سنڌ جون اڄوڪيون علمي، ادبي، سماجي، ثفافتي، روحاني ۽ معاشي حالتون ڏسي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته اسان ڪو اصل ۾ ئي ايئن آهيون، جيئن اڄ اڻڄاڻ، وسيلن هوندي ڳڀي ڳڀي لاءِ محتاج، سماجي طرح وڏيرڪي ڄار ۾ ڦاٿل، اکين مٿي اکيا ٻڌل آهن، اکين هوندي ڄڻ ته انڌا هُجون. هيڏا سور سهي چُپ آهيون، ”انقلابي“ ڪونهن بس سڀ جا سڀ ڪنهن جي نه ڪنهن جي ”لابي“ آهن. ( انق-لابي مان لابي بڻجي ويو آهي) ثقافتي طور اسانجون اوطاقون بند ٿي ويون آهن.هڪ پاسي شهري دهشتگردي ۽ ٻهراڙي ۾ وري ڌاڙيل-راڄ. پوکيندڙهاري جي جاءِ تي کيت-مزدور ۽ ٺيڪي تي مدار، يا قرض ڏيئي يا بندي بڻايل هاري. ثقافتي سرگرميون هاڻ صرف سرڪاري طور ملهائي سگهجن ٿيون. روحاني طور به موجوده سنڌ اها ناهي، هڪ طرف پريمي جوڙا آهن، يا زبردستي مذهب مٽائي شاديون ڪرايون پيون وڃن، يا ميلاد، مجلسون، تبليغون آهن. هاڻ ته سنڌ ۾ ڌارين جو ايڪسپورٽ ڪيل مذهبي جنون ان حد تائين وڌي ويو آهي، جو سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن مان سنڌي نوجوان افغانستان ۾ وڙهندي جان وڃائي ويٺا آهن، ڪيترائي نوجوان مختلف فرقن جي مدرسن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڇا ڇا پرائي رهيا آهن، ان جو تصور ڪندي ئي ماڻهو ڪنبي ٿو وڃي. ڪيتريون صديون اڳ سنڌ ڇا هئي؟ ان جي علمي ادبي، سماجي، ثقافتي، هنرمندي، روحاني ۽ مالياتي حالت ڪهڙي هئي ان لاءِ ڪنهن محقق جا ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ، ڪنهن ڏاهي ماڻهو جي اڳيان رڳو مُهين جي دڙي ۽ ٻين تباهه ٿيل وسندين جي آثارن مان هٿ آيل اجرڪ ويڙهيل پروهت (Priest) ناچڻي سمبارا ((Sambara جي مورتي، ڦيٿو، ٿانو، رانديڪا، شڪار جا اوزار، مُهرون، اڪريل اکر، هندو مت جا چار ويدَ ۽ ٻُڌمت جون مورتيون اڳيان رکو ۽ کانئس پڇو ته ”هنن ماڻهن جي حالت ڪهڙي هئي؟“ اوهان کي ان پروهت (Priest) جي بدني بناوت مان ان جي صحت ڪيئن ٿي لڳي؟ ۽ ناچڻي جي ورزشي جسم، رقص، موسيقي ٻانهن ۽ ڳچي ۾ پاتل زيورن مان ان وقت جي وقت جي ذوق، هنر ۽ زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪا تحقيق نه ڪرڻي پوندي، ساڳي ريت ڦيٿو، ٿانو، ڪپڙو، رانديڪا سندن محنت جي عظمت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سندن علم جون ساکي اُهي مُهرون آهن جيڪي اڃا تائين پوري ريت پڙهيون به نه ويون آهن، ويدن جو سنڌ ۾ لکجڻ به سنڌ ۾ علم ۽ ڏاهپ ڏانهن اشارو آهي. ٻڌمت کي برصغير جي حد مان ڪڍي عرب دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ وارا به انهن تباھ ٿيل وستين جا رهاڪو سنڌي هئا. مُهين جي دڙي جي تباهي تي هڪ فلم انگريزي چينل (National Geographical Channel)تي ڏيکاري وئي هئي. جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته