سوجهرو
سينيئر رڪن
سلام،
ڪافي عرصو، شايد، لڳ ڀڳ 2 سال کن ٿي ويا هوندا، جڏهن مون هتي ڪُجهه پوسٽ ڪيو هو. ايتري وقت کانپو هتي واپس اچي ڪري سڀني کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته هي فورم ترقي جا ڪيترائي ڏاڪا طئي ڪندو رهيو آهي. ڪافي سڌارا نظر اچي رهيا آهن. تنهن کان علاوه تڪنيڪي حوالي سان به سنڌ سلامت جيڪي ڪم سنڌي لا ڪندي رهي آهي، انهن تي پُڻ سندس فيسبُڪ پيج ذريعي نظر رهي آهي. جس هُجي اوهان دوستن کي ان لا.
سنڌي لا جيڪا ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندا هئاسون، سا اڄ به سُست رفتاري سان ئي سهي، پرجاري ضرور آهي. سنڌي پهاڪن کي نوجوانن جي روزمرهه جي گفتگو ۾ شامل ڪرڻ جي لا مون سوشل ميڊيا جي استعمال جو سوچيو ۽ هاڻ اُن تي ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جن دوستن منهنجيون هتي پوسٽس پڙهيون هيون، شايد انهن کي ياد هجي ته انهن ڏينهن ۾ مان سنڌي پهاڪا، ورجيس، اصطلاح گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئم. ڪافي گڏ ڪري ورتا اٿم، پر تنهن هوندي به مطمئن نه آهيان، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي سمنڊ مثل آهي، جنهن اهڙن موتين جو هڪ وڏو خزانو آهي.
سوچيم پهاڪن کي گڏ ڪري پاڻ تائين رکڻ ته زيادتي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته علم ورهائڻ واري شي آهي. 500 کان مٿي پهاڪا گڏ ڪري چڪو آهيان. جيترا گڏ ڪيا اٿم سوچيان ٿو اُهي هاڻ ورهائڻ شروع ڪيان. گڏ ڪري رکڻ ته ظلم ئي ٿيندو. سو فيسبُڪ جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيم. سوچان ٿو هتي به دوستن سان ونڊڻ گهرجي اهو پيج.
فيسبُڪ پيج جي يُو آر ايل: https://www.facebook.com/sindhiproverbs

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: