سنڌ بگهڙ کائي ويا

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سرويچ ساريو

    سنڌ اسيمبليءَ، هندو ڌرمي سنڌي نياڻين کي اغوا ڪري، زوريءَ مذهب مٽرائي، ساڻن شاديون ڪرڻ وارن واقعن خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي پارلياماني اڳواڻ نند ڪمارَ، اهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي پ پ سميت سنڌ اسيمبليءَ جي ٻين ميمبر پارٽين پڻ حمايت ڪئي؛ ۽ ٺهراءُ يڪراءِ منظور ٿي ويو. ٺهراءَ جو متن آهي: ”سنڌ اسيمبلي، حڪومت کي سفارش ڪري ٿي ته اقليتي برادريءَ سان ٿيل ناانصافيءَ تي قدم کنيو وڃي، اقليت جي نياڻين کي اغوا ڪرڻ، لڄالٽ ڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪرڻ جا واقعا لاڳيتا پيش ٿي رهيا آهن؛ هي ايوان اها به سفارش ڪري ٿو ته نابالغ ڇوڪري انجلي مينگهواڙ، جنهن کي ڏهرڪيءَ ۾ اغوا ڪيو ويو، ان کي وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني وڃي؛ ايوان جا ميمبر پڻ اقليتن کي آئين ۾ مليل حق ۽ تحفظ ڏيارڻ لاءِ پنهنجوڪردار ادا ڪن“.

    سنڌ اسيمبليءَ جي سنڌي نياڻين جي اغوا ۽ ذهني تشدد جي واقعن خلاف اک پٽڻ، هڪ پاسي سٺو سنئوڻ آهي، جو اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ گهڻي وقت کان پوءِ ڪنهن هڪ مسئلي تي سڀ ڌريون متفق نظر آيون آهن ( ڳالهين جي حد تائين )، ته ٻي پاسي، حيرت ڏياريندڙ به آهي ته چار ڪروڙ عوام جا واڳ ڌڻي، ايترا ته هيڻا ٿي ويا آهن جو، هو عوام جي جان ، مال ۽ عزت جي پهرين بنيادي انساني ۽ آئيني حق جو تحفظ ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ بدران، ويچارا بڻجي، مطالبا ڪري رهيا آهن ۽ ٺهراءَ منظور ڪري رهيا آهن ( مطالبا ڪنهن کان؟ حڪومت کان!، حڪومت ڪنهن جي؟ انهن جي جنهن ٺهراءَ تي صحيحون ڪيون؛ صحيحون ڪنهن جون؟ انهن جون، جن کي اسان ڇهون ڀيرو، بندوق هٿ ۾ ڏئي مارڻ جو پروانو پاڻ ئي ڏنو آ؛ ۽ ٺهراءُ، ڪنهن جي خلاف؟ جيڪي ٺهراءُ منظور ڪرائيندڙ ميمبرن جي پارٽين ۾ ئي بالم بڻيو ويٺا آهن؛ پوءِ اچي ٿي ڪا ڳالهه سمجهه ۾، آهي ڪو آسرو، متاثرن سان انصاف جو؟).

    جو تو ڏٺو سو ڪوڙ هو، فريب دوکو ڌوڙ هو؛

    رڳو هنيا ٿي تن رمل، نه هو انهيءَ ۾ ڪو عمل؛

    ڇڏي پرايو آسرو، ڪا پنهنجي ڦوڪي ٻاريو.

    (ابراهيم منشي )

    پوري دنيا ۾ حڪمرانن جو پهريون ڪم پنهنجي رعيت جي سکي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن جو ڀرپور بچاءُ ڪرڻ آهي؛ پنهنجي رعيت کي خوشحال جيون جون سموريون سهولتو ن آڇڻ آهي؛ رعيت جي جان، مال ۽ عزت کي خطري ۾ وجهندڙ عنصرن کي ملياميٽ ڪرڻ آهي؛ رعيت کي پرامن ۽ خوشحال زندگي، سٺي صحت، سٺي تعليم، بهترين روزگار، صحتمند معاشرو ، ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ڏيڻ ضروري آهي، جنهن سان رعيت ڪنهن به چِنتا کانسواءِ ملڪ ۽ حڪومت سان، دل سان وفادار بڻجي رهي سگهي. پر اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟ هتي حڪمران رعيت جو جيون زهر بڻائيندڙ، مٺ جيترن ڏوهاري ٽولن ۽ سندن پاٿاريدارن آڏو ايڏا ته بي وس آهن، جو هو حڪومت ۾ هوندي به، طاقت ۽ اختيار رکندي به، جَلالي بابا نه، جِناتي بابا بڻجي وڃن ٿا، ۽ پنهنجي طاقت، پنهنجو ٻَلُ استعمال ڪرڻ بدران؛ ٺهرائن ۽ مطالبن جي ٽوڻن ڦيڻن سان عوام جي جيئن ۽ مرڻ جهڙن مسئلن جو حل ڳولين ٿا.

    نئون نت روز هتِ نارو، نئين نت روز غداري؛

    نئون دولاب، نئون دوکو، نئين نت مڪر مڪاري؛

    فريبي چال نت نئين ۽ ، اٻوجهن ساڻ عياري؛

    صبح ۽ شام سانگين تي، ستم سياستڪارن جو.

    (ابراهيم منشي )

    ڏهرڪيءَ مان ڏينهن ڏٺي جو، ڏهين وڳي انجلي ميگهواڙ اغوا ٿئي ٿي، مائٽ ٿاڻي پهچن ٿا، فرياد داخل ٿئي ٿي، شهر ۾ نوجوان اغوا خلاف احتجاج ڪن ٿا، بک هڙتال تي ويهن ٿا،پوليس جوابدارن جو اتو پتو هوندي به ڪجهه نه ڪري ٿي، حڪومت به معاملي جي سنجيدگيءَ کي سمجهڻ بدران سڄي معاملي کي ڪو معمولي واقعو سمجهي ٽاري ڇڏي ٿي؛ ۽ پوءِ اهو ئي ٿي ٿو، جنهن جو هر ساڃاهه وند کي خطرو هو؛ يعنيٰ، اڄ تائين غلام بڻائي قيد ڪيل رنڪل ڪماريءَ وانگر انجلي به، حڪمران ڌر جي مقامي اڳواڻ جي مذهبي گاديءَ وٽان ظاهر ٿئي ٿي؛ ۽ سڀني جي سامهون دعويٰ ٿي اچي:” انجلي نه رڳو مذهب مٽائي چڪي آهي پر اغوا ڪندڙ رياض سيالَ سان شادي به ڪري چڪي آهي“! انجليءَ جي وهي، اڃان ٻاروتڻ جي ان ڏاڪي تي آهي، جتي ڪنهن کي اها به خبر ناهي هوندي ته مذهب ڇا ٿيندو آهي؟؛ ساڍن يارهن سالن جو ٻار، مشڪل سان پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ مس ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو ٻار، ڪتابن ۾ موجود رنگين تصويرن ۾ ئي گم سم رهندو آهي؛ ته ڇا اهڙي ٻار کي اها خبر هوندي ته هندو ڇا آهي؟ مسلمان ڇا آهي؟ ڪهڙو مذهب سٺو آهي؟ ڪهڙو مذهب خراب آهي؟ ان عمر جي ٻار کي، پرائي ته ڇا؛ پر پنهنجي مذهب جي به ڪهڙي شئي ”متاثر“ ٿي ڪري؟، پوري دنيا جا نفسياتي ماهر گڏ ڪيو، پوري دنيا جي مختلف مذهبن سان لاڳاپيل ۽ پنهنجن پنهنجن سماجن ۽ معاشرن جا، سماجي ۽ معاشرتي ۽ ذهني نشونما جي حوالي سان پوئتي پيل علائقن جا ٻار گڏ ڪيو؛ انهن تي تحقيق ڪرايو، مختلف سبب جاچيو، نتيجا ڪڍو ۽ ٻڌايو ته روءِ زمين جي گڏ ڪيل ٻارن مان اهڙو ڪو هڪڙو به ٻار ٿي سگهي ٿو، جيڪو ان عمر ۾، پنهنجي ابي ڏاڏي واري مذهب کان هٽي، ٻي مخالف مذهب جو ”فلسفو“ سمجهي سگهيو هجي، يا ان جون ”سٺايون“ جاچي، ان کان ”متاثر“ ٿيو هجي؛ جي ائين ممڪن آهي ته پو، پنهنجي قبيلي ۾ به سماجي رتبي جي حساب سان هيٺاهينءَ تي پهتل، پنهنجي ڀرپاسي واري تعليمي ۽ شعوري ماحول ۾ به پٺ تي پيل علائقي سان لاڳاپيل، معاشي طور، ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري گهر ۾ پلجندڙ، ۽ دنيا جهان جي سمورين جديد سهولتن کان ڪٽيل انجلي به ڪنهن مذهب کان ”متاثر“ ٿي، مذهب به تبديل ڪري سگهي ٿي؛ ۽ گُڏَي، گُڏِيءَ واري راند رچائيندڙ انجلي، پاڻ ڪنهن ڪوڙ پچائيءَ ۾ نه، پر حقيقت ۾ ”گڏِي“ به بڻجي سگهڻ لاءِ پنهنجي ”رضا خوشيءَ“ سان راضي به ٿي سگهي ٿي؛ ”عاقل بالغ“ نه هجڻ باوجود ”وات وڪيل“ به بڻجي سگهي ٿي؟!.