مُهين جي دڙي جا رهواسي صبح جو سوير اُٿي گريٽ باٿ ۾ غسل خاني ۾ وهنجي سنهجي پوڄا پاٺ ڪري، پنهنجي پنهنجي دڪانن، ٻنين ٻارن، ٻيڙين ۽ ٻين ضروري ڪمن ڪارين سان لڳي ويندا هئا. شام ٿيندي ئي هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجي گهر ڀاتين سميت راڳ رنگ، رانديون رهندا هئا، خاص طور مرد گول دائري ۾ ۽ فنڪار انهن جي وچ ۾ بيهي مختلف سُرن ۾ ساز وڄائيندا ۽ آواز سان ڳائيندا هئا ۽ گول دائري ۾ بيٺل مرد ڦرندا به رهندا هئا ۽ ان سُرن مطابق ناچ به ڪندا رهندا هئا. ماين جي به پنهنجي محفل ٿيندي هئي ڪو نسلي، مذهبي، توڙي عمر جو فرق نه هوندو هو. ان دستاويزي فلم ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪي ڌاريا ڪپڙي جي هڙُن ۾ ڪو سامان کڻي اچي دڪان جي اڳيان هڙون کولي سامان وڪرو ڪرڻ لڳا. دڪاندارن احتجاج ڪري کين ڊوڙائي ڪڍيو ۽ وري پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويا. انهن ڌارين رات جو جڏهن هرڪو آرامي هو يا ڪو راڳ رنگ جي محفل سان روح وندرائي رهيو هو ته انهن ڌارين مٿن راتاها هنيا ۽ پوءِ اتر طرفان گهوڙن تي چڙهي لشڪر چڙهائي ڪئي. ان وقت ٻين ملڪن جا ماڻهو به واپار سانگي ٻارن ٻچن سميت مُهين جي دڙي ۾ ترسيل هئا، انهن ۾ هڪ يمن ملڪ جو شهزادو به پنهنجي ٻارن سان گڏ رهندو هو. حملي آورن جي ڪاهه وقت هن هڪ غريب هاري جي جهوپڙي ۾ پناھ ورتي هئي ته، ميزبان سنڌي هاريءَ کيس چيو ته ”اي يمن جا شهزادا! تون پنهنجي سهڻي زال کي ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ هليو وڃ. مونکي تون پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي، اُهي حملي آور پنهنجي گهوڙن جي سُنبن هيٺان منهنجي جهوپڙي کي لتاڙي، ڦرمار ڪري موٽي هليا ويندا ۽ آئون وري به ٻه ڪاٺيون اُڀيون ڪري جهوپڙي ٺاهي وٺندس پر تون نه وئين ته تنهنجو مال ملڪيت ته ويو پر اها سهڻي زال به کسي ويندئي، شايد ان ڪري اڄ به ڪا سنڌي ڇوڪري مائٽن جي تجويز ڪيل رشتي کان ڪيٻائيندي آهي ته کين چوندا آهن ته مائي ”تو لاءِ وري ڪهڙو يمن جو شهزادو ايندو، جو نخرا پئي ڪرين“. اڄ ان پروهت جهڙا صحت مند جسم ۽ سدائين ڳچيءَ ۾ اجرڪ ويڙهيل ڪيترائي ماڻهو سدائين مرڪندي ملندا آهن، پر هيءَ پنهنجي سموري حياتي جنهن سان به مليو ته ٽهڪ ڏيئي مليو، پاڻ ٽهڪ ڏيندي ڏيندي، ٻين کي روئاري هن جهان مان هليو ويو. اهو انسان دوست، ترقي پسند، قومپرست ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ معرفت متعارف ٿيل سمورن جو ساٿي ڪامريڊ عثمان لغاري چمبڙ وارو هو. سنڌ هاري ڪميٽي برصغير جي هارين جي وڏين پارٽين مان هڪ هئي، ان هاري طبقي جي حقن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي،سماجي ۽ طبقاتي شعور ۽ هارين ۾ جيڪا ويڙھ جي سگهه پئدا ڪئي ان جو