گلاب جي گل جهڙي منهنجي سنڌ اعجاز ممنائي جيئن گلن ۾ گلاب جو گل هڪ ڌار اهميت ۽ حيثيت رکي ٿو توڙي جو موتيو مگرو سورج مکي ۽ ٻيا گل به خوبصورتي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ساڳي طرح دنيا اندر سنڌ جي سونهن ۽ سچائي پڻ نريلي ۽ نروار آهي .اها سنڌ جيڪا صدين کان تاريخ جي نقشي تي موجود آهي ۽ انشاءَالله قيامت کان پوءِ به برقرار رهندي تنهن جي هڪ هڪ ڳالهه کي جيڪڏهن بيان ڪبو ته ان لاءِ سوين زندگيون گھرجن ۽ نه ئي قلم ۾ ايتري سگھه آهي جو سنڌ جي سونهن کي بيان ڪري سگھي.پاڪستان جي وجود تي پڻ سنڌ جو احسان آهي جيڪڏهن سنڌ پنهنجي اسيمبلئ مان قرارداد پاس نه ڪري هان ته يقينن پاڪستان جو وجود نه هجي ها ڇوته سنڌ هميشه کان سڀني جي سلامتيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ائين چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ازل کان امن جي علمبردار رهي آهي سنڌي ماڻهو هر ڪنهن کي جيءِ ۾ جايون ڏيندا رهيا آهن ۽ ڪڏهن به سندن من ۾ ٻين لاءِ مير نه رهيو آهي نيڪ نيتي سندن سڃاڻپ رهي آهي پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪيڏي به وڏي قرباني ڇونه ڏيڻي پئي هجي پر ننگن تان نثار ٿيڻ ڪو سنڌين کان سکي .مطلب ته سنڌي ماڻهن هميشه کان نفرت جي موٽ محبت سان ڏني آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن سازش جو حصو نه رهي آهي توڙي جو ان جي خلاف هر دور ۾ محاذ آرائيون ٿينديون رهيون آهن، ان باوجود محبت جو ڍنگ ڪو سنڌين کان سکي ڇوته سنڌ کي محبت جو سبق شاهه لطيف ،سچل سرمست ۽ ساميءَ جهڙن عظيم شاعرن سيکاريو آهي ۽ اڄ به هر سنڌي مهراڻ درياءَ جو پاڪ پاڻي پي پنهنجي سبق کي پهرئين کان پختو ڪري رهيو آهي ،ڪيترائي رهزن رهبر جو روپ وٺي سنڌ ۾ آيا پر کين پيار ۽ پاٻوهه مان اهڙو ته سبق پڙهايو ويو جو انهن کان رهزنيءَ وارا رنگ ئي وسري ويا ڇوته هتي دودي سومري جھڙا دلير به هئا ته دولهه درياخان جهڙا جان گھوريندڙ ۽ هوشوءَ جهڙا هيبتناڪ سپهه سالار موجود هئاجيڪي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري سان جدوجهد ڪري رهيا هئاتنهن ڪري دشمن کي خبر هجڻ گھرجي ته جيئن گلاب جي گل کي ٽاريءَ مان حاصل ڪرڻ لاءِ هزارين ڪنڊن مان گذرڻو پوندو آهي تيئن سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ غيرتمند سنڌين جي لاشن تان گذرڻو پوندو.سنڌ تي قبضو ڪرڻ ايترو سولو نه آهي جيترو دشمن سمجھي رهيو آهي هتي اجرڪ اوڍهيل سنڌي پنهنجي جان ته گھوري سگھن ٿا پر وني ۽ ٻنيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ڇوته اها سندن لڄ ، سونهن ۽ سڃاڻپ آهي سنڌوءَ جو جنهن جنهن پاڻي پيتو آهي تنهن جي رت مان اڄ به غيرت جي گونج اچي رهي آهي هاڻي هر حلالي پٽ ننگن تان نثار ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. مشهور ليکڪ سرگواسي لالچند امرڏنو نل جڳتاڻي جنهن سنڌي ناول ”سون ورنيون دليون “ لکيو هو سو سنڌ جي سر زمين تي ڄائو هو جڏهن هندستان جي ورهاست ٿي ته سنڌجالکين هندو پنهنجي نئين ماڳ مڪان ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا ائين پاڻ به اوڏانهن لڏي ويو پر کانئس سنڌنه وسري سگھي ڇوته سندس رت۾ سنڌوءَ جو پاڻي شامل هو . پاڻ مرڻ مهل وصيت ڪيائين ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي چتا بجاءِ گنگا ۾ وجھڻ جي مونکي