سائل مهراڻ
سينيئر رڪن
بهادر شاهه ظفر:
هندستان جو آخري مغل تاجدار بهادرشاهه ظفر 24 -آڪٽوبر- 1775ع تي قلعه معليٰ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو ابوالمظفر سراج الدين محمد -بهادر- شاهه غازي هو . ’ظفر ‘ سندس شاعراڻو تخلص هو . هيءُ اڪبر شاهه ثاني جو فرزند هو . پيءُ جي وفات کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ 1837ع ڌاري -تخت- نشين ٿيو . هيءُ اهو زمانو هو ، جڏهن -انگريز- هندستان ۾ پنهنجا قدم مضبوطيءَ سان ڄمائي رهيا هئا . خود مغل -بادشاهه- به انگريزن جا پينشن بردار هئا ۽ کين پنهنجي وليعهد نامزد ڪرڻ جو به اختيار نه هو . اُن ڪري ، بهادرشاهه ظفر به جڏهن -بادشاهه- بڻيو ته اُن کي به ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ طرفان سوا لک رپيا پينشن ملڻ لڳي ۽ سندس اقتدار رڳو لال قلعي جي چؤديواريءَ تائين محدود رهيو . -بهادر شاهه ظفر- موسيقيءَ ۽ فنون لطيفه جو شائق هو . کيس شاعريءَ جو شوق وليعهديءَ واري زماني کان هو . دهليءَ جا مشهور شاعر سندس درٻار سان وابسته هئا . سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ محاورن جي بندش تمام سٺي آهي . هو سٺي شاعر هئڻ سان گڏ ماهر خوش نويس به هو . سندس تصنيفن ۾ شاعريءَ جا چار ديوان ۽ ’شرح گلستان سعدي ‘ ۽ هڪ رسالو ’سراج المعرفة ‘ شامل آهن .
1857ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ٿي ته بهادرشاهه ظفر -آزادي- پسند تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انقلابين کيس سڄي هندستان جو -بادشاهه- تسليم ڪري ورتو ، پر ڪيترين ئي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي ڪري ، هيءَ جنگ جلد ئي ناڪام ٿي وئي . جنگ جي خاتمي تي 21 سيپٽمبر 1857ع تي کيس گرفتار ڪري ، 7 -آڪٽوبر- 1858ع تي رنگون ۾ -جلاوطن- ڪيو ويو ، -جتي- هن جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 27 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ وطن جي ڌرتيءَ کان دور اُتي ئي دفن ٿيو . سندس غزل جون هيٺيون سٺون ڪيڏيون نه مٿس صادر اچن ٿيون:
کتنا ہے بدنصیب ظفر ، دفن کے لئے ،
دو گز زمین بھی نہ ملی کوئے یار میں۔