ويجهڙائي ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. سنڌ هاري ڪميٽي، نظرياتي طور ايڏي ته سگهاري هئي جو نه صرف ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي ان جي پويان پويان هلندي هئي، پر جڏهن چين جو وزيراعظم ”چُواين لائي“ پاڪستان جي دوري تي آيو ته ان باباءِ سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي سان ملڻ جي خواهش ڪئي ۽ مليو هئو. سنڌ هاري ڪميٽي جي مذهبي ڪٽرپڻي خلاف هجڻ واري روئي جي نه رڳو ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند حمايت ڪندا هئا پر ان وقت جا مستند ديني عالم جهڙوڪ علامه عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل مسڻ وارو، مولوي عزيز الله جروار، مولوي نذير حسين حيدري، سائين محمد عثمان ڏيپلائي وغيره پڻ ان جا حامي هئا. ساڳي ريت سنڌي هاري ڪميٽي جو قومي موقف به اهڙو چٽو ۽ پنهنجي وطن ۽ عوام جو طرفدار هو جو، جڏهن جيجي زرينه بلوچ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو گيت ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ“ ڳائيندي هئي ته سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز سميت سمورا جهومڻ لڳندا هئا. سياسي فرقي بندي کان پاڪ اهڙي ڪابه سياسي جماعت شايد نه هئي ۽ هاڻ ته آهي ئي ڪانه!. ان سنڌ هاري ڪميٽي ڪيترا باهمت، باوقار، بانڪا، بهادر، بااخلاق ۽ قرباني جا پتلا ماڻهو پيدا ڪيا يا انهن ۾ جيڪي اعليٰ انساني گڻ هيا، انهن کي اجاگر ڪيو. انهن اعليٰ انساني ڳڻن مان هڪ وڏو ڳڻ هو ”سام جهلڻ“. هن ملڪ جي عمر جو وڏو عرصو فوجي آمريت ۽ ان جي ٽُڪرن تي پلجندڙ وڏيرن، ڪارخانيدارن، چوڌرين ۽ مُلن جي اثر هيٺ رهيو، جيڪي مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جا دشمن ٿي انهن کي ڦرڻ، لٽڻ، ڦاهيون چاڙهڻ، قيد ڪرڻ ۽ غلام رکڻ ۾ مصروف هئا ته ٻئي پاسي ڌرتي جا سپوت پٽ ان ڏاڍ، ڏمر، ظلم ۽ غلامي جي خلاف پنهنجي ڪمزور مالي،سماجي ۽ طبقاتي حيثيت ۽ حالت کان بي نياز ٿي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پوندا هئا. چمبڙ جي علائقي ۾ هاري ڪامريڊن، هارين جو زميندارن جي خلاف ۽ زميندارن جون هارين خلاف شڪايتون ٻڌي، انهن جا فيصلا ڪرڻ لاءِ باقاعدي هاري ڪورٽون قائم ڪيون، جيڪي ٻنهين ڌرين کي ٻُڌي فيصلو ڪنديون هيون، ڪورٽون قائم ڪري انهن کي هلائڻ جا سمورا انتظام هاري ڪميٽي جا ڪارڪن ڪندا هئا. هارين جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي. وڏيرن ٿاڻن تي پنهنجي روبرو هاري ڪارڪنن تي پوليس هٿان بي رحمي سان سخت تشدد ڪرايو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي کين جيل موڪليو. ڪامريڊ عثمان به ان جدوجهد جو مک ڪردار هو ۽ گرفتار ٿي ويو. اها تحريڪ بنگال جي آزادي واري تحريڪ دوران هلي هئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن صاحب ٻن قسمن جا قيدي آزاد ڪرايا ۽ ڪيا. هڪ 90 هزار فوجي ۽ ٻيا سنڌي هاري. قيد مان آزاد ٿيندڙ فوجي ته ٽن سالن ۾ اهو احسان لاهي آجا ٿي ويا، پر سنڌي اڄ به ڀٽو صاحب جي نالي تي وڏيرن خلاف ”هاري ڪورٽون“ قائم ڪري جيڪو احسان ڪيو هو ۽ جنهن لاءِ جيل ڪاٽيا ۽ انهن کي ووٽ ڏيو پيا قرض لاهين. ظاهر آهي ته ڪيترا روپوش ٿي ويا پر وڏيرن ۽ انهن جا ڇاڙتا پوليسارا ۽ انٽيليجنس وارن جي انهن ڪارڪن پويان وٺ وٺان هجڻ ڪري کين ڪٿي به پناھ ڪو نه پئي ملي. ڪامريڊ جي غير موجودگي ۾ به ان جي گهر ڀاتين روپوش ڪارڪنن کي پنهنجي گهر ۾ پناھ ڏيڻ جي روايت جاري رکي ۽ مجال جو ڪو ننڍو ٻار به ٻڌائي ته اسانجي گهر ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو رهيو پيو آهي. اُن ڪر منجهان ڪو، ميو ماٺو نه ٿئي. پوءِ اها هڪ راويت ٺهي وئي ته، روپوش سياسي ڪارڪن پوءِ ڀلي ان جون وفاداريون ڪهڙي به سياسي پارٽي يا گروپ سان هجن ۽ هو ڪهڙي به ٻولي ڳائيندو هجي، ان جي پناهه موجود هئي. مثال طور، محترم مرحوم عزيز سلام بخاري صاحب، ڄام ساقي، نذير عباسي ان جهڙا ٻيا ڪيترا سياسي ڪارڪن جن کي ڪٿي ڪا پناھ نه ملندي هئي ته اهي ڪامريڊ عثمان جا مستقل مهمان ٿيندا هئا. باقر سنائي ته 15 سال ترسيو پيو هو. جتي نه صرف روپوش ڪارڪنن جي رهائش، کاڌ خوارڪ ۽ علاج جو بندوبست ڪامريڊ ڪندو پر انهن سان ملڻ لاءِ ايندڙ ڪارڪنن جي گهر ڀاتين جيان خدمت ڪندو هو. مطلب ته سمورن آيلن جو خوشيءَ سان ٽهڪ ڏيئي دل جي گهراين سان آجيان ڪندو هو ۽ سندن هر طرح جي پرگهور لهبي هئي. ان ڏوھ جي ڪري به ڪيترا ڀيرا ٿاڻن ۾ فوج، پوليس ۽ وڏيرن هٿان ڪامريڊ کي گهڻو ڪجهه سهڻو پوندو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه سهي ويندو هو آزاديءَ وقت ٿاڻي ٻاهران سندس استقبال لاءِ بيٺل مائٽن ۽ ڪارڪنن کي ڏسندي ئي وڏو ٽهڪ ڏئي اهو تاثر ڏيندو هو ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. ڪامريڊ عثمان لغاري جي ميزباني ۾ ماني فنڊ نه ورتو ويندو هو، اتي روح رچنديون ڪچهريون جنهن ۾ شهيد محمد فاضل راهو به شريڪ ٿيو. مرحوم نبي بخش همدم ۽ باقر سنائي به موجود هوندا هئا اتي مشهور هاري گيت ٻڌنڌي ڏاڍو خوش ٿيندا هئاسون. ان ۾ چيل هئو ته: وڏيرا ايهه ته پنج صبح دي گهن، ٻيا ول پنج منجهند دي گهن، گهن گهن گهن، ول ول گهنِ پيٽ ڪيتا هئي، پاڏي جيها شڪل تيڏي، جيها جن مونکي ياد آهي ته ڪامريڊ عثمان ۽ فاضل راهو جي ٽهڪن فضا کي وڌيڪ خوشگوار ڪري ڇڏيو آخر ۾ شير خان لنڊ شيخ اياز جو مشهور قومي گيت گايو. اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو، لڙڪ نه ڪو ئي لاڙيندو اهڙو ڏينهن به ايندو، رت جو بدلو رت ئي آهي، هر ڪو بدلو