مڪسڊ گرل ____ نسيم کرل ____ ٿڌڙي ٿڌڙي ھير پئي گھلي، اسين ٻئي ڄڻا ھوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ويٺا پي رھيا ھئاسين. ھيٺ ڊاڪا گراس جي وڏي لان ۾ ٺھيل سوئمنگ پول ۾ ڀوريون ڀوريون جوانڙيون ائين پئي تريون، جيئن ڪي جل پريون. ٿورو پرتي ڪمپائونڊ وال جي چوڌاري پام جي وڻن جا پاڇا گھرا ٿي ويا ھئا ۽ ڪارن ڪارن ديون جيان پئي ڏک ڏنائون. مان اڃا ٽيون جام پئي سپ ڪيو تھ ھن پنج پورا ڪري ڇھون پئي اوتيو ۽ ھر ڍڪ چکڻ سان ھيٺ ترندڙ جل پرين کي تڪيندي، مرحبا مرحبا جا پئي نعرا ھنيائين. ھو ٽئين جام پيئڻ سان ئي وٺجي ويو ھو ۽ مون کي چيو ھئائين: ”آءُ ڪاڪٽيل پيون.“ مان بيري کي سڏڻ لاءِ بندر ڏانھن ھٿ وڌايو ھو تھ ھن منھنجي ھٿ کي جھليندي چيو ھو: ”اھا ڪاڪٽيل ٿوري ٿو چوان!“ ”ٻي ڪھڙي، يا شيخ؟“ ”ھن پول مان دنگ ڀرائي وٺ تھ ڍؤ ڪري پيون.“ ھن سوئمنگ پول جي پاڻيءَ ڏانھن اشارو ڪيو. مان کلڻ لڳس تھ ھو بھ کلي چوڻ لڳو: ”بيرو جيڪا ڪاڪٽيل آڻيندو، ان ۾ ٻھ شراب ھوندا. ھتي ھن پاڻيءَ ۾ تھ الائي ڪيترا شراب مليل آھن، ھينئر بھ تھ پوريون ڇھھ ڄڻيون پيون ترن!“ چوٿين پنجين پيگ پيئڻ وقت مون ھن جي اکين ۾ ڏٺو تھ انھن جو رنگ مٽيو پئي ويو. ان کان اڳ جو ھو ڇھون پورو ڪري ۽ سندس اکين جو رنگ سندس منڊيءَ جيان ياقوتي ٿي وڃي، ٻئي ڄڻا ڊائنگ ھال جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺاسون. ڀرسان رکيل مينو ڪارڊ تي سرسري نظر وجھندي ھن چيو: ”منھنجي لاءِ صرف لنڊن ھائوس مڪسڊ گرل.“ ”اوھان تڪلف ٿا ڪريو، يا شيخ.“ مون ڏک ظاھر ڪيو. ”والله، مان رات جو ماني گھٽ کائيندو آھيان. رات صرف کائڻ لاءِ ناھي، يا سيدي!“ ھن اک ڀڃيندي چيو. مون کان زور سان ٽھڪ نڪري ويو، ”مان سيد ناھيان، يا شيخ! انا عبدالسيد.“ ھو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”اسين تھ ھر معزز کي السيد ڪري سڏيندا آھيون، جيئن توھين ڪنھن کي مسٽر يا آنربل سڏيو.“ ”آھستي ڳالھاءِ، يا شيخ! متان ڪو سنڌ جو سيد ٻڌي وٺي ۽ پِٽي جھڳو ئي مسيت ڪري ڇڏي.“ ھو کلڻ لڳو تھ مون وري کيس سمجھايو: ”اسين سنڌي، سيدن کي مرشد ڪري، ٻارھين مھيني ڏن ڏيندا آھيون ۽ ھو ان جي بدلي بھشت جي ڪنجي ڏيندا آھن.“ ”ڪو ڪنھن جي قيامت نھ ڇڏائيندو، ھر ڪنھن کي اعمال ڇڏائيندا.“ ”نھ نھ، سيد ميرو تھ بھ پنج سيرو، يا شيخ! اسان کي ايمان مان نھ ڪڍ.“ ”چڱو، جي توکي اھو نالو نٿو وني تھ توکي ٻيو ٿو سڏيان يا ابن سنڌ!“ ”بس بس اھو ٺيڪ آ.“ ”جيئن تنھنجي مرضي.“ ھن ٻئي ھٿ سيني تي رکي جھڪندي چيو. اتي مون کي ياد آيو تھ مون کي مٿي ڪمرن ڏانھن بھ ماني موڪلڻي ھئي، جتي سندس ٻھ حرم ھئا. مون سڀني جي ماني موڪلائي ھئي. مون کيس چيو: ”يا شيخ! ھرمن جي ماني.“ ”نھ نھ، تون انھن جو فڪر نھ ڪر، انھن کائي ڇڏي ھوندي.“ ”يا شيخ! انھن ڪيئن کاڌي ھوندي؟ مون تھ کين بھ عرض ڪيو ھو تھ رات جي ماني مون وٽان ايندي.“ ”چئبو تھ تون حساب ٿو ڪرڻ گھرين.“ ”ماني مولا جي آ، يا شيخ! اوھان سڀني کاڌي تھ ھن غريب جي ميزبان جي دل خوش ڪندؤ.“ ”پوءِ مٿي موڪلين، ھتي اينديون تھ اسان ٻنھي کي گونگو ٿيڻو پوندو. ھونءَ نھ تھ مزي جون ڳالھيون ٿيون ھلن.“ ”بلڪل صحيح آ، يا شيخ!“ مون بيري کي اشارو ڪيو ۽ کيس شيخ لاءِ ۽ پنھنجي لاءِ آرڊر ڏنو. کيس اھو بھ سمجھايم تھ مٿي حرمن جي مرضيءَ تي ماني موڪلي ۽ ڪابھ ڪفايت نھ ڪري. ”مٿي ماني پوري ساري موڪلجانءِ، يا ابو شوارب!“ مون اھا ڳالھھ نٽائيندي، کلندي شيخ کان پڇيو: ”شوارب ڇا کي چوندا آھن، يا شيخ؟“ ”شوارب انھن تو وارين مڇن کي چوندا آھن، جي پورا يارھن وڄي پنج منٽ ٿيون وڄائين.“ مون کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويو. ”اوھان وٽ مڇون آھن يا نھ؟“ ”آھن، پر ست لڳي پنجويھھ منٽ واريون.“ ”ڀلا ڏاڙھي؟“ ”گھڻو ڪري ڪلين شيو يا ڪا فرينچ ڪٽ.“ ”يا شيخ! جي تون سنڌ ھلين تھ اھڙيون اھڙيون ڏاڙھيون ڏيکاريانءِ، جو تون حيران ٿي وڃين.“ مون ھٿ سان اشارو ڪري اندازي سان ڊيگھھ ٻڌائي. ”والله!“ ھو کلڻ لڳو. ”مان ڪوڙ نٿو ڳالھايان، ھلو تھ اکين سان ڏيکاريانو.“ ”سنڌ ۾ ٻيو ڇا ڏيکاريندين؟“ ”مديني پاڪ جي کارڪن جون ککڙيون، جي اسين ادب سان سنڀالي رکندا آھيون.“ ”گھر جو پير چلھھ جو مارنگ. اوھان کي ڪھڙو قدر. تون اتي ھلين تھ توکي پير ڪري پوڄين ۽ سڀ مولود چون، ”مولا منھنجون واڳون وار، وڃان ڀلي پار، شھر مديني جو پاڻي مون کي پيار.“ ”مون پاڻ اتي ڏٺو آھي تھ سنڌ جا ماڻھو اتي جام ايندا آھن ۽ معاف ڪجانءِ يا ابن سنڌ! اھي پِني بھ حج ڪندا آھن، جڏھن تھ انھن تي فرض ڪونھي!“ ”ھا، بلڪل سچ ٿا چئو. اوھان گھڻا حج ڪيا آھن، يا شيخ؟“ ”ڇو، مان اڃا ڪراڙو تھ نھ ٿيو ھان!“ ”چوندا آھن تھ جوانيءَ جو ھڪ سجدو ڪراڙپ جي سؤ سجدن جي برابر آھي.“ ”مان ڪراڙپ ۾ کڻي سؤ سجدا ڪندس.“ شيخ کلندي چيو. اوچتو مون کي ياد آيو تھ سويڊ لاءِ ڪو آرڊر نھ ڏنل ھو. مون شيخ کان پڇيو: ”اوھان سويٽ ۾ ڇا وٺندؤ يا شيخ؟“ ”ھتي ڪھڙي سويٽ ملندي؟“ ”سڀ ڪجھھ ملندو، يا شيخ! گيتوالا محمود، ليمن صوفلي، ايپل پاءِ.“ ”نھ، ان کان وڌيڪ مٺي؟“ ”ڀلا آئيس ڪريم؟“ ”اھا بھ تھ ٿڌي شي! ڪا گرم گرم مٺي شيءِ ٻڌاءِ.“ ”اوھين ئي نالو کڻو.“ ”دنيا ۾ سڀ کان مٺي شيءِ ڪھڙي آھي؟“ مان سوچڻ لڳس تھ ھو مون کي منجھيل ڏسي ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”تون سويٽ جو فڪر نھ ڪر. عاتڪه ۽ ام ڪلثوم جي چپن کان مٺي ڪھڙي سويٽ ٿي سگھي ٿي؟“ مان کلڻ لڳس تھ ھو وري پڇڻ لڳو: “ٻڌاءِ تھ آھي چپن کان وڌيڪ ڪا مٺي شيءِ؟“ ”نھ، بلڪل نھ.“ مون مشڪندي چيو. ”پوءِ تون مون کي ھي سويٽ ڪيئن ٿو کارائين؟“ ”مان تھ کاوان.“ ”بلاشڪ.“ بيرو آيو. سلاد، چٽڻيون رکي پليٽون ٺاھڻ لڳو. مون کيس پنھنجي لاءِ سويٽ جو بھ آرڊر ڏئي ڇڏيو. ”توکي گھڻا حرم آھن يا حبيبي؟“ ”يا شيخ! صرف ھڪ.“ ”ڇو؟ آھين تھ تڪڙو جوان!“ ”يا شيخ! اھا ھڪ ئي لکان دي مٽ آھي. ان مان بھ ڪڪ ٿيندو آھيان تھ ٻھ ٽي ڏينھن ھتي ڀڄي اچي آرام ڪندو آھيان ۽ وري سڪ لڳندي اٿم تھ واپس ڀڄندو آھيان. اوھان کي اھي ٻھ حرام آھن يا اڃا بھ وڌيڪ؟“ ”باقاعدي نڪاح تھ انھن ٻن سان اٿم، پر چوان ٿو تھ ٽين بھ تنھنجي ملڪ مان ڪيان. تون صلاح ڏي تھ ڪٿان ڪيان؟“ ”يا شيخ! جي تون ٽيون حرم ڪرين تھ لاھور مان ڪر، تنھنجو ڌڪ اھي جھلينديون. لاھور جو حسن بھ واه واه آھي. اوھين لاھور تھ ويا ھوندؤ؟“ ”مان ٻھ ڀيرا لاھور ويو آھيان. لاھور جو حسن، جزاڪ الله!“ ”يا شيخ! اسان سنڌين جي بھ اتان جي حسن تي گگ ڳڙي پوندي آھي ۽ بنا ڪم ڪار جي پيا لاھور ۾ نوس نوس ڪندا آھيون.“ ”تون بھ لاھور مان ٻيو حرم ڪر.“ شيخ مون کي صلاح ڏني. ”نھ، يا شيخ! ٻن حرمن کان پوءِ جيڪا مڙس جي ڏاڙھي پٽ ٿئي ٿي، مان ان کان پناھ ٿو گھران، الامان والحفيظ!“ ڪنن جي پاپڙين کي جھلي توبنھھ توبنھھ ڪندي چيم. ”ڇو ٿيون وڙھن؟“ ”اوھان جا حرم پاڻ ۾ نھ اٽڪندا آھن ڇا؟“ ”ڇو اٽڪنديون؟ اسان وٽ تيل کان پوءِ پئسو جام آھي. ھر ھڪ کي ھڪ جھڙيون ڪنيزون آھن، ٻنھي کي جيب خرچي بھ جام ڏيندو آھيان، مان ٻاھر نڪرندو آھيان تھ ٻنھي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آھيان، يا ابن سنڌ! ھونءَ بھ اسان عرب، گھوڙا ۽ حرم ھميشھ ران سان رکندا آھيون.“ ھن سٿر تي ھٿ ھڻي چيو. ”اھي ڳالھيون تھ ڏينھن جو ٻڌايو ۽ يا شيخ! رات جو؟