    ان سانحي کان ٻه ڏينهن اڳ، اڏيري لال جي ساهووالن، ڪاجل ڀيل کي اغوا ڪيو ۽ ان جو به مذهب مٽرائي شادي ڪرائي وئي. ۽ انجليءَ جي اغوا واري ان واردات کان ٻه ڏينهن ( يا شايد ٽي ڏينهن ) پوءِ نواب شاهه جي جمشيد ڪالونيءَ ۾ رهندڙ هڪ وڌوا ( بي واهي ) جي گهر ۾، تَر ُتپائي ڇڏيندڙ ۽ اوڙي پاڙي جا ڏٺا وائٺا غنڊا، اندران بند ٿيل در لوهي اوزارن سان ٽوڙي، هٿيارن سميت داخل ٿين ٿا، گهر ڀاتين تي بي رحماڻو تشدد ڪن ٿا، گهر مان سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻڻ سان گڏ، چوڏهن ورهين جي نياڻي، ڪرن کي اغوا ڪري، ٻاهر نڪرن ٿا، تيستائين اوڙو پاڙو به گڏ ٿي وڃي ٿو؛ سڀ ڪو ، نياڻيءَ جي اغوا، پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو، جوابدار ديدا دليريءَ سان ڪيترن ئي پاڙي وارن جي اکين آڏو، متاثر گهر جي ٻاهرين در کي تالو لڳائي، هٿيارن جا ٺڪاءَ ڪندا، ڪرن کي گِهلجندي، روئندي، منٿون ڪندي، ٻاڏائيندي ڏسي رهيا آهن؛ پر پوري پاڙي جي مجرماڻي ماٺ ۽ بي حسي، دنگ رهجي وئي؛ ڄڻ، نواب شاهه جي جمشيد ڪالونيءَ ۾ مرحوم ارجمند جي گهر آڏو گڏ ٿيل سنڌي نه هجن؛ ڪي اهڙا اڻ ڄاڻ هجن، اوپرا هجن، ڪنيزون خريدڻ جا واپاري هجن، جهڙا بغداد جي بازار ۾ غنيمت جو مال بڻائي آندل، ست سئو سنڌي ديوداسين جي خريدڻ لاءِ اتي گڏ ٿيل ماڻهن جا ڳاهٽ هجن؛ ۽ ڪرن نالي هڪ ديبل جي ديوداسيءَ کي ڪو وحشي درندو، زوريءَ کنڀي ويندو هجي!

    گهر کي ڌاڙو لڳو، ڪرن اغوا ٿي، واردات وقت اڻ ڳڻيا اکين ڏٺا شاهد به موجود رهيا؛ وارثن فرياد داخل ڪرائي، احتجاج ڪيو، دانهون ڪيون، ڪوڪون ڪيون؛ انصاف لاءِ ٻاڏائون ڪيون؛ ابتو، داد ته نه ٿيو، بيداد ضرور ٿيو؛ ”ڪرن“ کي ”فاطما“ بڻايو ويو؛ ۽ اسلامي جمهوري پاڪستان جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران شاديءَ جي عمر ارڙهن ورهيه مقرر ڪرڻ باوجود چوڏهن سالن جي ڪرن مان بڻايل فاطما کي، قربان پٽُ نثار ، ذات جو سمون، مڙس ڪري ڏنو ويو؛ ۽ نواب شاهه پوليس، ايف آءِ آر عدالت ۾ چالان ڪري، ڪنهن به جوابدار کي پيش ڪرڻ بنا چئي ڇڏيو، ”ڪِرن پسند جو پرڻو ڪيو آهي“ ؛ عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو؛ ۽ ڪِرن جي ماءُ کي دل جو دورو پيو، هوءَ اسپتال ڀيڙي ٿي وئي!.

