• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فاروق دادا ، پ پ پ ۽ اسين ____________________

ايم ڪيو ايم جو مشهورشهرت يافته دهشتگرد فاروق دادا جنهن کي نصير الله بابر واري آپريشن ۾ ڳولهي ماريو ويو هيو ،
هاڻي جڏهن پ پ پ ايم ڪيو ايم جو اهو اتحاد آهي ته پاڻ سنڌ ۾ سياست به گڏجي ڪنداسين ۽ وڙهنداسين به گڏجي ته جيئن ، ٽين ڌر کي خوشي ٿئي ته اسين پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون ۽ اسين ٻين کي سياست سان گڏ ڳالهائڻ جو موقعو به نه ڏيون ،
بلڪل انهيء طئه طريقي سان بلاول ڀٽو زرداريء کي ايم ڪيو ايم پنهنجي هيلٿ منسٽر ج نالو ڏنو ته توهان هن کي تارگيٽ بڻايو ته جيئن اسين هن نالائق ڊاڪٽر صغير احمد مان جان به ڇڏايون ته توهان جو ڪم به ٿي وڃي.
وري اسيمبليء جي فلور تي شرجيل انعام ميمڻ کي چيو ويو ته تون ايم ڪيو ايم جي شهيد فاروق دادا جو نالو کڻي چئجان ته اهو واٽر بورڊ جي ايم ڊي جو ڊرائيور هيو ته ، جيئن اسين ڀڙڪي اٿون ۽ سياست ڪريون ۽ توهان اسان جا مخالف انهيء جنگ مان محفوظ ٿين ۽
اسين ( ايم ڪيو ايم ) دنيا کي ڏيکاريون ته اسان شهيدن جي وارثن جو ڪيڏو نه قدر ۽ انصاف ڪندا آهيون جو ٻئي ڏينهن تي
فاروق دادا دهشتگرد جي زال اسيمبلي فلور تي اٿي بيٺي ته مان شهيد فاروق دادا جي زال آهيان ، مونسان ڪيترو ظلم ڪيو ويو ۽ اڄ منهنجي مڙس کي هتي دهشگرد چيو ٿو وڃي ته ايئن پ پ پ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ميمبرن جي ٻولتي بند ٿي وئي ۽ اسين به حيران ٿي ڏسي رهيا هئاسين ته ايم ڪيو ايم ڏسو پنهنجن شهيدن سان ڪهڙو نه بهترين ورتاء ڪري ٿي ، پوء اسيمبلي ميمبر صاحبه انهيء فاروق دادا جي زال هئي يا ڪنهن ٻئي فاروق طائيء جي زال هئي .
ڊرامي باز ڊرامو به ڪري ويا ته پنهنجو ڪم ڪري اسان کي اهو ڏيکاري ويا ته
ڏسو اسين پنهنجن شهيدن کي ڪٿي به ناهيون وساريندا
توهان جا ليڊر ڏسو ته توهان جو اولاد شهيد ٿي وڃي ٿو ته هيء ليڊر توهان ڏي کنگھن نٿا ۽ نه وري ٻيهر توهان ڏي لڙن ٿا ............................
 
Back
Top