هيمون ڪالاڻي سانوڻ جي مند جي مينهن جا اوهيرا سنڌ تي وسائڻ لاءِ موسم سانباها پئي ڪري، جڏهن لـُڪون، جھولا ڌرتيءَ تي اڪرس ۽ ٻوسٽ جا سمئه برپا ڪندا آهن، تڏهن سانوڻ جو مندائتو مينهن ڪيئن! مارن کي ٻلهار ڪندو آهي، تنهن کي ڀلا ڪهڙي تشبيهه ۽ استعاري ۾ بيان ڪري سگھبو. سانوڻ خود هڪ تشبيهه ۽ شبيهه آهي، جنهن جي آسيس جي ڪيفيت مٽيءَ جي خوشبوءِ بڻجي ذهني حواسن تي پوندي آهي ۽ اسان آڏو فطرت جون نه وسهندڙ خوبصورتيون آشنا ٿينديون آهن. حياتيءَ ۽ موت جو سنگم پرٿوي جي وجود وٺڻ کان ٻٽ بڻيل آهي. انهن وچ ۾ ڪشمڪش ۽ جنگاڻ به اربها صدين تي محيط آهي، جنهن ۾ اڪثر موت هٿان زندگيون هارائينديون اچن ٿيون ۽ ڏسڻ، پڙهڻ لاءِ اهو به ملي ٿو ته ڪن زندگين موت کي شڪست ڏئي هميشه لاءِ جيئندان پئي ورتو آهي. ڏکڻ کان ڀرجي ايندڙ سانوڻيءَ جون ڪڪريون ولهار هيل به وسائينديون، ڪنوارين ڇاتين مان امالڪ محبت جا جذبا اٿلون کائي، کٿوري سمنڊ کي آڻي اکا به ڏيندا. وڻجارن جون وهون، اڀيون تڙ پوڄي! ساموندين جا سڙهه سنڀارينديون، ڪونجن جا ڪرلاڪ اتر ڏانهن اٿندي ٻڌيا ۽ ڪي منڊليون نيون مچنديون ۽ ڪي گذريل زماني جي يادن جون ڪرنشون ذهن اندر جھانورين اکين مان اوتجي من ڪوملتائن جي سمنڊ جا بند کولينديون. سنڌ جو ادب ۽ ان جا سرجيندڙ سانوڻي جي مينهن جي ڪڻين جهڙيون جيڪي لفظن جون مالهائون پوئين ٿا، سي ئي ته منهنجي ڏيهي ٻوليءَ کي جيئندان ڏين ٿيون. رتوديرو، جنهن جي صدوري مٽي سنڌ جي محبوب، ارڏي سورمي بشير خان قريشيءَ کي جنم ڏئي، جتي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اٿيل تحريڪن جي تاريخ کي نئين سر جيئاريو، اتي هن ئي شهر جي ٻين اهلِ عمل شخصيتن پنهنجي هڙان وڙان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي. ائين ئي هينئر جڏهن لکڻ لاءِ قلم کڻي ويٺو آهيان، ته سنڌ جي ادبي سمنڊ جي هڪ بندرگاهه جي پاتڻيءَ جا ترنم، لئه ۽ شائستگيءَ سان ڀرپور شاعراڻا ٻول ذهني ڪينواس تي تري اچي رهيا آهن ته: پاڻ پنهنجيءَ دل ۾ دلبر جو پتو ڳولهي لڌم زندگي گھارڻ جو سهڻو مشغلو ڳولهي لڌم منتشر ۽ ڇڙوڇڙ هو ڄڻ تصور تو سوا تنهنجي دامن ۾ سڄڻ هڪ سلسلو ڳولهي لڌم ۽ آءُ هيئن جي هيج مان پنهنجي ڏيهي ٻوليءَ جو دامن وسيع ڪندڙ هڪ ادبي پارکوءَ تي لکڻ ۽ لکڻ سان نڀاءُ ڪري سگھڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪري رهيو آهيان. لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي شائق، استاد، سماجواد ۽ ڏاهي قاضي عبدالحئي قائل جو نالو جيتوڻيڪ منهنجي ٽهيءَ ڪتابن ۽ سندس لکڻين جي بطور ٻڌو آهي، پر جهڙيءَ ريت هو پنهنجي ٻوليءَ جي ورجاءَ، سلوڻي ڪيفيتي اظهار سان مخاطب ٿئي ٿو، ائين ٿو ڀاسجي ته سندس سامعين اڄ جي ٽهي هجي. قاضي عبدالحئي قائل 17 ڊسمبر 1917ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي سخن ور مٽيءَ تي پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ٻاتا ٻول ٻوليا. سندس والد قاضي عبدالحق عبد ملازمت سانگي عارضي طور تي ٺلهه ضلعي جيڪب آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. قاضي عبدالحئي قائل پنهنجي ڳوٺ رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم بعد مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ 1933ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. هيءُ پنهنجي تر جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن ورنيڪيولر تائين تعليم حاصل ڪئي. قاضي عبدالحئي قائل 1935ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات داروغي جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ 1940ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو. استاد ٿيڻ باوجود به پنهنجي تعليم جاري رکي ايليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. اڳتي هلي ڊسمبر 1946ع ۾ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. 