ”تون مونکي دوکو ڏئي رهيو آهين. تون ته ڪنهن کان به نه ڊڄندو آهين. منهنجو خيال هو ته تون ماڙيءَ جيڏو وڏو هوندين، پر ڏسجي ٿو ته تو شڪل بدلائي ڇڏي آهي.“ ”توهين مون سان مذاق ٿا ڪيو، رڳو انڪري جو مون وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اهڙيءَ طرح مذاق ڪرڻ گناهه آهي، منهنجا سائين!
    ”مون ويچاريو هو ته تون ڏاڍو گنڀير هوندين. پر ڀانئجي ٿو ته تون مسخرو پڻ آهين. ٻوڙ کائڻ وقت تنهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا، انڪري مان تو کان صفا ڪو نه ٿو ڊڄان.“
    ايترو چئي، سارنگ رڌڻي مان ٻاهر نڪري، دروازي وٽ اچي بيٺو ته جي جادوگر هن جو پيڇو ڪري، ته هو جلدي گهر مان ڀڄي وڃي. پر اميد جي ابتڙ ، جادوگر هن جي پٺ نه ورتي. سارنگ پوئتي مڙي ڏٺو ته جادوگر ...ها، ها، اهوئي جادوگر، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ بيهي روئي رهيو هو، ۽ پنهنجا ڳوڙها، پنهنجي ڪوٽ جي گنديءَ ٻانهن سان اگهي رهيو هو.
    ”هڪ جادوگر ٿي تون روئي رهيو آهين! چڱو ٿيو، توکي اهڙي ئي سزا ملڻ گهرجي. تو منهنجي پيءُ کي گهر اچڻ ڇو نه ڏنو هو؟ تو بجلي ڇو بند ڪئي هئي؟ تو منهنجا بسڪوٽ ڇو بند ڪيا هئا؟ هاڻي خدا توکي چڱي سزا ڏني آهي. رو! ڀلي رو!“
    ائين چئي، خوشيءَ مان واڪا ڪندو، سارنگ گهر ۾ هليو ويو، ۽ نوڪرياڻيءَ وٽ وڃي چوڻ لڳو:
    ”هاڻي مان هن جادوگر کان نٿو ڊڄان... صفا نٿو ڊڄان!“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه بهترين ڪهاڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو