• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جون سڀ کان مهانگيون عمارتون

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
توهان اڪثر پنهنجي چوڌاري خوبصورت ۽ منفرد عمارتون ڏسندا هوندا جيڪي نه صرف ٻاهران پُرڪشش هونديون آهن بلڪه اندريان به تمام خوبصورت هونديون آهن. دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون به عمارتون آهن جن جي تعمير تي شاهاڻه بجيٽ (تمام ڳري رقم) خرچ ڪئي وئي آهي جنهن سان انهن کي دنيا جي مهانگي ترين عمارتون هئڻ جا اعزاز حاصل آهن. هي عمارتون خوبصورت هئڻ سان گڏوگڏ تمام جديد تمام جديد به آهن ۽ پُرڪشش سهولتون به منجھس آهن. اڄ جي موضوع ۾ آئون توهان کي دنيا جي سڀ کان مهانگين عمارتن جو احوال ٻڌايان ٿو.


The Marina Bay Sands Resort
هي ريزورٽ سنگاپور ۾ آهي ۽ ان کي Las Vegas Sands نالي ڪمپني تعمير ڪرايو هو. هي دنيا جي سڀ کان مهانگي ترين ڪيسينو آهي جنهن جي تعمير تي 8 بلين ڊالر خرچ آيو آهي. هن عمارت ۾ 2561 ڪمرا آهن هڪ هوٽل 1300000 اسڪوائر فٽ تي ڦهيليل آهي ، هڪ ڪنونشن ۽ ايگزيبيشن سينٽر 800000 اسڪوائر فٽ تائين ڦهليل آهي، هڪ مال، هڪ ميوزيم، ٻه ٿيٽر، 7 ريسٽورينٽس ۽ ٻيو به گھڻو ڪجهه ٺهيل آهي . هي شاندار ريزورٽ Safdie Moshe ڊزائين ڪيو آهي، هن عمارت جو افتتاح جون 2010 ۾ ڪيو ويو.
54571_03.gif


The Emirates Palace
هي هڪ لگزري هوٽل آهي جيڪو ابوظهبي ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. هي هوٽل John Elliot RIBA ڊزائين ڪيو آهي. هن حيرت انگيز هوٽل جي تعمير تي 6.63 بلين ڊالر خرچ آيو. هن هوٽل جو افتتاح نومبر 2009 ۾ ڪيوويو. هن عمارت ۾ ٺهيل ڪجهه ريسٽورنٽس ۽ مساج سينٽرز جو آغاز 2006 ۾ ڪيو ويو هو. هي هوٽل 850000 اسڪوائر ميٽر جي ايراضي تي ڦهليل آهي ۽ هن جي تهه خاني ۾ موجود پارڪنگ ۾ هڪ ئي وقت 2500 گاڏيون بيهاري سگھجن ٿيون. هن عمارت ۾ 302 ڪمرا ۽ 92 سوئٽس آهن.
54571_05.gif


The Cosmopolitan of Las Vegas
هي عمارت حقيقت ۾ هڪ لگزري ريزورٽ ڪيسينو ۽ هڪ هوٽل ڪمپليڪس آهي جيڪو لاس ويگاس جي اولهه واري حصي ۾ تعمير ڪيل آهي. هن عمارت جو افتتاح 15 ڊسمبر 2010 تي ڪيو ويو ۽ هن پروجيڪٽ جي تعمير تي خرچ ايندڙ رقم 3.9 بلين ڊالر آهي. هن ۾ موجود هوٽل جا 2995 ڪمرا آهن جڏهن ته 75000 جي ايراضي ۾ ڪيسينو ڦهليل آهي. هن عمارت ۾ 300000 اسڪوائر فٽ ريسٽورنٽس جي لاءِ ، 40000 اسڪوائر فٽ مساج سينٽر ۽ جمنازيم جي لاءِ موجود آهي. ان کان علاوه هتي 1800 سيٽُن تي مشتمل هڪ ٿيٽر به موجود آهي.
54571_07.gif


The Wynn
هي ريزورٽ ۽ ڪيسينو به لاس ويگاس ۾ ئي تعمير ٿيل آهي ۽ هن عمارت جي تعمير تي خرچ ايندڙ رقم 2.7 بلين ڊالر آهي. هن ريزورٽ جو اندروني حصو 215 ايڪڙ جي ايراضي تي ڦهليل آهي . هن عمارت ۾ 4750 ڪمرا آهن جڏهن ته هن جو افتتاح 28 اپريل 2005 تي ڪيو ويو. هتي 233000 اسڪوائر فٽن جي ايراضي تي ڦهليل ڪنونشن سينٽر به آهي. هن عمارت ۾ 2716 ڪمرن تي مشتمل گھر به موجود آهن.
54571_09.gif