1958ع ۾ ڊرائنگ ٽيچرس جي ٽريننگ سانگھڙ مان ڪري 1965ع ڌاري ’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جي سند ورتائين. اهڙيءَ ريت هن محنت، قابليت ۽ سچائي ۽ خلوص سان ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيو. ’ قائل سرشاري‘ سندس شاعراڻو تخلص هو، پاڻ تعليم سان گڏوگڏ ادب، شاعري، صحافت، سماجي ڀلائي جي ميدانن ۾ اڳرو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد الله بخش سرشار عقيلي هو ۽ سندس نالي جي نسبت سان هو پاڻ کي ’قائل سرشاري‘ سڏرائيندو هو. ان سان گڏوگڏ عبدالڪريم گدائيءَ سان سندس گهرا تعلقات هئا ۽ گدائيءَ کان به پنهنجي ڪلام جي اصلاح ڪرائيندو هو. هن رتيديري شهر ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ادبي پروگرام توڙي هفتيوار ادبي ڪلاس ۽ عروض جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي هاڪارن اديبن کان ليڪچر ڪرائڻ ۾ سرگرم رهندو هو. قاضي عبدالحئي قائل ادبي سرگرمين ۾ اشاعتي حوالي سان رتيديري ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلي‘ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن اداري جي طرفان عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو ’وکريل موتي‘ ، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ’لهر لهر دريا‘ جا پهريان ٻه ڇاپا، سرڪش سنڌيءَ جي زندگيءَ جو پهريون ڪتاب ’ امن آب حيات‘، مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ’رت بنا رابيل‘ ۽ عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو ڪتاب ’مٽيءَ جا سر‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ان وقت سنڌي ادب لاءِ سندس اشاعتي خدمتون وڏي قيمت لهڻن. صحافتي ميدان ۾ سرانجام ڏنل سندس خدمتون به قابلِ تحسين آهن، هو هڪ متحرڪ ۽ بيباڪ صحافي هو، ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن لاءِ رتيديري شهر مان نمائندي جي حيثيت سان عملي ڪم ڪيائين. سندس شمار رتيديري پريس ڪلب جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ٻه ڀيرا پريس ڪلب رتيديري جو صدر به رهيو. سندس سر سنگيت سان پڻ گهرو لڳاءُ هوندو هو، وٽس گھر ۾ پنهنجو ذاتي هارمونيم پڻ هوندو هو. راڳ جي فن توڙي آلاپ مان به چڱو ڀلو واقف هو. هي ڪائناتي سچ آهي ته سجاڳ ۽ صحتمند ذهن فطرتي خوبين ۽ انساني ڀاونائن کي سرور ڏيندڙ شين جا شائق ٿيندا آهن. قائل جنهن طرز سان موسيقيءَ جي تندن تي ڇيڙيل آڱرين واري ٻوليءَ کي لفظن جو روپ ڏيئي ’ڪَلا ‘ سرجي، سا اڄ به سنڌي شاعراڻي ادب جي هونهار تخليقي ڪاوش آهي. پاڻ برجستو سماجواد هو، عشر زڪوات ڪاميٽي رتيديري جو ميمبر ٿيو، خاص طور تي بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سرگردان رهيو، اڳتي هلي کيس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، سندس چيئرمين شپ واري دور ۾ سندس ايمانداري، قابليت ۽ غريب پروريءَ جو قدر ڪندي عشر زڪوات جي وزارت پاران کيس حڪومت جي خرچ تي حج ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيائين ته: ”آءُ صاحبِ زڪوات آهيان، حڪومت جي پاران غريبن واري فنڊ جي پئسي مان حج ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن قدر به مناسب ناهي.“ جنهن کانپوءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي جون 1989ع ۾ حج جو فريضو ادا ڪيائين. سندس مٽيءَ مان لڌو ۽ حج دؤران 23 جولاءِ 1989ع ۾ مڪي شريف ۾ سندس روح جسد خاڪيءَ جي قيد مان آزاد ٿي، حقيقي وصال جي ويجو ٿيو، کيس مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى ۾ دفن ڪيو ويو. کيس چار فرزند قاضي خضر حيات، ناميارو شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات آهن، جيڪي سنڌي ادب توڙي آرٽ جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. سندس شخصيت، فن ۽ فڪر جي موضوع تي قاضي منظر حيات ’هڪ شخصيت هڪ ادارو‘ جي عنوان سان مونو گراف پڻ لکيو، جيڪو 1991ع ڌاري ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. قاضي عبدالحئي جي نالي سان سندس فرزند قاضي مقصود گل اپريل 1995ع ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول رتيديري‘ جو بنياد وڌو، ان اسڪول مان ڪيترن ئي نوجوانن تعليم پرائي آهي، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. اڄ پنجويهه سال گذرڻ کانپوءِ به اهو شخص پنهنجي ڪاوشن ڪري زندهه آهي. ان جي چشم دراز نظر عيوض سونهاري ٻوليءَ جي لولي شائسته آهي. لطيف به ته اهڙن شخصن لاءِ چيو آهي ته: اٿي چل چرين جيئن، سڱ سڀيئي ڇن، جي ڀائين پرين مڙان، ته مت منهنجي ڳن.
سائين اوهان سنڌ جي اهم شخصيت جي باري تمام بهترين معلومات شيئر ڪندا آهيو .مهرباني اسان جي به معلومات ۾ اضافو ٿيندو آهي