سنڌودرياءَ ۾ لوڙهيو وڃي ۽ ائين ئي ڪيو ويو . اها سنڌ سان سندس عقيدت ۽ محبت آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگھجي اڄ به ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ طرف يلغار ڪري رهيا آهن باوجود انجي سنڌ کين پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي ٿي ۽ ڪنهن به پناهگير کي ڌاريو نه ٿي سمجهي پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي اصليت ڏيکاري پاڻ کي پنهنجي ديس ۾ مهاجر سڏرائي ۽ پنهنجي گهر (سنڌ) جو سڪون تباه ڪري ٿو ۽ ڪلاشنڪوف سان دهشت ڦهلائي سنڌ تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سنڌي کڻي کين معاف به ڪن پر تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي ڇوته سادن سٻاجھڙن سنڌين وٽ هيڻن هٿيارن وانگر ڪو هٿيار نه آهي پر وٽن دعا جو جيڪو در آهي سو دشمن کي هر دور م ذليل ۽ خوار ڪندو رهيو آهي .جنرل ضياءَ الحق جي ظلم جا داستان اڃان سنڌين کان نه وسريا آهن ، نه انهن جي اجڙيل مائرن جي جگر جا ٽڪرا وري ڪي موٽي ايندا ، انهن زالن جا اجڙيل سهاڳ وري واپس ڪونه ٿيندا ، انهن ابن ۽ ادن جا رت ۾ ٻڏل لاشا ٻيهر زندهه ڪونه ٿيندا پر پوءِ به اهي مطمئن آهن جو انهن پنهنجي ڌرتيءَ تان پنهنجون جانيون گھوري ڏنيون. اڄ تاريخ انهن جو نالو روشن لفظن ۾ لکي ڇڏيو آهي جڏهن ته ظالم جو نالو نشان به ناهي رهيو پر ايتري تائين جو تاريخ جي ورقن کيس ظالم ، فاسق ۽ فاجر لکي هميشه لاءِ فنا ڪري ڇڏيو جڏهن ته مهاڏو اٽڪائڻ وارا سپوت اڄ به سرها ۽ بقا واري زندگي گذاري رهيا آهن اهي مرندي به زندهه آهن ڇوته گل ٽاريءَ ۾ هجي ته به گل آهي پر جي ٽاريءَ کان جدا ٿي وڃي ته به گل ئي سڏجي ٿو. انهن سپوتن لاءِ ته شآهه لطيف اڳواٽ فرمايو هو ته ” گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا “ هاڻي اچو ته پنهنجي هن گلشن (سنڌ) جي ڪا سار لهون ڇوجو گلشن جو سڄڻ مالهي ته هر ٻوٽي ۽ هر گل جي حفاظت پاڻ کان وڌيڪ ڪندو آهي جيڪڏهن پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿيندي آهي ته هو پنهنجي ڪلهن تي پري پري کان پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري ٻوٽن جي ضرورت پوري ڪندو آهي پر اسان جي گلشن کي ڌارين طرفان اهڙا درد نه مليا آهن جيتري ڀيل پنهنجن ڪئي آهي ،سنڌ امڙ کين عزتون هر دور ۾ بخشيون پر موٽ ۾ انهن ذلت کان سواءِ کيس ڪجھ به نه ڏنو.اقتدار جي نشي ۾ ڌت اهو به نه ڄاتو ته سنڌ جي هن گلشن کي ڪهڙا ڪهڙا خطرناڪ جيت (جراثيم) حملو ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو علاج ڪيئن ڪجي ان طرف سندن سوچ ئي نه ٿي وڃي ائين هر دور ۾ انهن جيتن (جراثيمن) جو ڳٺ جوڙ ٿيندو رهيو ۽ انهن جو اقتدار مضبوط ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺهندي رهي پر اسان پنهنجي ڄنڊاپت ۾ اهو سڀ ڪجھ ڏسندا رهياسين ۽ پنهنجو احتساب به نه ڪري سگھياسين جن اسان جي گلشن کي سڪائڻ جي سازش ڪئي انهن کي به بي نقاب نه ڪري سگھياسين اچو اڳ ۽ اڄ تي ٿوري نظر ڦيرايون ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي پنهنجي دل جي آئيني ۾ ڏسون .