The Venetian Macao
هي هوٽل Macao ۾ واقع آهي ۽ هي 40 منزلون بلند و بالا عمارت 10500000 اسڪوائر فٽن جي ايراضي تي ڦهليل آهي . هن پروجيڪٽ تي خرچ ايندڙ رقم 2.4 بلين ڊالر آهي. هن عمارت جو افتتاح 8 آگسٽ 2007 تي ڪيو ويو. هي ريزورٽ لاس ويگاس سينڊ ڪارپوريشن جي ملڪيت آهي . هن عمارت ۾ 3000 سوئٽس موجود آهن.
54571_11.gif


The Antilia
هي انڊيا جي شھر ممبئي ۾ موجود 27 منزله گھر آهي جيڪو 568 فٽ ڊگھو آهي. هي گھر 398000 فٽن جي ايراضي تي ڦهليل آهي ۽ مشهور ڀارتي ڪاروباري شخص مڪيش امباڻي جي ملڪيت آهي.هن گھر جي تعمير تي 1 بلين ڊالر خرچ آيو آهي ۽ هن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 3 سالن جو وقت لڳو. هن گھر ۾ هيلٿ ڪلب، جمنازيم، ڊانس اسٽوڊيو، سوئمنگ پول، بال روم ۽ ڪجهه مهمان خانا موجود آهن. هن گھر جي سار سنڀال جي لاءِ 600 ملازمن تي مشتمل هڪ اسٽاف رکيل آهي.
54571_13.gif


The Bellagio
هي به هڪ لگزري هوٽل ۽ ڪيسينو آهي جيڪو نويڊا جي علائقي لاس ويگاس ۾ موجود آهي . هي عمارت پنهنجي ڦُوهارن جي ڪري دنيا ۾ مقبول آهي. هي عمارت 46 منزله آهي ۽ 508 اسڪوائر فٽ ڊگھي آهي. هن عمارت جو افتتاح 15 آڪٽوبر 1998 ۾ ڪيو ويوو ۽ هن جي تعمير تي 88 ملين ڊالر خرچ ٿيا. هن عمارت جي پرڪشش ڦوهارن کي مختلف طرفن کان ڏسي سگھجي ٿو.
54571_15.gif


The Palazzo
هي به هڪ لگزري ڪيسينو ۽ هوٽل ريزورٽ آهي ۽ هي نويڊا جي سڀ کان بلند ترين عمارت به آهي. هي ريزورٽ Dallas Based HKS ڊزائين ڪيو . هن ريزورٽ ۾ ايندڙن کي وڏن وڏن سوئٽس ۽ ڪمرن جي پيشڪش ڪئي وڃي ٿي ۽ هر ڪمرو 720 اسڪوائر فٽ جي ايراضي تي ڦهليل آهي ۽ هن عمارت ۾ 3068 ڪمرا آهن. هن عمارت جي اڏاوت تي 1.8 بلين ڊالر خرچ ٿيو.
54571_17.gif


Taipei 101
هن عمارت کي تائي پي ورلڊ فنانشل سينٽر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ هي عمارت تائيوان ۾ موجود آهي. هي عمارت اُن وقت تائين دنيا جي بلند ترين عمارت هئي جڏهن برج خليفه جي اڏاوت مڪمل نه ٿي هئي. هي عمارت C.Y Lee & partners پاران ڊزائين ڪئي وئي . هن عمارت جي تعمير 2004 ۾ مڪمل ٿي ۽ هن وقت 101 منزلون آهن. هن عمارت جي 5 فلور زمين ۾ موجود آهي. هن عمارت جي تعمير تي 1.9 بلين ڊالر خرچ آيا.
54571_19.gif



Burj Khalifa
برج خليفه دبئي ۾ آهي ۽ هن کي دنيا جي سڀ کان وڏي عمارت هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن عمارت جي بلندي 830 ميٽر آهي. هن عمارت جي تعمير جو آغاز سيپٽمبر 2004 ۾ ڪيو ويو جڏهن ته هن جو افتتاح 4 جنوري 2010 ۾ ٿيو. هن پروجيڪٽ تي خرچ ايندڙ رقم 1.5 بلين ڊالر آهي. هن عمارت ۾ 30 هزار گھر، 9 هوٽل، 74 ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل پارڪنگ ايريا به موجود آهي. هن عمارت ۾ دنيا جي تيز ترين لفٽ به لڳل آهي جنهن جي رفتار 18 ميٽر في سيڪنڊ آهي.
54571_21.gif
 
Back
Top