“ مون کي بھ نشن بيباڪ ڪري ڇڏيو ھو. ”رات جي ٿو ڳالھھ پڇين تھ ڪي ڏينھن مان ٻنھي کي پاڻ سان ساڳئي بيڊ تي سمھاريندو ھوس. ھڪ ساڄي پاسي ھوندي ھئي تھ ٻي کاٻي پاسي، اڃا جي اڳتي ٿو پڇين تھ مان گھڻو ڪري ھڪ ئي وقت ساڳئي بيڊ تي.........“ ”بس بس، يا شيخ!“ مون کلندي چيو. منھنجيون لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون – ماڻھو ھو يا ڪو سرڪاري گھوڙو! منھنجي عجب ۾ پوڻ تي ھو کلندي سمجھائڻ لڳو: ”ان ۾ ڪھڙي عجب جي ڳالھھ؟ ٻئي منھنجيون محرم آھن، ٻئي حال ڀائي آھن، ٻنھي سان ساڳيو رشتو آھي. مان اڃا تڪڙو جوان بھ آھيان.“ ھن ڏوري تي ھٿ ھڻندي چيو. بيرو گرم گرم کاڌو کڻي آيو. اسان ٻنھي ڪانٽا ڇريون کنيون. ھن پنھنجي پليٽ مان جيري جو تڪر ڪانٽي سان کڻندي چيو: ”تون ڇا ٿو کائين، يا ابن سنڌ؟“ ”چڪن الاڪنگ، يا شيخ!“ ”ان ۾ ڪھڙو مزو؟ مون وانگر مڪسڊ گرل گھرائين ھا تھ ھڪ ئي وقت مختلف ذائقا چکين ھا، جيئن مان ھڪ ئي وقت چڪن بھ ٿو کاوان تھ مٽن بھ.“ ”يا شيخ! منھنجو ھاضمو اھا دٻ جھلي نھ سگھندو.“ ”تھ پوءِ تون ٻھ حرم ڪر، پاڻھي ھري ويندين. ٻئي حرم گڏ ماڻيئي تھ ڄن مڪسڊ گرل کاڌئي.“ ھن نئپڪن سان چپ اگھندي چيو. مان پليٽ تي ٽپ رکي بل تي صحيح ڪئي. ٻئي ڄڻا لفٽ ۾ چڙھي ڇھين فلور تي آياسين، جتي ھڪ ئي قطار ۾ چار ڪمرا ھئا. ٽي ڪمرا ھن جي بلي ھئا ۽ چوٿين ۾ ما رھيل ھوس. ڪاريڊور ۾ ڪمرن ڏانھن ھلندي ھو پڇڻ لڳو: ”سڀاڻي ڪاڏي گھمائيندين، يا رفيقي؟“ ”جاڏي چوندؤ، يا شيخ! سئڊزپٽ ھاڪس بي......“ ”توکي تڪليف ڏيندي شرم ٿو اچي، پر تو کان سواءِ گھمڻ ۾ نھ مون کي ٿو مزو اچي ۽ نھ ام ڪلثوم کي.“ ”مان حاضر آھيان، يا شيخ.“ ھو ڪمري جو در کولڻ لڳو تھ مان سندس ڪن ۾ ڀٽڪيو ڪيو: ”ڪھڙو پروگرام آ، يا شيخ؟“ ”بدستور مڪسڊ گرل، يا حبيبي!“ ھن اک ڀڃي جوابي ڀڻڪو ڪيو. مان ڪمري ۾ اچي سليپنگ سوٽ پائي ڊھي ٿو پوان. مون کي لڇندي پاسا ورائيندي ڪي ڪلاڪ ٿا گذري وڃن. مان ڪمري جو بئڪ ڊور کولي بالڪنيءَ ۾ ٿو بيھان ۽ ريلنگ کي ٽيڪ ڏئي ھيٺ ٿو ڏسان. پري کان سوئمنگ پول جو اجرو پاڻي ائين پيو لڳي، جيئن منڊيءَ ۾ ڪا ٽِڪ. اوچتو ان ٿڌڙيءَ ھير ۾ محسوس ڪيان ٿو ھڪ گرم جھولو. ڏسان ٿو تھ سنھڙيءَ عبا ۾ ٻرندڙ جسم، اکين بجاءِ ٻھ ٽانڊاڻا ۽ پٻن تي مون ڏانھن آيل – ام ڪلثوم. ** Mixed Grill ھڪ اھڙي ڊش جو نالو آھي، جنھن ۾ گوشت، چوزا، ھيرا ۽ بڪيون سڀئي شامل ھوندا آھن.