اڳ اسان جي نياڻين جي عزت بلند هوندي هئي ڪا نياڻي ڪنهن گھٽيءَ مان گذرندي هئي ته ماڻهو ڀت ڏي منهن ڪري اکيون ڌرتيءَ ۾ کوڙي ڇڏيندا هئا ۽ سندن سوچ هوندي هئي ته اها ڳوٺ جي نياڻي نه پر سندس نياڻي آهي پر اڄ بي شرمندگيءَ جو مثال اسان جي سنڌ ڏئي رهي آهي ۽ هوس انسان کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي کانئس رشتن جي سڃاڻپ ئي ختم ٿي وئي آهي نياڻين کي ٻاهر ڪڍڻ بي غيرتيءَ جي علامت بنجي وئي آهي ڪابه نياڻي گھر ،گھٽيءَ ۽ اسڪول ويندي پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رهي آهي ۽ اهڙي خوفزده بڻجي وئي آهي جو پنهنجي گھر ۾ به ڇرڪ ڀري رهي آهي کيس خوف آهي ته ڪو اهو وحشي انسان کيس کنڀي کڻي هوس جو نشانو نه بڻائي ياوري ڪهاڙين جا وار ڪري کيس قتل نه ڪري ڇڏي بس پنهنجي عزت جي سنڀال خاطر هر والدين پريشان آهي ايتري تائين جو هو پنهنجي نياڻيءَ کي علم جي زيور سان سينگارڻ ۾ به پنهنجي ذلت سمجھن ٿا ڇوته اسڪولن ۾ به تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو خاص مقصد نه رهيو آهي نه اخلاقيات جو ڪو سبق آهي ۽ نه ئي وري ڪا ان ۾ بهتريءَ جي ڪا اميد آهي هاڻ جڏهن پڙهائيءَ جي ڳالهه اچي ٿي ته روئڻ ٿو اچي ڇوته علم انسان کي انسان بڻائيندو آهي اڳ رڳو ٺٽي ۾ 300 علمي مرڪز هئا جيڪي علم ۽ فڪر جو گهوارو هوندا هئا هن وقت هر ڳوٺ ۾ ته ٻه ٽي اسڪول ضرور آهن جڏهن ته هر شهر ۾ ٻه ٽي سئواسڪول سرڪاري توڙي خانگي ٺهيا پيا آهن،خوبصورت بلڊنگون ۽ اسڪول اندر هر سهوليت شاگرد کي ملي ٿي پر افسوس استاد ڳوليو نه ٿو لڀي استاد يا ته ڊگھي موڪل تي آهي يا وري ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ سرگرم آهي بس رڳو کانئس پڙهائڻ نه ٿو پڄي .استاد جيڪو شاگرد جي اخلاقي تربيت ڪندو هو ۽ ان جي شخصيت جي تعمير ڪندو هو سو ته اڄ ڪڪڙن جي ميل يا ڪُتن جي بڇ تي آهي جڏهن ته /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر1 خانگي استاد وري گھٽ پگھار تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ اسڪول اچي ٿو ڇوته اڪثر اسڪول مالڪن پڙهائيءَ لاءِ نه پر عياشيءَ جي لاءِ کولياآهن، هاڻ آخر معاشري ۾ سنوار ڪيئن ايندي .اڳ سنڌ جي هن گلشن ۾ اجتماعي سوچ رکڻ وارا انسان رهندا هئا جنهن ڪري مسئلا هوندي به مسئلا ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا ڇوته ضروتمند جي ضرورت دانهن ڪرڻ کان پهرئين ئي حل ٿي ويندي هئي پر هينئر انفرادي سوچ هئڻ سبب هر ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کان پاسيرو نظر اچي ٿو، هر ڳوٺ ٻئي ڳوٺ جي حال احوال کان واقفيت نه ٿو رکي جنهن ڪري مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا . معيشيت جيڪا ڪنهن به ملڪ جي ترقيءِ ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکندي آهي سا اسان وٽ بلڪل تباهيءَ تي پهتل آهي ڇو جو زرعي نظام مان صنعتي نظام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اسان اڳ کان وڌيڪ پريشان رهڻ لڳا آهيون تجارت ۾ اسان جو نالو ئي شامل نه آهي جڏهن ته هر موسم جو فصل اسان وٽ ججهي مقدار ۾ ٿئي ٿو ، معدنيات اسان وٽان ملي ٿي ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ اسان وٽان گھڻي ٿئي ٿي پوءِ به اسين بيروزگار ۽ محتاج آهيون حڪمرانن اسان کي عذابن جي عالم ۾ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پنهنجي آباد گلشن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي چڪي آهي هنن انفرادي سوچ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وسان نه گھٽايو آهي ۽ پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي ”پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب “ دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي ، دنيا جي عظيم شاعر شآهه لطيف ته هنن لاءِ اڳواٽ ئي فرمائي ڇڏيو هو ته نه سي وونئڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون پسو بازاريون ، هينئڙو مون لوڻ ٿئي ان سڄي صورتحال کي ڏسي حقيقت ۾ روئڻ ٿو اچي پر روئڻ کانسواءِ ماڻهو ڪري به ڇاٿو سگھي ڇوته اسان جا شهر اسان لاءِ اوپرا ٿيندا پيا وڃن اسان جا رستا ته ڪشادا ٺهندا پيا وڃن پر اسان جون دليون سوڙهيون ٿينديون پيون وڃن اسان وٽ سوين قومپرست پارٽيون ٺهي چڪيون آهن جن جو مقصد سنڌ جي گلشن کي بچائڻو آهي پر ڪوبه ڪنهن سان ٺهيل نه آهي هڪ نظريو ۽ هڪ جدوجهد هوندي به اسان هڪ ٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهيون جنهن مان دشمن خوب فائدو وٺي رهيو آهي اهو سڀ ڪجھه ڏسي يقين نه ٿو اچي ته ڪو اسان موهن جي دڙي جهڙي تهذيب جو بنياد وجھندڙ آهيون .اسان جو اولاد پريشانين جي عالم ۾ آهي اسان جا وڏڙا غمن ۾ گھيريل آهن اسان جي نوجوانن جي سوچن تي تالا لڳي چڪا آهن اسانجون اسپتالون موت جا پروانا کنيو بيٺيون آهن ڄڻ ته اسان غلام قوم آهيون اسانجي ڪو مالڪي ڪرڻ وارو ئي ڪونهي اسان باوقار هوندي بيڪار بنجي چڪا آهيون اڳ اسان جي پنهنجي تهذيب ٻين کي سيکاريندا هئاسين اڄ خود ٻين جي تهذيب اپنايون ويٺا آهيون ،اڳ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسانجي عزت ۽ شان هوندا هئا اڄ هڪ ڏينهن جي ثقافت سمجھي ويٺا آهيون ۽ رستن تي نياڻيون نچائي دنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون ته هئ اسان جي ثقافت آهي ،اڄ اسان ڌاڙيل جو روپ اپنائي ڪلاشنڪوف ڪلهي ۾ وجھي ڪهڙي ڪميڻپائيءَ جو ڪردار اپنائي رهيا آهيون ڇا پنهنجي رت جي رشتن کي ماري ، لُٽ مار ڪري اسان غيرتمند سنڌي هجڻ جو ٿبوت ڏئي رهيا آهيون اسانجي شرافت واري شاهراهه تي شيطان جو غلبو اچي چڪو آهي.اسان مان فهم ۽ فضيلت ختم ٿي چڪي آهي اسان مان شرافت ۽ نيڪيءَ جو نالو نشان مٽجي چڪو آهي اسان جا ضمير مرده بڻجي چڪا آهن ،اسان ۾ انسانيت بجاءِ حيوانيت اچي وئي آهي اسان جو اخلاقي ڏيوالو نڪري چڪو آهي اسان مان ايمانداري ۽ پاڪدامنيءَ جو خاتمو اچي آهي اسان مان اڄ انصاف جون تقاضائون ڇونه ٿيون ڪيون وڃن اسان ۾ خودغرضي ۽ مفادپرستي ڇو اچي ويئي آهي ڇا اهي سڀ اوگڻ اسان سنڌ جي سونهن آهن؟اسان جي هن گلشن ۾ ته دوستن سان گڏ دشمن کي به مانُ ملندو هو اسانجي هن گلشن جي عزت ۽ وقار ڏسي نبي ۽ امامن به اسان جي سنڌ اچڻ جي تمنا ڪئي هئي اسان محبتن جا مينار آهيون اسان جا ادارا اخلاق جا اعليٰ مرڪز رهيا آهن. اچو اڃان به وقت نه ويو آهي پنهنجي گلاب جي گل جھڙي سنڌ جي مالڪي ڪيون ۽ ان کي لڳندڙ حرس ، هوس ، بداخلاقي ، ڪوڙ ، فريب ، بيهودگي جهڙين بيمارين جو علاج ڪري خاتمو آڻيون ۽ پنهنجي قومي ڪلچر کي اجتماعي فڪري ڌارا جي تشڪيل ڏيون ، پنهنجي شعور جون شمعون روشن ڪري دنيا کي روشن ڪريون جيئن هن انتشار ۾ ويڙهيل معاشري کي اطمينان جي اعليٰ انساني مرتبي تي پهچايون ،پاڻ ۾ سهپ ۽ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪريون ته جيئن اسانجي گلاب جي گل جهڙي سنڌ سدائين بهار جي مند جيان مهڪندي نظر اچي .