ڏيندو، اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو سنڌ برابر مهمان نوازي لاءِ مشهور آهي پر ان لاءِ به ڪي اڻ لکيا شرط آهن. اول ته ڪو مسافر هڪ رات لاءِ رهي پيو، انکي خدا ڪارڻ ترسائبو ۽ ماني کارائبي، ڪي مائٽ ۽ دوست مهمان ٿي اچي ترسيا ته انهن مان موٽ جي اها اميد هوندي ته ڪڏهن نه ڪڏهن آئون به وٽن ويندس ۽ ساڳي عزت لهي ايندس. پر سام جهلڻ بنهه مختلف شئي آهي. در تي آيل اهو هڪ ماڻهو هجي يا راڄ ماڻهن جو، ڪامريڊ انگ ڳڻڻ کان مٿي هيو. هارين جي هلچل کان بيزار ٿي، نصير خان مدواڻيءَ پنهنجي سموري زمين نالي ماتر ٺيڪي تي ٽنڊي آدم واري وڏيري شاهنواز جوڻيجو کي ان شرط تي ڏني ته ”ماڇي“ هارين جو سڄو ڳوٺ لڏائي ڏيندين، ”عوامي مارشل لا“ لڳي چڪي هئي، وڏيرن جي وري ٻيگهي مچي وئي، رات پيٽ ۾سڄو ڳوٺ جنهن ۾ 250 کان 300 تائين مرد عورتون ۽ ٻار هئا، انهن جو لڏو پٽائي ڇڏيو. اهي سڌو ڪامريڊ عثمان وٽ پهچي ويا. ڪامريڊ عثمان مهينن جا مهينا ديڳيون چاڙهي انهن هارين کي سام ڏني. جيڪي ڪنهن اخلاقي ڏوھ نه پر بي قصور هجڻ سبب وٽس آيا هئا. جن لاءِ مظلوم هجڻ يا مظلومن جي مدد جي ڏوھ ۾ ڌرتي ٽامڻي ڪئي وئي هجي. جن کي پنهنجي گهر، ڳوٺ يا تر ۾ ڪو به رڳو پناھ ڏئي لڪائي ۽ انهن جي خبر پوي ته هٿ وٺي انکي وحشي وڏيرن يا انهن جي آقائن فوج پوليس حوالي ڪيو ويندو هو. سام ”گهرندڙ“ جي رڳو رهائڻ جو مسئلو نه آهي، ان سان لاڳاپيل الزام، ان سياسي ڪارڪن جو نظريو، ان جون گهرجون، عادتون، مطلب ته سمورين خوبين خصلتن ۽ خطرن سان پناھ گهرندڙ کي قبول ڪرڻ ايڏو ته مشڪل ۽ ڏکيو عمل آهي، جنهن لاءِ ” جيهي تيهي ذات جي جنبش ناهي جاءِ“ وارو حساب هئو. اسان هٿ ٺوڪيا انقلابي Law of contradiction ابتڙن جي قانون ۽ سانئس تي ڪتابن جا ته ڍير پڙهيو ويٺا آهيون، ڪلاس هلائي ٻين کي ليڪچر ڏنا سون پر ڪڏهن انجو عملي مظاهرو نه ڪيو يا لطيف چواڻي ”پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾.“ سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي جا به عجيب منظر ڏسڻ ۾ ملندا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اليڪشن ورڪ ڪندي ٽنڊي الهيار جي ”راڻي باغ“ ۾ جلسو ڪيو، جتي اسٽيج تي مخدوم طالب الموليٰ، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، پير غلام رسول جيلاني،سائين ڀورل شاھ ۽ ٻيا ويٺا هئا. مولانا عبدالحق رباني جيڪو ديوبند جو عالم هو ۽ پيپلز پارٽي ۾ شرڪت ڪري چڪو هو. مرحوم مولانا تقرير ۾ وڏيون ڳالهيون ڪيون، ڀٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيائين ”ڀٽا صاحب! جيڪڏهن مسڪينن جو حامي آهين ۽ انهن جي ڇوٽڪاري لاءِ نڪتو آهين ته، اسلامي سوشلزم کي ڇڏ، تون ڪميونزم جو نعرو هڻ، آءُ مستند عالم آهيان، توسان گڏ آهيان ۽ هن ملڪ جا ڪروڙين مسڪين ماڻهو توسان گڏ آهن، ٻيو