    اٺين ڪلاس جي ٻارڙي پارشا، ڪنريءَ جي غزالي اسڪول، وئي ته پڙهڻ ، پر نه موٽي، وارثن کي اغوا جو شڪ ٿيو، واقعي جو ڪيس داخل ٿيو؛ ڳولا ٿي، ”وچ وارا“ ميدان ۾ لٿا، اغوا ڪندڙن سان به رابطو، ته متاثرن کي به دلجاءِ؛ نيٺ ڇهن ڏينهن کان پوءِ پارشا کي ڪنريءَ کان ڪجهه پرڀرو ڪيرين جي ڳوٺ مان بازياب ڪرايو ويو؛ پارشا جو هڪ سٽ وارو موقف سامهون آندو ويو: ”نه مان مسلمان ٿي آهيان، نه شادي ڪئي آهي“؛ پارشا به چُپِ، ته سندس مائٽ به چُپِ؛ ساڻس ڇهه ڏينهن ٿيل ويڌن تي اتان جو هر مقامي ماڻهو، سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پنهنجا چپَ سبائي ويهي رهيو؛ پوءِ به بازيابي بعد ڪنري ٿاڻي تي نڪتل پارشا جي تصوير ڪلوز اپ ڪري ڏسو، سندس چپ، ڳَلَ ۽ ڳِچي، مٿس ٿيل جنسي تشدد جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن؛ ڪيس عدالت ۾ چالان ٿيو، ڪنري پوليس به ڪمال ڪاريگري ڏيکاري؛ چي: ”پارشا، پنهنجي مرضيءَ سان ماسيءَ جي گهر، گهمڻ وئي هئي، جوابدار آجا ڪيو ڪيس مان“؛ عدالت به ”انصاف“ ڪندي ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.

    ۽ جنهن ڏينهن، سنڌ اسيمبليءَ مان هندو ڌرمي سنڌي نياڻين جي اغوائن خلاف ٺهراءُ منظور ٿي رهيو هيو؛ ان ڏينهن ساماري لڳ شاهه قائمخاني ڳوٺ مان 13 ورهين جي ٻارڙي، پاوَرتي ڪولهي اغوا ڪئي وئي آهي؛ ۽ ساڳي ڏينهن، ڪوٽ غلام محمد مان اغوا ڪيل، لالهي ڪولهيءَ جو مذهب مٽرائي، ڪنهن خريدار حوالي ڪرڻ جون به اچي رهيون آهن؛ اهي هيڏا سارا سانحا، ڪنهن ٺهراءَ سان ماٺا ٿيڻا آهن ڇا؟ حڪومت جي ذميواري ڪهڙي آهي؟ ۽ اها ذميواري ڪير نڀائيندو؟ قانون هٿن ۾ کڻندڙ ڏوهارين کي سوگهو ڪرڻ حڪمرانن جو ڪم آهي، يا سکڻا ٺهراءَ پاس ڪري، دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ؟. ۽ ڇا اهڙا حساس معاملا، رڳو ٺهرائن سان ئي حل ٿي سگهن ٿا؟

