• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿورو ڌيان هيڏانهن به ڏسو

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ٿورو ڌيان هيڏانهن به ڏسو
*اکين جي چوڌاري نشان ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيل ٽي بيگ اکين تي رکو، ان لاءِ اهو طريقو استعمال ڪريو ته پهريان گرم ٽي بيگ ۽ هڪ منٽ بعد ٿڌو ٽي بيگ اکين تي رکو. اهو عمل ڪيترائي ڀيرا ورجايو، جيستائين نشان واضح طور تي هلڪا نه ٿي وڃن، توهان اهو طريقو روزانو استعمال ڪري سگهو ٿا.

*مٿي جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا چمچا ڏهي کڻي ان ۾ هڪ چمچو ليمي جو رس ملائي ان کي مٿي جي چمڙي تي مالش ڪريو، هڪ ڪلاڪ بعد وار ڌوئي ڇڏيو.

*جيڪڏهن توهان جي چمڙي تمام گهڻي سڻڀي (Oily) آهي ته هڪ چمچو ليمي جو رس کڻي برابر مقدار ۾ ماکي ملايو ۽ ان کي چڱيءَ ريت چهري تي مساج ڪريو. هڪ ڪلاڪ بعد چهرو ڌوئي ڇڏيو، اهو طريقو روزانو ورجايو.

*جيڪڏهن وار تمام گهڻا ڪري رهيا آهن ته هڪ چانهن جو چمچو ادرڪ جو رس، هڪ چمچو ڪسٽر آئل ۽ هڪ چمچو ڪوڪونٽ آئل مڪس ڪريو ۽ وار ڌوئڻ بعد هڪ ڪلاڪ پهريان مٿي جي چمڙي تي ان سان مساج ڪريو. ان کان علاوه وار ڌوئڻ لاءِ هربل يا پروٽين شيمپو استعمال ڪريو.

* جيڪڏهن وار سنها آهن ۽ گهٽ عمري سبب ڪري رهيا آهن ته روزانو آڱرين جي مدد سان مٿي جي چمڙي جو مساج ڪريو ته جيئن رت جو پريشر تيز ٿئي. پوءِ ڪجهه منٽن تائين وار کي برش ڪريو ۽ بادام جو تيل يا کوپري جي تيل سان مٿي تي مالش ڪريو، ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهٿن گرم پاڻي سان ڀڄايل ٽوال مٿي تي ويڙهيو ته جيئن وار تيزي سان وڌن.

* ننهن جي چوڌاري نشان ٿيڻ سبب ڪارا ٿي ويندا آهن، ان لاءِ وٽامن اي جو هڪ ڪيپسول وٺي ان کي ڌار ڪريو ۽ ان مان نڪرندڙ آئل سان متاثر هنڌن تي مالش ڪريو، روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ ان طريقي تي عمل ڪريو، ان بعد سوٽي دستانا پائي ڇڏيو ته جيئن آئل متاثر هنڌن تي لڳل رهي.

* چهري تي نشانن کان ڇوٽڪاري لاءِ ايلوويرا جيل رات جو سمهڻ کان اڳ چهري تي لڳايو ۽ سڄي رات لڳل رهڻ ڏيو، صبح جو اٿي ٿڌي پاڻي سان چهرو ڌوئي ڇڏيو.

* خشڪ چمڙي واريون عورتون فيس واش بدران ڪوڪونٽ مِلڪ استعمال ڪري سگهن ٿيون، ان سان چهرو چمڪدار نظر ايندو.
 
Back
Top