ته اُهي جيڪي اسٽيج تي گڏ ويهاريا اٿئي. اهي لياقت علي، اسڪندر مرزا کان وٺي ايوب تائين، سڀني سان گڏ هئا. مسڪينن ۽ ملڪ جو انهن ئي ٻيڙو ٻوڙيو آهي. انهن کان هٽي پري ٿي نه ته تنهنجي هڏي به ڪونه لڀندي“. ڪامريڊ عثمان پاڻ ڪميون هلائيندو هو ۽ ڪميونزم ۾ پڪو ايمان رکندي به مٽي مائٽي ۽ رشتيداري مسڻ جي ديني عالم مولوي محمد اسماعيل سان هوندي هئس. مولوي اسماعيل ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول به هلائيندو هو، جتي مسڪينن جا ٻار پڙهندا هئا. کيس هارين جي هلچل ۾ خاص ڪري ٽنڊي محمد خان جي مير غلام علي ٽالپر خلاف ديهه مسڻ جاگير جي زمين هارين ۾ورهائي ڏيڻ واري هلچل ۾ ڪيترا ڀيرا جيل جون اذيتون سهڻيون پيون، وڏو ليڊر به ايترا ڀيرا جيل نه ويو هوندو، سواءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي. مولوي محمد اسماعيل صاحب شريعت جو پابند هو، انڪري عورتن جي پابندي ۽ اخلاقي ڇڙواڳي جو دشمن هوندي به هن پنهنجي نياڻين کي پاڪ ڪتاب سان ڪونه پرڻايو پر ڪامريڊ عثمان جي ڀائرن سان انهن جون شاديون ڪرايائين ۽ کين سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ عربي جي اعليٰ تعليم سان پڻ آراسته ڪيائين. اهڙي ريت حضور ﷺ جي حديث ته ”علم هر مرد توڙي عورت تي لازم آهي“ تي پڻ ڀرپور عمل ڪيائين. سندن نياڻيءَ انگريزي ۽ فارسي ۾ ايم اي ڪئي ۽ هينئر تعليم جي ڪنهن شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي. مولوي اسماعيل جو حُجرو هر عام خاص سُني توڙي شيعو ته ڇڏيو پر غير مسلمن لاءِ به کليل هوندو هو. ديوبند جي درسگاھ مان فارغ التحصيل هئڻ ڪري مذهب جي شرعي مسئلن سان گڏ غريبن، مسڪينن، ۽ مظلومن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف اسلام جو انسان دوست پاسو ڇا ٿو چوي، ان تي جڏهن ڳالهائيندو هئو ته پاڻ علامه کان وڌ ڪامريڊ نظر اچڻ لڳندو هئو. مثال طور: حڪم آهي ته ”ڪنهن کي برو يا گُٿو لفظ ڳالهائڻ جي اجازت نه آهي“ پر مظلوم کي حق آهي ته ظالم خلاف ڳالهائي، ”عالم جي قلم جي مس جو ڦڙو شهيدن جي رت جي ڦڙي کان وڌيڪ رتبي وارو آهي.“ مولانا صاحب تمام وڏو جلالي ماڻهو هو، سندس منهن ۾ ايڏو ته جلال هوندو هو، جو گهڻو وقت سندس منهن ۾ نهاري نه سگهبو هو. اسان سندس حُجري ۾ ويٺا هئاسون ته مدرسي جو هڪ مولوي ڪاوڙجي اندر آيو ۽ اچڻ شرط چيائين مولوي صاحب هي ڪهڙا ڪافر ماڻهو پاڻ وٽ ويهاري، انهن سان ويٺا ڪچهري ڪيو! مولوي صاحب ان کي اشاري سان چيو تون هليو وڃ پر هو بيٺو رهيو. مولوي به جلال ۾ اچي ويو، اسان به هيسجي وياسون ته الائي ڇا ٿو ٿئي، مولوي ان ملان کي چيو ته، ٻڌاءِ هي چور آهن؟ حرام خور آهن، وياج ٿا وٺن، غريبن جا حق ڦٻايا اٿن، جو هنن کي آئون حُجري مان تڙي ڪڍان. ظالمن سان وڙهندي هي به جيل ٿا وڃن، ائون به ڪيترا ڀيرا، مير غلام علي، ڀورل شاھ ۽ ٻين ظالمن سان مهاڏو اٽڪائي جيل ويو آهيان، هي به نياڻيون پڙهائين ٿا، مون به گهر ۾ ئي سهي پر نياڻيون پڙهايون آهن. باقي هنن ظالمن ۽ آمرن جي خلاف هجڻ جو نه رڳو پنهنجو گرفتاريون ڏيئي، ڦٽڪا کائي ثبوت ڏنو آهي پر پنهنجون نياڻيون مارشل لا سان مقابلي لاءِ موڪلي ويڙھ جو نئون مثال قائم ڪيو آهي، اهڙن ڪارڪنن کي هتان ڪڍڻ کان اڳ مونکي هتان نيڪالي ڏئي ڪڍي ڇڏيو. مولوي محمد اسماعيل قومي سوال تي ايڏو چٽو موقف رکندو هو، جو اڄ کان 30-25 سال اڳ ساڳي حجري ۾ ڪچهريون ڪندي ”مهاجرن“ جو ذڪر نڪتو ته مولوي صاحب چيو هي مهاجرن جي زبان تي لفظ ”مهاجر“ جنبڙيو پيو آهي، آئون عربي لغت جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان، مون ڪيرائي ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏٺا آهن، مهاجر لفظ جي لغوي معنيٰ کانسواءِ مونکي ٻي ڪا معني نه ٿي ملي ته ” هڪ ڀيرو هجرت ڪري اچي ۽ وري موٽي وڃي“ فلسطين ۾ 500 سالن کانپوءِ به مڪاني ماڻهن ۾ ضم نه ٿيڻ ڪري کين وري واپس وڃڻو پيو هو. مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته ڳالهه جو جيئرو جاڳندو ثبوت تون اسان جي اڳيان ويٺو آهين. جاتي- جتن جي رهڻ واري علائقي جو نالو آهي. شهر جو نالو ته مغلبين آهي، اوهان جت به جتي به اٺن جو چارو ۽ جوءِ نظر آئي اتي لڏي وڃي ويٺا. توهان جا پيرا بلوچستان، ايران، عراق ۽ ٻين هنڌن تي ملن ٿا پر اوهان نه اتي جي اصلوڪن ماڻهن واري ٻولي، لباس، ريتن رسمن کي پنهنجو ڪيو، اتي به الڳ ٿلڳ مهاجرن جيان رهيا. ته نيٺ اوهان کي اتان موٽڻو پيو ۽ جت مان ڦري ميرجت ٿي وري پنهنجي اصولڪن پٽن تي موٽي آيا آهيو، لڳي ته ڪونه ٿو پر تاريخ ۽ قدرت جا پنهنجا فيصلا اٽل هوندا آهن. ”مهاجر“ لفظ جي پچر نه ٿا ڇڏين شايد واپس وڃڻو اٿن. ڪامريڊ عثمان لغاري جي اوطاق تي ڪميونسٽ پارٽي (روسي) جو اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪميونسٽ پارٽي(چين نواز) جو محترم عزيز سلام بخاري، سنڌ هاري ڪميٽي جو ميزبان سان گڏ ڪامريڊ باقر سنائي، فوٽو رستماڻي، ترقي پسند ادبي تحريڪ جو قادر بخش نظاماڻي، سنڌ ڪميونسٽ پارٽي (تپيدارن واري) جو حاجي خان ستابو۽ سنڌي عوامي تحريڪ جو صديق ساند، مطلب ته سڀئي هڪ ئي وقت هڪ هنڌ گڏ هوندا هئا. ڪچهريون ڪندا هئا. نه ڪو ڪنهن کي نقلي ترقي پسند، ڪوڙو قومپرست، نازشي سازشي ٽولي جو طعنو هڻندو هو. سمورن کي ڪو فڪر هو ته فقط اهو ته ڪهڙي ريت هن ملڪ مان ظلم جو خاتمو آڻجي، اسان کي انتهاپرستن جي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ ڪو نه ماريو آهي. اڄ اسان پارٽيون ۽ نظريا ڇڏي، ملن جو نقل ڪندي ناجي ۽ دوزخي سياسي فرقن ۾ ورهائجي ويا آهيون. مارن مُنجهه مُياس، نه ته مَاڙين ماريسُ ڪِينَڪي (شاه)