    سنڌي نياڻين سان ٿيندڙ انهن ڪلورن تي حڪمران ٽولي جي غفلت، ڪوتاهي، نااهلي ته ڪنهن به قيمت تي نظرانداز ڪرڻ جهڙي آهي ئي ڪونه ؛ پر معاملو سڀ اختيار هوندي به رڳو مطالبا ڪندڙ ۽ ٺهراءَ منظور ڪرائيندڙ حڪمران ٽولي تي ڇڏڻ به ڪا سمجهه ڀري ڳالهه ناهي؛ ڇاڪاڻ ته انهن وارداتن پٺيان رڳو ڪجهه ڏوهاري ماڻهو ناهن، رڳو سماج جا رد ڪيل ڪي غنڊا ناهن، مخصوص مذهبي گاديون ناهن، رڳو حڪمران ٽولي جا ڪي نور نظر واٺا ناهن؛ پر هڪ پوري سوچ آهي؛ هڪ پورو جنون آهي؛ سوچ، جيڪا وحشي آهي، جهنگلي آهي، خوني آهي، قاتل آهي، درندي آهي؛ پوري انساني تباهيءَ جي قيمت تي پنهنجي ذات تائين محدود آهي؛ ان سوچ، ان جنون جو سفر اڄ کان ساڍا ست ڏهاڪا اڳ شروع ٿيو هو؛ جڏهن رڪ اسٽيشن تي امر ڪلاڪار ڀڳت ڪنوررام جي سيني ۾ گندرف سان ڀريل گرم شيهو، داخل ٿي، ٿڌو ٿيو هو؛ سنڌ وطن جي سداحيات ڪلاڪار ڀڳت ڪنوررام جو جيئرو جاڳندو، گرم رت وارو وجود ته ٿڌو ٿيو؛ پر وحشين جو اندر ٿڌو نه ٿيو؛ سندن اندر جي آڳ مسجد منزل گاهه جي فسادن جي اوٽ وٺي، نه رڳو ان وقت پنجاهه ٻين هندو ڌرمي سنڌين جون جانيون ساڙي ڇڏيون؛ پر لکين ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه مان ڌڪي ڪڍڻ تي مجبور ڪيو؛ اهو جنونيت جو سفر، سيڪيولر سنڌ جي روح کي رتورت ڪندڙ، ان ساڳئي گروهه جا پٽ، پوٽا، پڙپوٽا، جاري رکيون پيا اچن؛ جن جي حڪمن تي، پهريون ڀيرو، محبتون ارپيندڙ ديس ڌڻين جو اجتماعي قتل عام شروع ڪيو ويو هو؛ پوري عالمي انساني تاريخ شاهد آهي ته، هٿيارن ڪجهه سَوَ مانهو قتل ڪيا هوندا؛ پر جنوني سوچن، وحشي سوچن، انسانيت جي ويري سوچن، نفرتن جي پالڻهار سوچن، تاريخ جي مختلف دورن ۾ لکين ماڻهو قتل ڪيا آهن؛ ۽ اها سوچ، سنڌين جي ڌرتيءَ تي، سنڌين منجهان، سنڌين جو اجتماعي قتل عام ڪرائڻ لاءِ ميدان تي سندرا ٻڌي، لٿي آهي؛ بس، ڪٿان، متاثر ڌر وٽان، اهڙو ڪو، سندن مرضيءَ موجب، ۽ منصوبن پٽاندڙ ردعمل ظاهر ٿي؛ پو ءِ اڳ ئي مهل ۽ موقعو تلاش ڪندڙ اهي جنوني ٽولا، پوري سنڌ کي اُلا اُلا آڳ بڻائي ڇڏيندا. سنڌين جي شعور پاران، اهڙا سانحا برپا ڪندڙ ٽولن سان فيصلائتي ويڙهه وڙهڻ لاءِ ڪا به تياري نه ڪرڻ ۽ جنونين کي اهي سمورا ڪِيسَ ڦٻڻ ڏيڻ، ۽ قهرن مٿان ٻيا قهر، بنا ڪنهن ساهيءَ جي ڪرڻ ڏيڻ مان اهو ئي ثابت ٿو ٿئي ته اسان قومي حيثيت ۾ مرڻينگ ٿي چڪا آهيون. سياسي حيثيت ۾به، ته قومي حيثيت ۾ به؛ معاشي طور به، ته سماجي حيثيت ۾ به، اسان بدتريءَ جي ان واٽ جا واهي آهيون، جتي مڪمل قومي تباهيءَ جي منزل اوس اچڻي آهي.

    اسان جا ”ساڃاهه وند“، سيني تي ڌڪ هڻي، اڪثر اسٽيجن تان ڪاڪڙي ڦاڙ رڙيون ڪري، پنهنجي پر ۾ دشمن کي للڪاري چوندا آهن: ”سنڌ، گدڙن ناهي کاڌي“؛ ڀلِ، سنڌ گدڙن نه به کاڌي هجي، ۽ متا اهو ممڪن ان ڪري به هجي ته گدڙ، پنهنجي فطرت ۾ ڊڄڻو، گيدي ۽ ڀاڙي ٿيندو آهي؛ پر سنڌ جي جديد تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سچ، اهو ئي ته سنڌ، بَگِهڙ َ کائي ويا آهن ۽ سنڌ، بگهڙ کائي رهيا آهن؛ ۽ اڃان به انهن جنوني بگهڙن کي بروقت نه دسيو ويو ته اهي سڀني سنڌين کي به کائي، ناس ڪري ڇڏيندا؛ انهيءَ ڪري اسان کي هاڻي وڌيڪ مفروضن جو شڪار ٿيڻ بدران، سنڌ جي، سنڌين جي، تڪڙي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ بروقت بنيادن تي ”سنڌي“ بڻجي اڳتي وڌڻو آهي؛ ۽ ان ۾ ئي اسان جي قومي وجود جي بقا ممڪن آهي.

    تاريخ نه بخشيندي خطائون تنهنجون ؛

    او قوم جڙيون سخت سزائون تنهنجون ؛

    مجهول آن، ماضيءَ جو مريض آهين تون ؛

    مقبول دعائون نه، دوائون تنهنجون.

    (استاد بخاري )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو