ريحانه جباري هڪ سياسي شڪار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جان محمد محمدي طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2014۔

  1. جان محمد محمدي

    جان محمد محمدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ريحانه جباري ؛ هڪ سياسي شڪار
    ليکڪ : عارف حسين هادي12 نوبر، 2014
    اڄڪلھ جي اخبارن، ويب سائٽن، آرٽيڪلز ۽ مغربي نيوز چينلز جو سڀ کان پسنديده موضوع جو نالو آهي : ريحانه جباري
    مقدمي طور ٻڌائيندو هلان ته مان سوچيو پئي ته اگر ڪو آرٽيڪل هن موضوع تي لکڻو آهي ته چڱي طرح پوري قصي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کانپوءِ پورو قصو اوهان جي سامهون رکندس ڇو ته آئون قاضي ڪونه آهيان جو قضاوت ڪريان ۽ فيصلو ڏيان پر پوري واقعي جي باري ۾ معلومات جي ڳولا ڪندي مان هڪ اهڙي نالي تي پهتس جيڪو گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ڪافي دلچسپ ثابت ٿيو. ان شخصيت جو نالو آ عبدالصمد خرمشاهي؛ ريحانه جباري جو وڪيل.
    منهنجي نظر ۾ ته هي شخص ڪافي دلچسپ وڪيل آهي. هِن جيڪي ڪيس اڄ تائين هينڊل ڪيا آهن انهن تي هڪ سرسري نگاھ وجھڻ يقيناً توهان لاءِ به ڪافي دلچسپي جو سبب بڻجندو.
    پهريون ڪيس : دل آرا دارابي؛ 17 سالن جي عمر جي اها ڇوڪري جنهن پنهنجي پيءُ جي سؤٽ کي قتل ڪيو هو. (هي ڪيس ذاتي ۽ گھريلو مسئلن سان جڙيل ڪيس هو پر بعد ۾ سياسي بڻجي ويو!)
    ٻيو ڪيس : رڪسانا صابري؛ هن عورت کي شراب واپرائڻ جي جرم ۾ پڪڙيو ويو هو. صابري تي ايران اچي آمريڪا جي جاسوسي ڪرڻ جو به الزام لڳو (پر هي الزام ان تي ثابت نه ٿي سگھيو)
    ٽيون ڪيس : حسين رسام؛ 1388 (جون 2009) ۾ ايران ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن ۾ روڊ رستن تي هنگامو مچائيندڙن (ايران جي عوام جي بقول فتنو بپا ڪندڙن) جي ليڊرن منجھان هڪ ليڊر. ياد رهي ته هي شخص اليڪشن کان پهريان 2 سال تائين تهران ۾ واقع برطانيا جي سفارت خاني ۾ سياسي تجزيه ڪار (Analyst) جو ڪم ڪندو رهيو آ.
    چوٿون ڪيس : شهلا جاهد؛ جنهن پنهنجي مڙس جي پهرين زال کي قتل ڪري ڇڏيو هو(هي ڪيس به دارابي ڪيس وانگر گھريلو مسئلن سان جڙيل ڪيس هو جيڪو بعد ۾ سياسي بڻجي ويو)
    پنجون ڪيس : ندا آغا سلطان : ڪافي مشهور شخصيت آ ۽ مونکي ان جي باري ۾ لکڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته جيڪڏهن هن شخصيت جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيان ته هڪ پارسي پهاڪي جي بقول ”مثنوي هفتاد من ڪاغذ شود“ 70 مڻن جو رسالو بڻجي ويندو! جيڪي هِن شخصيت کي نٿا سڃاڻين انهن لاءِ مختصر ايترو ٻڌائيندو هلان ته ندا کي 2009 جي اليڪشن کانپوءِ ٿيندڙ هنگامن ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. وائيس آف آمريڪا، فاڪس نيوز، بي بي سي فارسي، (اخبارن ۾) واشنگٽن پوسٽ، گارڊين، دي ٽائمز ۽ ٻين ڪيترن ئي نيوز چينلز ۽ اخبارن اهيو مدعو پيش ڪيو هو ته سپاه پاسداران ۽ بسيجين (سپريم ليڊر ۽ حڪومت جي انڊر فورسز جي سپاهين) ندا کي قتل ڪيو آ. هڪ بسيجي تي الزام به لڳو ۽ ان تي ڪيس به ان هليو پر شنوائي دوران ڪجھ به ثابت نه ٿي سگھيو. عبد الصمد خرمشاهي ندا آغا سلطان قتل ڪيس ۾ مقتوله جي گھر وارن جو به وڪيل رهي چڪو آ.
    پنج ڪيسن جو مون ذڪر ڪيو. ان پنجن ئي ڪيس ۾ هڪ شئ عام ۽ مشترڪ آهي. پنجن ئي ڪيسن جو (آقا سلطان ۽ رسام جي ڪيس کي ڇڏي) شنوائي دوران هڪ عام ڪيس کان هڪ سياسي ڪيس ٿي وڃڻ ۽ مغربي ميڊيا طرفان ايران حڪومت کي دٻاؤ ۾ آڻڻ جون سخت ڪوششون ڪجھ نه پر تمام گھڻو عجيب آهن! حالانڪه دارابي، صابري، شهلا جاهد ۽ ٻيا به ڪيترائي مختلف ڪيس جن جو مون هتي ذڪر نه ڪيو آهي انهن سڀني جو آڌار ذاتي ۽ گھريلو مسئلن تي هو. ڪيئن ٿو ٿئي جو انهن ڪيسن جي شنوائي دوران اچانڪ وائيس آف آمريڪا، بي بي سي ۽ انهن جي نقش قدم تي هلڻ وارا کوڙ سارا چينل واويلا ڪرڻ ۽ هُل مچائڻ شروع ٿا ڪن؟! ان جو صرف هڪ ئي سبب آهي؛ عبدالصمد خرمشاهي. نالو ڪمائڻ ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هي شخص اڄ تائين پنهنجن ڪيترن ئي مؤڪلن کي استعمال ڪري چُڪو آهي ۽ ريحانه به ان قربانين منجھان هڪ آهي.
    منهنجي نظر ۾ (شواهد، گواهين، مقتول جي ورثاء، ججن جي بيانات ۽ قاتله جي والده جي بيانات مطابق) قتل ڪرڻ کان علاوه ريحانه جو سڀ کان وڏو جُرم ڪورٽ ۾ قتل ڪرڻ جو سبب نه ٻڌائڻ ۽ خرمشاهي (سندس وڪيل) جي چئي ۾ اچي مقتول جي گھر وارن کان معافي نه وٺڻ سندس موت جو سبب بڻيو. (مقتول جي پُٽ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ريحانه پاڻ اسان کان ڪورٽ ۾ معافي وٺي ها ته اسان ضرور معاف ڪريون ها پر اُن هٺ ڌرمي ڪئي)
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مقتول به ڪنهن چڱي نيت سان ريحانه کي هڪ خالي فليٽ ۾ نه وٺي ويو هو، پر ريحانه جو قتل کان 2 ڏينهن اڳ چاقو خريد ڪرڻ، خطرو محسوس ڪرڻ باوجود مقتول سان هڪ خالي فليٽ ۾ وڃڻ، پنهنجي سابقه ڪمپني جي ڊائريڪٽر سان (جنهن ۾ هوءَ پهريان ڪم ڪندي هئي) گڏجي ڪئي مرتبه تهران کان ٻاهر (لانگ ڊرايو Long Drive تي) وڃڻ! ۽ سندس پيءُ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ ان عورت جي اندر چپيل بري نيتن کي ظاهر ڪري ٿو.
    جيڪڏهن ريحانه هٺ ڌرمي ڇڏي مقتول جي ورثاء کان معافي وٺي ها ته شايد 25 آڪٽوبر جي صبح ريحانه جي هن دنيا ۾ آخري صُبح ثابت نه ٿئي ها پر ريحانه قتل جي قصاص سان گڏوگڏ پنهنجي وڪيل؛ عبدالصمد خرمشاهي جي سياسي گيم جو به شڪار بڻجي وئي.
    والسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    سٺي حقيقت بيان ڪئي اٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو